۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛ انهي لاءِ تہ پاڪ ٿيل ڪامل ٿي، خدمتگاريءَ جو ڪم ڪندا رهن، تہ مسيح جو بدن ترقي ڪري: جيسين ڪ اسين سڀ خدا جي فرزند جي ايمان ۽ علم ۾ يگانگي حاصل ڪري، ڪامل انسان بنجون، ۽ مسيح جي پوري قد تائين پهچون