1 - سموئيل 12
12
1۽ سموئيل سڀني اسرائيلين کي چيو تہ ڏسو، جيڪي اوهان مون کي چيو تنهن نسبت ۾ مون اوهان جي سڀ ڪا ڳالهہ مڃي، ۽ اوهان جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيم. 2۽ هاڻي ڏسو اُهو بادشاهہ اوهان جي اڳيان هلي ٿو: ۽ آءٌ ٻڍو آهيان، ۽ منهنجو مٿو اڇو ٿيو آهي؛ ۽ ڏسو، منهنجا پٽ اوهان سان آهن: ۽ آءٌ ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳيان پئي هليو آهيان. 3اِجهو آءٌ حاضر آهيان: خداوند جي اڳيان، ۽ سندس مسح ڪيل جي اڳيان، اوهين مون تي شاهدي ڏيو: مون ڪنهن جو ڏاند ورتو آهي؟ يا ڪنهن جو گڏهہ مون ورتو آهي؟ يا ڪنهن سان ٺڳي ڪئي اٿم، يا ڪنهن تي مون ظلم ڪيو آهي؟ يا ڪنهن جي هٿان مون رشوت وٺي انهي سان پنهنجون اکيون بند ڪيون آهن؟ تہ آءٌ اُها موٽائي اوهان کي ڏيان. 4تڏهن هنن چيو تہ تو اسان کي نڪي ٺڳيو آهي، نڪي اسان تي ڪو ظلم ڪيو آهي، نڪي تو ڪنهن ماڻهو جي هٿان ڪا شيءِ ورتي آهي. 5۽ هن چيو تہ خدا اوهان تي شاهد آهي، ۽ سندس مسح ڪيل اڄ شاهد آهي، تہ اوهان منهنجي هٿ ۾ ڪي ڪين لڌو آهي. ۽ هنن چيو تہ اهو شاهد آهي. 6۽ سموئيل ماڻهن کي چيو، تہ اهو خداوند آهي جنهن موسيٰ ۽ هارون کي مقرر ڪيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندائين. 7تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، تہ جيڪي نيڪيءَ جا ڪم خداوند اوهان سان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا، تن سڀني کي آءٌ خداوند جي اڳيان اوهان تي ثابت ڪريان. 8جڏهن يعقوب مصر ۾ آيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ انهن کي هن هنڌ آڻي وسايائين. 9پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ هن انهن کي حصور جي لشڪر جي سردار سيسرا جي هٿ، ۽ فلستين جي هٿ، ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، ۽ اُهي هنن سان وڙهيا. 10۽ هنن خداوند وٽ دانهن ڪئي، ۽ چيائون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو خداوند کي ڇڏي ڏنو اٿئون، ۽ بعليم، ۽ عستارات جي عبادت ڪئي اٿئون: پر هاڻي اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ، تہ تنهنجي عبادت ڪريون. 11۽ خداوند، يروبعل، ۽ بدان، ۽ افتاح، ۽ سموئيل موڪليا، ۽ اوهان کي سڀ ڪنهن پاسي اوهانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايائين، ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا. 12۽ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي ڪاهي آيو تڏهن اوهان مون کي چيو تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ ضرور بادشاهي ڪري: ۽ حقيقت ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو. 13تنهنڪري هاڻي اُهو بادشاهہ ڏسو، جنهن کي اوهان پسند ڪيو آهي، ۽ جو اوهان گهري ورتو آهي: ۽ ڏسو، خداوند هڪڙو بادشاهہ اوهان تي مقرر ڪيو آهي. 14جيڪڏهن اوهين خدا کان ڊڄندا، ۽ انهي جي عبادت ڪندا، ۽ اُنهي جو حڪم مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف باغي نہ ٿيندا، ۽ اوهين توڙي جيڪو بادشاهہ اوهان تي بادشاهي ڪري ٿو، ٻئي خداوند پنهنجي خدا جي پيروي ڪندا، تہ چڱو: 15پر جي اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف ٿيندا، تہ خداوند جو هٿ اوهان جي برخلاف ائين ٿيندو جيئن ڪ اوهان جي ابن ڏاڏن جي برخلاف هو. 16تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، ۽ هيءُ وڏو ڪم ڏسو جو خداوند اوهان جي اکين اڳيان ڪندو. 17اڄ ڪڻڪ جي فصل لهڻ جو ڏينهن نہ آهي ڇا؟ آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ گجگوڙ ۽ مينهن موڪلي؛ ۽ اوهين ڄاڻندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهرڻ ڪري اوهان خداوند جي نظر ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي. 18پوءِ سموئيل خداوند کي عرض ڪيو؛ ۽ خداوند انهي ڏينهن گجگوڙ ۽ مينهن موڪليو: ۽ سڀ ماڻهو خداوند کان ۽ سموئيل کان تمام گهڻو ڊنا. 19۽ سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ تون پنهنجن ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر، تہ اسين مري نہ وڃون؛ ڇالاءِ جو اسان پنهنجن اڳوڻن گناهن تي هيءَ خرابي بہ زيادہ ڪئي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهريو اٿئون. 20تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ: حقيقت ۾ هيءَ سڀ خرابي اوهان جي ڪيل آهي: انهيءَ هوندي بہ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان نہ ڦرو، پر پنهنجي سموري دل سان خداوند جي عبادت ڪريو؛ 21۽ گمراهہ ٿي نہ وڃو: نہ تہ اوهين اجاين ڳالهين جي پٺيان ويندا، جنهنڪري اوهان کي ڪوبہ فائدو يا ڇوٽڪارو نہ ملندو، ڇالاءِ جو اُهي سڀ اجايون آهن. 22۽ خداوند پنهنجي وڏي نالي جي سببان، پنهنجي قوم کي ڪين ڇڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند جي مرضي اها آهي تہ اوهان کي پنهنجي قوم ڪري. 23تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس. 24رڳو خداوند کان ڊڄو ۽ پنهنجي سڄي دل سان سچيءَ طرح سندس عبادت ڪريو: ڇالاءِ تہ ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪهڙا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن. 25پر جيڪڏهن اڃا بہ اوهين شرارت جهڙا ڪم ڪندا رهندا، تہ اوهين توڙي اوهان جو بادشاهہ ٻئي چٽ ٿي ويندا.
Currently Selected:
1 - سموئيل 12: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: