1 - ٿسلونيڪين 1
1
1پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛ شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي.
2اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون؛ 3۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛ 4اي ڀائرو، خدا جا پيارا، اسان کي خبر آهي تہ اوهين چونڊيل آهيو، 5ڇالاءِ تہ اسان جي خوشخبري اوهان وٽ نہ فقط لفظن ۾ آهي، پر قدرت، ۽ پاڪ روح ۾ پوريءَ خاطريءَ سان آهي؛ جو خبر اٿوَ تہ اوهان جي خاطر اسين اوهان سان ڪيئن هلندا هئاسين. 6۽ اوهان پاڪ روح جي خوشيءَ سان گهڻيءَ مصيبت ۾ ڪلام قبول ڪري، اسان وانگر هلي، خداوند جي پيروي ڪئي؛ 7ايتري قدر جو مڪدونيہ ۽ اخيہ جي سڀني ايماندارن لاءِ اوهين نمونو ٿيا. 8ڇالاءِ جو اوهان جي ڪري نہ رڳو مڪدونيہ ۽ اخيہ ۾ خداوند جو ڪلام ڦهلجي ويو آهي، پر اوهان جو ايمان، جو خدا تي آهي، سو هر هنڌ مشهور ٿي ويو آهي؛ ايتري قدر جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجهہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي. 9ڇالاءِ جو هو پاڻ اسان جي نسبت ۾ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان وٽ اسان جو اچڻ ٿيو؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح اوهين بُتن کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦريا، تہ اُن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو، 10۽ سندس فرزند جي آسمان مان اچڻ جي انتظار ۾ رهو، جنهن کي هن مُئلن مان جياريو، يعني يسوع کي، جو اسان کي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.
Currently Selected:
1 - ٿسلونيڪين 1: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: