هنن کان اوتريون ئي سرون ٺهرائجو جيتريون هو هاڻي تائين ٺاهيندا رهيا آهن، انهيءَ ۾ اوهين ڪي بہ گھٽ نہ ڪجو. جيئن تہ هو نڪما آهن، تنهنڪري دانهون ڪري ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏ تہ وڃي پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريون.‘ اوهين هنن تي ڳرو ڪم رکو تہ هو مشغول رهن ۽ اجاين ڪوڙين ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏين.“