1
اِفسين 12:6
Common Language New Testament
SCLNT
ڇالاءِجو اسان جي جنگ انسان سان نہ آھي. پر اسين ھن اونداھيءَ دنيا وارين طاقتن سان، اختياريءَ وارن سان، حاڪمن سان ۽ آسماني جاين وارن بڇڙن روحن جي لشڪرن سان وڙھون ٿا.
Compare
Explore اِفسين 6:12
2
اِفسين 18:6
پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.
Explore اِفسين 6:18
3
اِفسين 11:6
خدا جا سڀ ھٿيار ٻَڌو، تہ جيئن شيطان جي سازشن جو مقابلو ڪري سگھو.
Explore اِفسين 6:11
4
اِفسين 13:6
تنھنڪري خدا جا سڀ ھٿيار ٻڌو، تہ جيئن برائيءَ جي ڏينھن ۾ مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رھو.
Explore اِفسين 6:13
5
اِفسين 16:6-17
انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڍال کڻو، جنھن سان اوھين انھيءَ بدڪار يعني شيطان جا سڀ ٻرندڙ تير اُجھائي سگھو. ڇوٽڪاري جو لوھو ٽوپ ۽ پاڪ روح جي تلوار يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو.
Explore اِفسين 6:16-17
6
اِفسين 14:6-15
تہ پوءِ ثابت قدم رھو، سچ جو سندرو چيلھہ سان ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جي زرہ ڍڪيو. پنھنجي پيرن ۾ اھا جتي پائي تيار رھو، جنھن جي ڪري صلح جي خوشخبري ٻڌائي سگھو.
Explore اِفسين 6:14-15
7
اِفسين 10:6
مطلب تہ خداوند جا ھئڻ ڪري ۽ سندس قدرت جي زور جي ڪري زورآوار ٿيو.
Explore اِفسين 6:10
8
اِفسين 2:6-3
ھي پھريون حڪم آھي جنھن سان واعدو شامل آھي تہ ”پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن توھان جو ڀلو ٿئي، ۽ انھيءَ ملڪ ۾ اوھين وڏي عرصي تائين رھو.“
Explore اِفسين 6:2-3
9
اِفسين 1:6
اي ٻارؤ! خداوند جا ھئڻ ڪري پنھنجي ماءُپيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇوتہ ائين ڪرڻ واجب آھي.
Explore اِفسين 6:1
Home
Bible
Plans
Videos