حزقي ايل 25
25
1۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، پنهنجو رخ بني عمون ڏانهن رک ۽ انهن جي برخلاف نبوت ڪر: 3۽ بني عمون کي چئُہ تہ خداوند خدا جو ڪلام ٻڌو؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن منهنجو پاڪ مڪان ناپاڪ ٿيو، ۽ جڏهن اسرائيل جي زمين ويران ڪئي ويئي، ۽ جڏهن يهوداہ جو گهراڻو قيد ٿي ويو، تڏهن اوهان خوشي ڪئي: 4تنهنڪري ڏس، آءٌ توکي اُڀرندي جي ماڻهن جي حوالي ڪندس تہ تون انهن جي ملڪيت ٿين، ۽ اُهي قوم ۾ منزلگاهہ ڪندا، ۽ تو ۾ پنهنجي رهڻ جون جايون جوڙيندا؛ هو تنهنجا ميوا کائيندا، ۽ تنهنجو کير پيئندا. 5۽ آءٌ ربہ کي اُٺن جي ويهڪ جي جاءِ ڪندس، ۽ بني عمون جي زمين کي ڌڻ جي ليٽڻ جي جاءِ ڪندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 6ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو تاڙيون وڄايون آهن، ۽ پير زمين تي ٺوڪيا آهن، ۽ اسرائيل جي ملڪ تي پنهنجي دل جي نهايت نفرت ڏيکارڻ سان خوشي ڪئي اٿيئي؛ 7تنهنڪري ڏس مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريو آهي، ۽ توکي لٽجڻ جي لاءِ قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ قومن مان توکي وڍي ڇڏيندس، ۽ توکي ملڪن کان ٻاهر ماري چٽ ڪري ڇڏيندس: آءٌ توکي ناس ڪندس؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان.
8خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ موآب ۽ شعير چون ٿا تہ ڏسو يهوداہ جو گهراڻو ٻين سڀني قومن جهڙو آهي. 9تنهنڪري ڏس، آءٌ موآب جو پاسو کوليندس يعني سندس سرحدن جي شهر کان بيٿ يسيموت، بعل معون، ۽ قريتائم تائين، جي ملڪ جو فخر آهن. 10انهي لاءِ تہ اُڀرندي جا رهاڪو موآب ۽ بني عمون تي ڪاهي وڃن؛ ۽ اُهي آءٌ هنن کي ملڪيت ڪري ڏيندس، تہ بني عمون قومن ۾ شمار نہ ڪيا وڃن. 11۽ آءٌ موآب تي فتويٰ تعميل ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
12خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم يهوداہ جي گهراڻي کان بدلو وٺڻ ۾ هن کي ڏاڍو رنج ڪيو آهي، ۽ انهن کان پنهنجو وير ورتو اٿس؛ 13تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ پنهنجو هٿ ادوم تي ڊگهيريندس، ۽ انهي مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيندس: ۽ آءٌ انهي کي تيمان کان وٺي اهڙو ويران ڪندس، جو ددان تائين اُهي ترار سان ڪِرندا. 14۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي هٿان ادوم کان پنهنجو وير وٺندس؛ ۽ اهي ادوم ۾ منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجي غصي موجب هلت ڪندا: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو منهنجو انتقام ڄاڻندا.
15خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ فلستين دشمنيءَ جي هلت ڪئي آهي، ۽ مدامي دشمني سان اُن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ، بلڪ دل جي نفرت سان وير ورتو اٿن. 16تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ فلستين تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪندس، ۽ ڪريتين کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سمنڊ جي ڪناري وارا باقي رهيل ماڻهو ناس ڪندس. 17۽ آءٌ سخت ملامتن سان هنن کان وير وٺندس، ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجو غضب هنن تي نازل ڪندس.
Currently Selected:
حزقي ايل 25: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: