اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ ڪو اڃا تائين مون اھا شيءِ ھٿ ڪئي آھي. پر ھڪ ڳالھہ سو آءٌ ڪريان ٿو تہ جيڪي شيون پٺتي رھجي ويون آھن تن کي وساري، جيڪي اڳيان آھن تن ڏانھن زور لڳائيندو وڌندو پيو وڃان. سو آءٌ انھيءَ نشان ڏانھن ڪاھيندو ٿو وڃان، تہ جيئن اھو انعام کٽان جنھن لاءِ خدا مون کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي آسمان ڏانھن سڏيو آھي.