1
خروج 11:4-12
Sindhi Bible FB
SB
تنهن تي خداوند چيس تہ ”ماڻهوءَ کي وات ڪنهن ڏنو آهي؟ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ ڇا اهو آءٌ نہ ٿو ڪريان جيڪو خداوند آهيان؟ تنهنڪري هاڻي تون وڃ، آءٌ ڳالهائڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس. جيڪو ڪجھہ تو کي چوڻو هوندو سو آءٌ تو کي سيکاريندس.“
Compare
Explore خروج 4:11-12
2
خروج 10:4
تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ ”اي مالڪ! مون کي نہ موڪل. آءٌ ڳالهائڻ ۾ هوشيار نہ آهيان، نہ هن کان اڳي هئس ۽ نہ هاڻي، جڏهن کان تو پنهنجي ٻانهي سان ڳالهايو آهي، ڇاڪاڻ تہ منهنجي زبان ۾ ڍرائي آهي ۽ آءٌ ڳالهائڻ ۾ هٻڪندو آهيان.“
Explore خروج 4:10
3
خروج 14:4
انهيءَ تي خداوند موسيٰ تي تمام گھڻو ڪاوڙيو ۽ چيائينس تہ ”ڇا لاوي قبيلي جو هارون تنهنجو ڀاءُ نہ آهي؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگھي. ڏس، هو بہ تو سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي ۽ تو کي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو.
Explore خروج 4:14
Home
Bible
Plans
Videos