گلتين 4
4
1پوءِ آئون چوان ٿو تہ جيستائين وارث نابالغ آهي، تيستائين اگرچہ هو سڀ جو مالڪ آهي، تہ بہ انهيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق ڪونهي؛ 2پر جيڪو ميعاد پيءُ مقرر ڪيو آهي، انهيءَ تائين هو سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس آهي. 3انهيءَ طرح اسين بہ جڏهن نابالغ هئاسين، تڏهن دنيا جي ابتدائي ڳالهين ۾ غلام ڪري رکيا وياسين؛ 4پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو، 5انهي لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت هئا تن کي آزاد ڪري، تہ اسين گود جا پٽ ٿيون. 6۽ جيئن تہ اوهين پٽ آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اسان جي دلين ۾ موڪليو، جو ابا يعني، اي بابا چئي ٿو پڪاري. 7تنهنڪري تون اڳتي غلام نہ آهين پر پٽ آهين؛ ۽ جيڪڏهن پٽ آهين تہ خدا جي وسيلي وارث بہ آهين.
8انهي هوندي بہ انهي وقت اوهين خدا کان ناواقف هئڻ ڪري انهن جي غلاميءَ ۾ رهيا، جي حقيقت ۾ خدا نہ هئا؛ 9يا هاڻي جڏهن اوهين خدا کان واقف ٿيا، بلڪ جڏهن خدا اوهان کي سڃاتو آهي، تڏهن وري انهن ضعيف ۽ ڪين جهڙين ابتدائي شين ڏانهن ڪيئن ٿا ڦرو، ۽ ڪيئن غلاميءَ ۾ رهڻ لاءِ وري خواهش ٿا ڪريو؟ 10اوهين ڏينهن ۽ مهينن ۽ خاص وقتن ۽ ورهين کي ٿا مڃو. 11مون کي اوهان جي نسبت ۾ اهو ڊپ ٿو ٿئي، تہ متان جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي، سا ڪنهن طرح اجائي ٿي وڃي.
12اي ڀائرو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، تہ جهڙو آئون آهيان تهڙا ٿيو، ڇالاءِ جو آئون بہ اهڙو آهيان جهڙا اوهين آهيو. اوهان مون کي ڪو اهنج ايذاءُ ڪونہ رسايو آهي: 13پر اوهين ڄاڻو ٿا تہ پهريون ڀيرو مون اوهان کي جسم جي هيڻائيءَ ۽ ڪمزوريءَ ڪري، خوشخبري ٻُڌائي هئي؛ 14۽ جيتوڻيڪ منهنجي جسماني حالت اوهان لاءِ هڪ آزار هو، تہ بہ اوهان نڪي مون کي حقير سمجهيو، نڪي ڌڪاريو؛ پر اوهان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ يسوع مسيح وانگر سمجهيو. 15تڏهن اُها اوهان جي خوشحالي ڪاڏي ويئي؟ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو شاهد آهيان تہ جي ائين ٿي سگهي ها تہ جيڪر اوهين پنهنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ها. 16تڏهن هاڻي اوهان کي سچ چوڻ ڪري آئون اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان ڇا؟ 17هو اوهان کي دوست ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر نيڪ نيتيءَ سان نہ؛ بلڪ هو اوهان کي ڌار ڪرڻ ٿا گهُرن تہ رڳو کين پيار ڪريو. 18هاڻي ڪنهن چڱي سبب ڪري ماڻهوءَ کي پيار ڪرڻ گهرجي ۽ نہ فقط منهنجي روبرو. 19اي منهنجا ٻار، اوهان جي ڪري مون کي وري ڄڻڻ جا سور لڳا آهن، جيسين ڪ اوهان ۾ مسيح جي صورت پيدا ٿئي! 20شل هاڻي آئون اوهان وٽ حاضر ٿي ٻيءَ طرح سان ڳالهايان؛ ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي نسبت ۾ ڏاڍو مونجهارو آهي.
21اوهين جي شريعت جي ماتحت رهڻ ٿا گهُرو، سي مون کي ٻُڌايو تہ اوهين شريعت نٿا ٻُڌو ڇا؟ 22ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ابراهيم کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙو ٻانهيءَ مان ۽ ٻيو آزاد مان. 23مگر ٻانهيءَ وارو پٽ جسمانيءَ طرح ڄائو هو، پر آزاد زال وارو پٽ واعدي جي ڪري ڄائو. 24انهن ڳالهين ۾ هڪڙو مثال آهي: ڇالاءِ جو اهي زالون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن؛ هڪڙو سينا جبل وارو، جنهنڪري غلام ئي پيدا ٿا ٿين، ۽ اُها آهي هاجرہ. 25هاڻي اها هاجرہ عرب جو سينا جبل آهي، ۽ هاڻوڪي يروشلم جي برابر آهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجن ٻارن سميت غلاميءَ ۾ آهي. 26پر يروشلم جو مٿي آهي سو آزاد آهي، ۽ اُها اسان جي ماءُ آهي. 27ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”اي سنڍ زال، تون جا ٻار نٿي ڄڻين، سا خوشيون ڪر؛ تون، جنهن کي ويم جي سورن جي خبر ڪانهي، سا وڏي آواز سان رڙيون ڪر؛ ڇالاءِ جو مڙس واريءَ زال کان نڌڻڪيءَ زال جا ٻار گهڻا آهن.“ 28هاڻي اي ڀائرو، اسين اسحاق وانگر واعدي جو اولاد آهيون. 29پر جيئن انهي وقت جسماني طرح پيدا ٿيل ٻار، روحاني طرح پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو؛ تيئن هاڻي بہ آهي. 30مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ: ڇالاءِ جو ٻانهيءَ جو پٽ آزاد جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو. 31تنهنڪري، اي ڀائرو، اسين ٻانهيءَ جا ٻار نہ آهيون، پر آزاد زال جا آهيون.
Currently Selected:
گلتين 4: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: