YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 24:11-27

عبرانين 24:11-27 SB62

ايمان ئي جي ڪري جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو، تڏهن فرعون جي ڌيءَ جي پٽ سڏجڻ کان انڪار ڪيائين؛ هن ڪري جو هن ٿوري وقت تائين گناهہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران، خدا جي اُمت سان ڏک سهڻ زيادہ پسند ڪيو؛ ۽ مسيح جي واسطي ذلت سهڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجهيائين: ڇالاءِ تہ جيڪو اجر ملڻو هوس، تنهن تي سندس نظر هئي. ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي.

Free Reading Plans and Devotionals related to عبرانين 24:11-27