YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 11

11
1هاڻي ايمان، جن شين جي اُميد اٿئون تن جو يقين، ۽ جيڪي نہ ڏٺو اٿئون تنهن جي ثابتي آهي. 2ڇالاءِ جو انهي جي ڪري بزرگن جي لاءِ الاهي شاهدي ڏني ويئي هئي. 3ايمان ئي جي ڪري اسين سمجهون ٿا تہ عالم خدا جي ڪلام سان جڙيو ۽ انهن شين مان جي ظاهري ڏسڻ ۾ نٿيون اچن. 4ايمان ئي جي ڪري هابل خدا وٽ قائن کان زيادہ عمدي قرباني چاڙهي، جنهنڪري هن جي راستباز هئڻ جي شاهدي ڏني ويئي، جو خدا هن جي نذرن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني: ۽ جيتوڻيڪ هو مري ويو تہ بہ ايمان ئي جي وسيلي اڃا ڳالهائي پيو. 5ايمان ئي جي ڪري حنوڪ مٿي کنيو ويو تہ موت نہ ڏسي؛ ۽ هن جو پتو ڪونہ پيو، ڇالاءِ جو خدا کڻي ورتس: هن ڪري جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳي سندس نسبت ۾ اها شاهدي ڏني ويئي، تہ هو خدا کي پسند آيو آهي. 6۽ ايمان کانسواءِ هن کي پسند اچڻ ناممڪن آهي: ڇالاءِ جو جيڪو خدا وٽ ٿو اچي، تنهن کي ايمان آڻڻ گهرجي تہ هو موجود آهي، ۽ جيڪي سندس طالب آهن، تن کي اجر ٿو ڏئي. 7ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي. 8ايمان جي ڪري جڏهن ابراهيم کي سڏ ٿيو، تڏهن حڪم مڃي انهي هنڌ ويو، جتي کيس ورثو ملڻو هو؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان، تہ بہ اُٿي روانو ٿيو. 9ايمان ئي جي ڪري هو واعدي مليل ملڪ ۾ اهڙيءَ طرح مسافر ٿي رهيو، جهڙيءَ طرح ڪو پرديس ۾ رهي، ۽ اسحاق ۽ يعقوب، جي انهي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، تن سوڌو تنبن ۾ رهڻ لڳو. 10ڇالاءِ جو هو انهي شهر جو اُميدوار هو جنهن جو بنياد پيل آهي، ۽ جنهن جو معمار ۽ اڏيندڙ خدا آهي. 11ايمان ئي جي ڪري سارہ پاڻ بہ ٻڍاپي ۾ حاملہ ٿيڻ جي طاقت حاصل ڪئي، سو هن ڪري جو هن واعدي ڪرڻ واري کي سچو سمجهيو: 12۽ انهي ڪري هڪڙو شخص جو تمام پيرسن هو، تنهن مان آسمان جي تارن جيترا، ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جيترا، بيشمار ماڻهو پيدا ٿيا.
13اهي سڄي عمر ايمان تي قائم هئا، ۽ جيتوڻيڪ واعدي جون شيون نہ ملين، مگر پري کان انهن کي ڏسي انهن جي مرحبا ڪيائون، ۽ قبول ڪيائون تہ اسين زمين تي پرديسي ۽ مسافر آهيون. 14ڇالاءِ جو جيڪي اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، سي ڏيکارين ٿا تہ اسين پنهنجي وطن جي ڳولا ۾ آهيون. 15۽ جنهن ملڪ مان هو نڪري آيا هئا، سو جيڪڏهن هو ياد ڪن ها، تہ جيڪر کين موٽي وڃڻ جو وجهہ ملي ها؛ 16پر هاڻي هو بهتر ملڪ يعني آسماني ملڪ جي لاءِ خواهشمند آهن: جنهنڪري خدا هنن جو، يعني سندن خدا سڏجڻ کان، شرمندو نٿو ٿئي: ڇالاءِ جو هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.
17ايمان ئي جي ڪري ابراهيم آزمائش وقت اسحاق کي قربان ڪيو: هائو، جنهن خوشيءَ سان واعدا قبول ڪيا، سو پنهنجي هڪڙي ئي پٽ کي قربان ڪرڻ تي هو؛ 18جنهن جي بابت چيو ويو تہ ”اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو.“ 19ڇالاءِ جو هن سمجهيو تہ خدا کي مُئلن مان جيارڻ جي قدرت آهي؛ ۽ مثال طرح انهن مان ئي هو کيس وري مليو. 20ايمان ئي جي ڪري اسحاق آئيندہ جي ڳالهين بابت يعقوب ۽ عيسوءَ کي برڪت ڏني. 21ايمان ئي جي ڪري يعقوب مرڻ وقت يوسف جي ٻنهي پٽن کي برڪت ڏني، ۽ پنهنجي لٺ تي ٽيڪ ڏيئي سجدو ڪيائين. 22ايمان ئي جي ڪري جڏهن يوسف مرڻ تي هو، تڏهن بني اسرائيل جي خروج جو ذڪر ڪيائين؛ ۽ پنهنجين هڏين بابت حڪم ڏنائين. 23ايمان ئي جي ڪري موسيٰ جي مائٽن سندس ڄمڻ کانپوءِ کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو، ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ ٻار خوبصورت آهي؛ ۽ هو بادشاهہ جي حڪم کان ڊنا ڪين. 24ايمان ئي جي ڪري جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو، تڏهن فرعون جي ڌيءَ جي پٽ سڏجڻ کان انڪار ڪيائين؛ 25هن ڪري جو هن ٿوري وقت تائين گناهہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران، خدا جي اُمت سان ڏک سهڻ زيادہ پسند ڪيو؛ 26۽ مسيح جي واسطي ذلت سهڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجهيائين: ڇالاءِ تہ جيڪو اجر ملڻو هوس، تنهن تي سندس نظر هئي. 27ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي. 28ايمان ئي جي ڪري هن فسح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇڻڪيائين، تان تہ پهريتن ٻارن جو برباد ڪندڙ کين هٿ نہ لائي. 29ايمان ئي جي ڪري هو ڳاڙهي سمنڊ مان ائين لنگهي ويا جيئن سُڪيءَ تان لنگهبو آهي: ۽ جڏهن مصرين بہ ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن ٻُڏي مُئا. 30ايمان ئي جي ڪري يريحو جون ديوارون جڏهن ست ڏينهن انهن جي چوڌاري ڦيرا ڏنائون، تڏهن ڪِري پيون. 31ايمان ئي جي ڪري راحب ڪسبياڻي نافرمانن سان گڏ برباد نہ ٿي، ڇالاءِ جو هن جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو. 32هاڻي وڌيڪ آئون ڇا چوان؟ جو فرصت ڪانہ اٿم تہ جدعون، باراق، سمسون ۽ يفتہ جو ذڪر ڪريان؛ يا دائود ۽ سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان؛ 33جن ايمان ئي جي ڪري بادشاهتون فتح ڪيون، راستبازيءَ جا ڪم ڪيا، واعدا حاصل ڪيا، شينهن جا وات بند ڪيا، 34باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون: 35زالن کي سندن مُئل جيئرا ٿي مليا، ۽ ٻيا عذاب سهندي مري ويا، پر ڇوٽڪارو قبول نہ ڪيائون؛ انهي لاءِ تہ انهن کي بهتر قيامت نصيب ٿئي. 36ٻين جي وري هن طرح آزمائش ٿي، جو مٿن کل ٺٺولي ڪيائون، کين چهبڪ هنيائون، بلڪ ٻيڙيون وجهي قيد ۾ بند ڪيائون: 37هو سنگسار ڪيا ويا، ڪرٽ سان چيريا ويا، آزمائش هيٺ آيا، ترار سان قتل ٿيا: هو رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي محتاجيءَ، مصيبت ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ گهُمندا رهيا. 38(دنيا انهن جي لائق نہ هئي)، هو بيابانن ۽ جبلن ۽ غارن ۽ زمين جي چرن ۾ رهيا. 39۽ جيتوڻيڪ انهن سڀني جي نسبت ۾ ايمان جي ڪري شاهدي ڏني ويئي هئي، تہ بہ واعدي واري نعمت حاصل ڪانہ ٿين، 40ڇالاءِ جو خدا اسان جي لاءِ اڳيئي بهتر بندوبست ڪري ڇڏيو هو، تہ هو اسان کانسواءِ ڪامل نہ ڪيا وڃن.

Currently Selected:

عبرانين 11: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in