مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انھيءَ سان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي. پر اٽلندو پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو. اوھين پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳايو ۽ پنھنجي دل سان خداوند جي ساراھہ ۾ ڳايو وڄايو. ھميشہ سڀني ڳالھين ۾ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي، خدا پيءُ جا شڪرانا بجاءِ آڻيندا رھو.