YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 12:40-14

يسعياہ 12:40-14 SB62

ڪنهن سمنڊ کي پنهنجي ٻڪ سان ماپيو آهي، ۽ آسمان کي گرانٺ سان ماپيو آهي، ۽ زمين جي مٽي ماڻ سان مئي آهي، ۽ ڪنهن جبلن کي ترازيءَ ۾، ۽ ٽڪرين کي ساهميءَ ۾ توريو آهي؟ ڪنهن خداوند جي روح جي هدايت ڪئي آهي، يا ان جو مشير ٿي کيس تعليم ڏني آهي؟ ڪنهن کان هن صلاح ورتي، ۽ ڪنهن هن کي تعليم ڏني، ۽ انصاف جي واٽ ۽ علم سيکاريو، ۽ کيس سمجهہ جو رستو ڏيکاريو؟