1
يسعياہ 15:49
Sindhi Bible NT
SB62
زال پنهنجي کير پياڪ ٻار کي اهڙو وساري ڇڏيندي ڇا جو پنهنجي پيٽ جي پٽ تي بہ رحم نہ اچيس؟ هائو، اُهي وساري بہ ڇڏين، پر آءٌ توکي ڪين وساريندس.
Compare
Explore يسعياہ 49:15
2
يسعياہ 16:49
ڏس، مون توکي پنهنجي هٿن جي ترين تي اُڪري ڇڏيو آهي؛ تنهنجي شهرِ پناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهي.
Explore يسعياہ 49:16
3
يسعياہ 25:49
پر خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ زور وارن جا قيدي بہ کسيا ويندا، ۽ زبردستن جو شڪار بہ ڇڏايو ويندو: ڇالاءِ تہ جيڪو تو سان وڙهي ٿو، تنهن سان آءٌ وڙهندس، ۽ آءٌ تنهنجن ٻارن کي بچائيندس.
Explore يسعياہ 49:25
4
يسعياہ 6:49
هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين.
Explore يسعياہ 49:6
5
يسعياہ 13:49
اي آسمانو ڳايو؛ اي زمين خوش ٿي، اي جبلو گيت ڳايو: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کي تسلي ڏني آهي، ۽ پنهنجي ڏکويلن تي رحم ڪندو.
Explore يسعياہ 49:13
Home
Bible
Plans
Videos