YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 13

13
1سائول جڏهن بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن ٽيهن ورهين جو هو: ۽ هن اسرائيل تي ٻہ ورهيہ بادشاهي ڪئي. 2۽ سائول پنهنجي لاءِ ٽي هزار ماڻهو اسرائيل مان چونڊي ڪڍيا؛ انهن مان ٻہ هزار سائول سان مڪماس ۾، ۽ بيت ايل جي جبل ۾ هئا، ۽ هڪ هزار يونتن سان بنيمين جي جبعہ ۾ هئا: ۽ ٻين سڀني ماڻهن کي هن موڪليو تہ هرڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي. 3۽ فلستين جي قلعي جي فوج، جا جبعہ ۾ هئي، تنهن کي يونتن ماريو، ۽ فلستين اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ سائول قرناءِ وڄارائي سڄي ملڪ ۾ پڌرائي ڪرائي، ۽ چوايو تہ ڀلي عبراني ٻڌن. 4۽ سڀني اسرائيلين اها خبر ٻڌي تہ سائول فلستين جي قلعي واري فوج کي ماريو آهي، ۽ اسرائيل ڏانهن فلستين کي نفرت آهي، ۽ ماڻهو سائول جي پٺيان جلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.
5۽ فلستي بہ اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ۽ ڇهہ هزار گهوڙي سوار، ۽ ايترا بيشمار ماڻهو، جهڙي واري جا سمنڊ جي ڪناري تي آهي: ۽ هو ڪاهي آيا، ۽ اچي مڪماس ۾، بيت آون جي اُڀرندي ڏانهن تنبو هنيائون. 6جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ڏاڍا تنگ اچي ٿيا آهيون (ڇالاءِ جو اُهي ماڻهو ڏاڍي تڪليف ۾ هئا) تڏهن هنن پاڻ کي غارن، ۽ گهاٽن جهنگن، ۽ ٽڪرن، ۽ ڏرن، ۽ کڏن ۾ لڪايو. 7هاڻي عبرانين مان ڪي يردن جي هن ڀر لنگهي جد ۽ جلعاد جي ملڪ ڏي ويا؛ پر سائول اڃا بہ جلجال ۾ هو، ۽ سڀيئي ماڻهو ڏڪندا هن جي پٺيان ويا.
8۽ جيڪو وقت سموئيل مقرر ڪيو هو، اُن موجب سائول ست ڏينهن ترسيو. پر سموئيل جلجال ۾ نہ آيو؛ ۽ ماڻهو هن کان ٽڙي پکڙي ويا. 9تڏهن سائول چيو تہ سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون مون وٽ کڻي اچو. ۽ هن سوختني قرباني چاڙهي. 10۽ جڏهن هو اُها سوختني قرباني چاڙهي رهيو، تہ اوچتو سموئيل اچي نڪتو؛ ۽ سائول هن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري ويو، تہ هن کي سلام ڪري. 11۽ سموئيل چيو تہ تو هي ڇا ڪيو آهي؟ تڏهن سائول چيو تہ مون ڏٺو تہ ماڻهو مون کان ٽڙي پکڙي ويا آهن، ۽ ٺهرايل ڏينهن جي اندر تون بہ ڪين آئين، ۽ فلستي بہ مڪماس ۾ اچي گڏ ٿيا؛ 12تنهنڪري مون چيو تہ هاڻي فلستي جلجال ۾ مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ نہ ڪئي آهي: تنهنڪري مون مجبور ٿي سوختني قرباني چاڙهي. 13۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي: تو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوري تعميل نہ ڪئي آهي: ڇالاءِ جو هاڻي خداوند تنهنجي بادشاهي اسرائيل تي هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ وارو هو. 14پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي: خداوند پنهنجي لاءِ پنهنجي دل جي پسنديءَ موجب هڪڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، ۽ خداوند انهي کي پنهنجي قوم تي سردار مقرر ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪو حڪم توکي خداوند ڏنو تنهن جي تو سنڀال نہ ڪئي.
15۽ سموئيل اُٿيو ۽ جلجال مان نڪري بنيمين جي جبعہ ۾ آيو، ۽ جيڪي ماڻهو سائول وٽ حاضر هئا تن جو هن شمار ڪيو تہ اٽڪل ڇهہ سؤ ماڻهو ٿيا. 16۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ جيڪي ماڻهو وٽن حاضر هئا سي بنيمين جي جبعہ ۾ رهي پيا: پر فلستي مڪماس ۾ منزل ڪيو رهيا پيا هئا، 17۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا فلستين جي لشڪرگاهہ مان ٽي ٽوليون ڪري نڪتا: هڪڙي ٽوليءَ اُنهي رستي ڏي رُخ رکيو جو عفراہ ڏي سعال جي زمين تائين ٿو وڃي: 18۽ ٻي ٽوليءَ ڦري بيت حورون جو رستو ورتو: ۽ ٽين ٽولي اُنهي سرحد واري رستي وڃڻ لڳي، جتان هيٺ ضبوعيم جي وادي، بيابان واري طرف، ڏسڻ ۾ پئي اچي.
19هاڻي اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ ڪو لوهار هٿ نٿي آيو: ڇالاءِ جو فلستين چيو تہ متان عبراني پنهنجي لاءِ تراريون يا ڀالا جوڙائين: 20پر سڀ اسرائيلي پنهنجا هر، ڦار، ڪهاڙا ۽ پنهنجون ڪوڏاريون فلستين وٽ وڃي تکا ڪرائيندا هئا؛ 21تڏهن بہ کين ڪوڏارين، ڦارن، ۽ ڏاندارين، ۽ ڪهاڙين ۽ پڻياٺين کي تکي ڪرڻ لاءِ ٽڪوري هوندي هئي. 22تنهنڪري سائول ۽ سندس پٽ يونتن کان سواءِ جنگ جي ڏينهن جيڪي ماڻهو سائول ۽ يونتن سان هئا، تن مان ڪنهن جي بہ هٿ ۾ ترار يا ڀالو نہ هو. 23۽ فلستين جي قلعي واري فوج نڪري مڪماس جي لڪ تي ويٺي.

Currently Selected:

1 - سموئيل 13: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in