حزقي ايل 24
24
1وري نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2اي آدمزاد، تون هنن ڏينهن جو نالو لک، يعني اڄوڪي ساڳئي ڏينهن جو: اڄوڪي ساڳي ڏينهن بابل جو بادشاهہ يروشلم کي رڙهي ويجهو ٿيندو. 3۽ اُنهي باغي گهراڻي کي هڪڙو مثال ڏيئي ٻڌاءِ، ۽ چئين تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ديڳ چاڙهہ ۽ انهي ۾ پاڻي ڀري ڇڏ. 4۽ هن جا ٽڪر گڏي انهي ۾ وجهہ، يعني سڀڪو چڱو ٽڪر، ران ۽ ڪلهو؛ انهي کي چونڊيل هڏن سان ڀر. 5ڌڻ مان بہ ڪي چونڊي هٿ ڪر، ۽ انهي جي هيٺان هڏين جو ڍير رک: پوءِ انهي کي خوب ڪاڙهہ، ڀلي تہ انهي جا هڏا انهي ۾ ڳري وڃن.
6انهي ڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ويل آهي انهي خوني شهر سان ۽ انهي ديڳ سان جنهن جو ڪٽ انهي ۾ آهي، ۽ جنهن جو ڪٽ انهي مان لاٿو نہ ويو آهي! ٽڪر ٽڪر ڪري انهي کي ٻاهر ڪڍ؛ انهي تي ڪو ڪُڻو نہ پيو آهي. 7ڇالاءِ جو ان جو رت ان جي وچ ۾ آهي، هن اُهو اُگهاڙي ٽڪر تي رکيو؛ هن اُهو زمين تي نہ هاري وڌو تہ مٽيءَ سان ڍڪجي وڃي. 8مون بہ هن جو رت اُگهاڙي ٽڪر تي رکيو آهي، انهي لاءِ تہ اُهو ڍڪجي نہ، تہ وير وٺڻ لاءِ ڪاوڙ کي چاڙهي اچي. 9تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي انهي خوني شهر سان! آءٌ بہ اُهو ڍڳ وڏو ڪندس. 10ڪاٺيون ڍير ڪريو، باهہ جو مچ ٻاريو، گوشت چڱيءَ طرح رڌيو، ۽ شوروو گهاٽو ڪريو، ۽ هڏيون ساڙي ڇڏيو. 11پوءِ انهي کي خالي ڪري ٽانڊن تي رکي ڇڏيو تہ اُها گرم رهي، ۽ ان جو پتل سڙي، ۽ ان جي گندگي ان ۾ پگهري وڃي، ۽ ڪٽ سڙي کپي وڃي. 12هن محنت سان پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي: انهي هوندي بہ سندس وڏو ڪٽ منجهانئس ڪين نڪتو آهي؛ هن جو ڪٽ باهہ سان نڪري نٿو وڃي. 13تنهنجي گندگيءَ ۾ شهوت پرستي آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون توکي صاف ۽ پاڪ ڪيو، تڏهن تون صاف نہ ٿئينءَ، سو اڳتي تون ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندينءَ، جيستائين آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊي نہ رهندس. 14مون خداوند فرمايو آهي: اهو ضرور ٿيندو، ۽ آءٌ ائين ڪندس؛ آءٌ پشيمان نہ ٿيندس؛ نڪي آءٌ گذر ڪندس، نڪي آءٌ ڦرندس؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تنهنجين راهن موافق هو تنهنجي عدالت ڪندا.
15هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 16اي آدمزاد، ڏس آءٌ هڪڙي ڌڪ سان توکان تنهنجين اکين جي پياري کسي ٿو وٺان: انهي هوندي بہ نہ تون ماتم ڪندين، نہ روئندين ۽ نہ ڳوڙها ڳاڙيندين. 17آهون ڀر، پر آهستي؛ مُئل جي لاءِ ماتم اصل نہ ڪر، پنهنجي مٿي تي پٽڪو ٻڌ ۽ پيرن ۾ جُتي پاءِ، ۽ پنهنجا چپ نہ ڍڪ، ۽ سوءَ جي ماني نہ کاءُ. 18سو صبح جو ماڻهن سان مون اها ڳالهہ ڪئي، ۽ شام جو منهنجي زال مري ويئي: ۽ جيئن حڪم مليو هوم تيئن صبح جو ڪيم. 19۽ ماڻهن مون کي چيو تہ تون اسان کي ٻڌائيندين يا نہ، تہ جيڪي تون ڪرين ٿو تنهن جو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ 20تڏهن مون هنن کي چيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 21اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا. 22۽ اوهين ائين ڪندا جيئن مون ڪيو آهي؛ اوهين پنهنجا چپ نہ ڍڪيندا ۽ نہ سوءَ جي ماني کائيندا. 23اوهان جا پٽڪا اوهانجن مٿن تي هوندا، ۽ اوهان جون جُتيون اوهانجن پيرن ۾ هونديون: اوهين نہ روئندا نہ رڙندا، پر اوهين پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ ڳري ويندا، ۽ هڪ ٻئي سان ڏک سور اوريندا. 24انهي طرح حزقي ايل اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو: جيئن هن ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪندا: جڏهن ائين ٿيندو تڏهن اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.
25۽ اي آدمزاد، تون ڏس، جنهن ڏينهن آءٌ هنن کان سندن طاقت، سندن وڏائي جي خوشي، سندن اکين جي خواهش، ۽ اُهي جي سندن دل گهُريا آهن، يعني سندن پٽ ۽ سندن ڌيئرون، سي کسي وٺندس، 26انهي ڏينهن ائين نہ ٿيندو ڇا تہ جيڪو ڀڄندو سو تو وٽ ايندو، ۽ اهو احوال تنهنجن ڪَنن ۾ بيان ڪندو. 27انهي ڏينهن جيڪو ڀڄي تو وٽ اچي، تنهن جي اڳيان پنهنجو وات پَٽج، ۽ ڳالهائج ۽ وڌيڪ گونگو نہ رهج؛ انهي طرح تون هنن جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندين، ۽ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
Currently Selected:
حزقي ايل 24: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: