YouVersion Logo
Search Icon

1 - ٿسلونيڪين 2

2
1ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان جو اوهان وٽ اچڻ اجايو ڪين ٿيو؛ 2پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي. 3ڇالاءِ جو اسان جي نصيحت گمراہ ڪندڙ ناهي؛ نڪي ناپاڪ يا ٺڳيءَ واري آهي: 4پر جيئن خدا اسان کي قبول ڪري، خوشخبري اسان جي حوالي ڪئي، تيئن اسين بہ بيان ٿا ڪريون؛ نہ ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پر خدا کي، جو اسان جي دلين جو آزمائڻ وارو آهي. 5ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛ 6جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوهان تي بار وجهي ٿي سگهياسين، پر تڏهن بہ اسان ماڻهن کان عزت ڪانہ گهُري. 7پر اسين اوهان منجهہ اهڙيءَ نرميءَ سان رهياسين، جهڙيءَ طرح ماءُ پنهنجن ٻارن کي پاليندي آهي. 8اهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي ڏاڍي سڪ هئي، تنهنڪري نہ فقط اوهان کي خدا جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، پر پنهنجو ساهہ بہ ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جو اوهين اسان کي ڏاڍا پيارا ٿي لڳا. 9ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهان کي اسان جي محبت ۽ مشقت ياد هوندي: جو اسان رات ڏينهن پورهيو ڪري اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي، تہ متان اوهان مان ڪنهن تي بوجو ٿي پئون. 10اوهين پاڻ شاهد آهيو ۽ خدا بہ تہ ڪهڙيءَ طرح ايمان وارن سان اسين پاڪ، ۽ راستباز ۽ بي عيب ٿي هلياسين: 11۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجن ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هرهڪ سان هلياسين؛ ۽ اوهان کي دلداري ڏيئي، اوهان کي همتايوسين ۽ نصيحت ڪئي سين؛ 12انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي لائق هلت چلت ڪريو؛ جو اوهان کي پنهنجيءَ بادشاهت ۽ جلال ۾ سڏي ٿو.
13۽ انهي سبب ڪري اسين بہ هميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي اسان کان خدا جو پيغام مليو، تڏهن اوهان اُهو ماڻهن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي، تيئن خدا جو ڪلام سمجهي قبول ڪيو، ۽ اُهو اوهان ايمان وارن تي اثر ٿو ڪري. 14ڇالاءِ جو اي ڀائرو، يسوع مسيح ۾ جيڪي خدا جون ڪليسيائون يهوديہ ۾ آهن، تن جا اوهين پوئلڳ ٿيا: هن ڪري جو اوهان بہ پنهنجن هم وطن ماڻهن کان ساڳيون اُهي تڪليفون سَٺيون، جي هنن يهودين کان سَٺيون؛ 15۽ جن خداوند يسوع کي توڙي نبين کي ماري وڌو، ۽ اسان کي بہ ستائي لوڌي ڪڍيائون، اُهي خدا کي نٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن؛ 16۽ اسان کي منع ٿا ڪن تہ غير قومن کي سندن نجات جي لاءِ ڪلام نہ ٻُڌايون؛ تہ ڀلي تہ هنن جي گناهن جا گهڙا هميشہ ڀرپور ٿيندا وڃن: پر انهن تي نهايت گهڻو غضب اچي ڪڙڪيو آهي.
17پر اي ڀائرو، جڏهن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ جسم جي ڪري، نہ دل جي ڪري، اوهان کان جدا ٿياسين، تڏهن ڏاڍي سڪ سان اوهان جي منهن ڏسڻ لاءِ نهايت گهڻي ڪوشش ڪئي سون. 18انهي لاءِ اسان، يعني مون پولس، تہ هڪ ٻہ دفعا اوهان وٽ اچڻ جي خواهش بہ ڪئي؛ پر شيطان اسان کي روڪيو. 19ڀلا اسان جي خداوند يسوع جي اڳيان سندس اچڻ وقت اُميد ۽ خوشي ۽ فخر جو تاج اوهين نہ ٿيندا تہ ٻيو ڪير ٿيندو؟ 20ڇالاءِ جو اوهين اسان جو جلال ۽ اسان جي خوشي آهيو.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in