جيتوڻيڪ ھو بذاتِخود خدا ھو،
تہ بہ ھن خدا سان برابر ھئڻ جي درجي کي
زوريءَ پنھنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.
اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين،
۽ غلام جي صورت اختيار ڪري
انسانن جھڙو ٿي ويو.
انساني شڪل ۾ ظاھر ٿي ڪري
ھن پاڻ کي ھيٺاھون ڪيو،
۽ ايستائين فرمانبردار رھيو
جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.