1
متي 20:18
Common Language New Testament
SCLNT
ڇالاءِجو جتي بہ ٻہ يا ٽي منھنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انھن سان شامل آھيان.“
Vergelyk
Verken متي 18:20
2
متي 19:18
آءٌ اوھان کي اھو بہ ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھان مان ڪي بہ ٻہ گڏجي ھن زمين تي ڪنھن شيءِ لاءِ دعا گھرن ٿا تہ منھنجو آسمان وارو پيءُ اوھان لاءِ اھو ڪم ڪندو.
Verken متي 18:19
3
متي 2:18-3
تنھن تي عيسيٰ ھڪ ٻار کي سڏي انھن جي سامھون بيھاري چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اوھين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان واري بادشاھت ۾ ڪڏھن بہ داخل ٿي نہ سگھندا.
Verken متي 18:2-3
4
متي 4:18
آسمان واري بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو اُھو آھي جيڪو پاڻ کي ھن ٻار وانگر نماڻو ۽ نھٺو ٿو ڪري،
Verken متي 18:4
5
متي 5:18
۽ جيڪوبہ اھڙن ٻارن کي منھنجي ڪري قبول ٿو ڪري تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو.“
Verken متي 18:5
6
متي 18:18
”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي منع ڪندا تنھن جي بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي اجازت ڏيندا تنھن جي بھشت ۾ بہ اجازت ڏني ويندي.
Verken متي 18:18
7
متي 35:18
اھڙيءَ طرح منھنجو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان سان ڪندو، جيڪڏھن اوھين پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي سچيءَ دل سان نہ بخشيندءُ.“
Verken متي 18:35
8
متي 6:18
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ھي ننڍڙا جن جو مون تي ايمان آھي، تن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪڏھن ڪو گمراھہ ڪندو، تنھن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو تہ کيس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي.
Verken متي 18:6
9
متي 12:18
ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي سؤ رڍون ھجن ۽ انھن مان ھڪ وڃائجي وڃينس تہ ڇا ھو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن ھڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟
Verken متي 18:12