گلتين 3
3
1اي نادان گلتيو، هاڻي ڪنهن اوهان تي ڪامڻ وڌو؟ اوهان جي اکين اڳيان يسوع مسيح ظاهر ظهور صليب تي چاڙهيل ڏيکاريو ويو. 2آئون اوهان کان فقط ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گهُران، تہ پاڪ روح اوهان کي شريعت جي ڪمن ڪري مليو، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ ڪري؟ 3اوهين اهڙا نادان آهيو ڇا جو روح ۾ شروع ڪري، هاڻي جسم ٿا پڄاڻي ڪريو؟ 4اوهان هيتريون تڪليفون اجايون سَٺيون ڇا؟ بشرطيڪ اهي سچ پچ اجايون هيون. 5جيڪو اوهان کي روح ٿو بخشي، ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري، سو اوهان جي شريعت جي ڪمن سببان ائين ٿو ڪري، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ جي سببان؟
6هاڻي ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو ۽ اُهو هن جي لاءِ راستبازي ليکيو ويو.“ 7ائين ڄاڻو تہ جيڪي ايمان وارا آهن، اُهي ئي ابراهيم جو اولاد آهن. 8۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“ 9جيڪي ايمان وارا آهن، تن کي ايماندار ابراهيم سان گڏ برڪت ٿي ملي.
10ڇالاءِ تہ جيڪي بہ شريعت جي ڪمن تي يقين ٿا ڪن، سي سڀ لعنت هيٺ آهن؛ هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نٿو رهي، سو لعنتي آهي.“ 11هاڻي اِها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ شريعت جي ڪري ڪوبہ ماڻهو خدا جي نظر ۾ راستباز نٿو ٺهري؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”راستباز ايمان جي ڪري ئي جيئرو رهندو؛“ 12۽ شريعت جو ايمان سان ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر (لکيل آهي تہ) ”جيڪو انهي تي عمل ڪندو، سو انهي جي ڪري جيئرو رهندو.“ 13مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“ 14انهي لاءِ تہ مسيح يسوع ۾ ابراهيم جي برڪت غير قومن تي اچي؛ ۽ اسين ايمان جي وسيلي اهو روح جو انجام حاصل ڪريون.
15اي ڀائرو، آئون ماڻهن جي دستور موجب ٿو ڳالهايان، تہ جيتوڻيڪ اهو ڪنهن ماڻهو جو عهد هجي، تہ بہ جڏهن اُهو پڪو ڪيو ٿو وڃي، تڏهن ڪوبہ انهي کي رد نٿو ڪري، نڪي انهي ۾ ڪجهہ وڌائي ٿو سگهي. 16هاڻي ابراهيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا ويا. هو ائين نٿو چوي تہ ”نسلن سان“ جيئن گهڻن لاءِ چئبو آهي، پر جيئن هڪڙي لاءِ چئبو آهي تہ ”تنهنجي نسل سان“ ۽ اهو مسيح آهي. 17هاڻي آئون هيئن ٿو چوان، تہ جنهن عهد کي اڳيئي خدا پڪو ڪيو، تنهن کي شريعت، جا چار سؤ ٽيهن ورهين کانپوءِ آئي، سا رد ڪري نٿي سگهي تہ اُهو واعدو بي اثر ٿي وڃي. 18ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ميراث شريعت جي ڪري آهي، تہ اُها واعدي جي ڪري ناهي: پر خدا واعدي سان ئي اُها ابراهيم کي بخشي. 19تڏهن شريعت ڇا آهي؟ اُها پوءِ حڪمن ڀڃڻ ڪري ڳنڍي ويئي، جيسين ڪ اُهو نسل اچي، جنهن سان اُهو واعدو ڪيو ويو هو؛ ۽ اُها ملائڪن جي وسيلي هڪڙي درميانيءَ جي معرفت تيار ڪئي ويئي. 20هاڻي درمياني هڪڙيءَ ڌر جو نہ ٿيندو آهي؛ پر خدا هڪڙو آهي. 21تڏهن شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آهي ڇا؟ اصل ئي نہ، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪا اهڙي شريعت ڏني وڃي ها، جا زندگي بخشي سگهي ها، تہ جيڪر راستبازي شريعت جي وسيلي هجي ها. 22مگر پاڪ ڪتاب سڀ ڪجهہ گناهہ هيٺ بند ڪري رکيو آهي، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري اُهو واعدو ايمان وارن کي ملي.
23پر ايمان اچڻ کان اڳي اسين شريعت جي هيٺ بند هئاسين، ۽ جو ايمان پوءِ ظاهر ٿيڻو هو، تنهن لاءِ بند ڪري رکيا وياسين. 24تنهنڪري شريعت اسان کي مسيح تائين پهچائڻ لاءِ اسان جو اُستاد ٿي آهي، انهي لاءِ تہ ايمان جي ڪري اسين راستباز ٺهرايا وڃون. 25پر هاڻي جڏهن ايمان آيو آهي، تڏهن اڳتي اسين اُستاد جي حڪم هيٺ نہ آهيون. 26ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي مسيح يسوع ۾ ايمان رکڻ ڪري خدا جا ٻار آهيو. 27هن ڪري جو اوهان مان جيترن بہ مسيح ۾ شامل ٿيڻ جي بپتسما ورتي، تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو. 28پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو. 29۽ جي اوهين مسيح جا آهيو، تہ اوهين ابراهيم جو نسل آهيو، ۽ واعدي موجب وارث آهيو.
Currently Selected:
گلتين 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: