1
1 - يوحنا 18:4
Sindhi Bible NT
SB62
پيار ۾ ڪوبہ ڊپ ڪونهي: بلڪ ڪامل پيار ڊپ ڪڍي ٿو ڇڏي. ڇالاءِ جو ڊپ سزا جي ڪري ٿو ٿئي؛ ۽ جيڪو ڊڄي ٿو سو پيار ۾ ڪامل نہ ٿيو آهي.
Compare
Explore 1 - يوحنا 4:18
2
1 - يوحنا 4:4
اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اوهين خدا جا آهيو، ۽ اُنهن تي غالب پيا آهيو؛ ڇالاءِ جو جيڪو اوهان ۾ آهي سو اُنهي کان وڏو آهي جو دنيا ۾ آهي.
Explore 1 - يوحنا 4:4
3
1 - يوحنا 19:4
اسين پيار انهي لاءِ ٿا ڪريون ڇالاءِ جو هن پهرين اسان کي پيار ڪيو.
Explore 1 - يوحنا 4:19
4
1 - يوحنا 7:4
اي پيارو، اچو تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون: ڇالاءِ جو پيار خدا جي طرفان آهي؛ ۽ جيڪو پيار ٿو ڪري سو خدا مان پيدا ٿيو آهي، ۽ خدا کي سڃاڻي ٿو.
Explore 1 - يوحنا 4:7
5
1 - يوحنا 8:4
جيڪو پيار نٿو ڪري سو خدا کي نٿو سڃاڻي؛ ڇالاءِ جو خدا پيار آهي.
Explore 1 - يوحنا 4:8
6
1 - يوحنا 10:4
پيار هن ۾ نہ آهي تہ اسان خدا کي پيار ڪيو، پر انهي ۾ آهي تہ هن اسان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي گناهن جي ڪفاري لاءِ پنهنجي فرزند کي موڪليائين.
Explore 1 - يوحنا 4:10
7
1 - يوحنا 11:4
اي پيارو، جڏهن خدا اسان کي اهڙو پيار ڪيو، تہ اسان کي بہ گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون.
Explore 1 - يوحنا 4:11
8
1 - يوحنا 9:4
خدا جو پيار، اسان منجهہ هن طرح ظاهر ٿيو جو خدا پنهنجو هڪڙو ئي فرزند دنيا ۾ موڪليو، تہ اسين انهي جي وسيلي جيئرا رهون.
Explore 1 - يوحنا 4:9
9
1 - يوحنا 20:4
جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون خدا کي پيار ٿو ڪريان ۽ پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو رکي، تہ اُهو ڪوڙو آهي؛ ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري جنهن کي هن ڏٺو آهي، سو خدا کي پيار ڪري ڪين سگهندو، جنهن کي هن ڏٺو ئي ڪينهي.
Explore 1 - يوحنا 4:20
10
1 - يوحنا 15:4
جيڪو قبول ڪندو تہ يسوع خدا جو فرزند آهي، تنهن ۾ خدا رهي ٿو، ۽ اهو خدا ۾ ٿو رهي.
Explore 1 - يوحنا 4:15
11
1 - يوحنا 21:4
۽ هن کان اسان کي هي حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا کي پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي ڀاءُ کي بہ پيار ڪري.
Explore 1 - يوحنا 4:21
12
1 - يوحنا 1:4-2
اي پيارو، سڀ ڪنهن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ خدا جي طرفان آهن يا نہ. ڇالاءِ جو گهڻا ئي ڪوڙا نبي دنيا ۾ نڪري پيا آهن. خدا جي روح کي اوهين هن طرح سڃاڻندا؛ جيڪو روح قبول ڪري تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو آهي، سو خدا جي طرفان آهي؛
Explore 1 - يوحنا 4:1-2
13
1 - يوحنا 3:4
۽ جيڪو روح يسوع کي نٿو مڃي، سو خدا جي طرفان ناهي. ۽ اهوئي مخالف مسيح جو روح آهي، جنهن جي بابت اوهان ٻُڌو آهي تہ اچڻ وارو آهي؛ بلڪ هاڻي ئي دنيا ۾ اچي چڪو آهي.
Explore 1 - يوحنا 4:3