خداوند خدا تنهنجو ڪفارو ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو توکي فائدي جي تعليم ٿو ڏيان، جو توکي انهي رستي تي ٿو هلايان، جنهن تي توکي هلڻ گهرجي. شل تون منهنجا حڪم ٻڌين ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر تنهنجي سلامتي نديءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي راستبازي سمنڊ جي لهرن وانگي.