Chapa ya Youversion
Ikoni ya Utafutaji

رسولن جا ڪم 23

23
1پولس ڪائونسل ڏانھن چتائي نھاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنھنجي سڄي حياتي خدا جي حضور ۾ پوري نيڪ⁠نيتيءَ سان پئي گذاري آھي.“ 2تنھن تي وڏي سردار ڪاھن حنانياہ اتي بيٺل ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”پولس کي وات وارو ڌڪ ھڻو.“ 3#مت ۲۷‏:۲۳‎–۲۸ تڏھن پولس ھن کي چيو تہ ”خدا يقيناً تو کي بہ ڌڪ ھڻندو اي اندر ڪارا! ڇا تون منھنجو فيصلو شريعت موجب ٿو ڪرين؟ نہ، تون تہ شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين.“ 4تنھن تي جيڪي ماڻھو پولس جي ڀرسان بيٺا ھئا، تن چيس تہ ”تون خدا جي وڏي سردار ڪاھن کي گھٽ⁠وڌ ٿو ڳالھائين!“ 5#خر ۲۸‏:۲۲ پولس وراڻيو تہ ”ڀائرؤ! مون نہ ٿي ڄاتو تہ ھو ڪو وڏو سردار ڪاھن آھي. پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ’تون پنھنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.‘“
6 # رس ۵‏:۲۶، فل ۵‏:۳ جڏھن پولس ڏٺو تہ ڪائونسل ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آھن، تڏھن ھن ڪائونسل کي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آھيان. ھتي مون تي ڪيس ھلايو وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو منھنجو اھو يقين آھي تہ جيڪي مري ويا آھن سي وري جيئرا ٿي اٿندا.“ 7جنھن مھل ھن اھي لفظ چيا تہ فريسي ۽ صدوقي پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ لڳا ۽ ڪائونسل ٻن حصن ۾ ورھائجي ويئي. 8#مت ۲۳‏:۲۲، مر ۱۸‏:۱۲، لو ۲۷‏:۲۰ ڇالاءِ⁠جو صدوقي نہ ملائڪن کي ٿا مڃين، نڪي روحن کي ۽ نہ ئي وري جيئري ٿيڻ کي. پر فريسي اھي سڀ ڳالھيون مڃين ٿا. 9گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين جي پارٽيءَ مان ھئا، سي اٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين ھن شخص ۾ ڪوبہ ڏوھہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏھن ڪنھن روح يا ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو ھوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“ 10جڏھن جھيڙو وڌي ويو تڏھن ڪپتان کي اچي خوف ورتو تہ متان ماڻھو پولس کي ماري ٽڪرا ٽڪرا نہ ڪري ڇڏين. سو سپاھين کي حڪم ڏنائين تہ ”وڃي گوڙ مان کيس زوريءَ وٺي قلعي ۾ آڻيو.“
11جڏھن رات ٿي تڏھن خداوند اچي پولس جي ڀرسان بيٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر، جيئن تو يروشلم ۾ منھنجي لاءِ شاھدي ڏني آھي تيئن روم ۾ بہ تو کي منھنجي لاءِ شاھدي ڏيڻي پوندي.“
پولس کي مارڻ جي سازش
12ٻئي ڏينھن صبح جو ڪي يھودي اچي گڏ ٿيا ۽ ھڪ سازش سٽيائون. انھن قسم کڻي واعدو ڪيو تہ تيستائين ھو ڪابہ شيءِ نہ کائيندا ۽ ڪجھہ بہ نہ پيئندا، جيستائين پولس کي نہ مارين. 13اھي چاليھن کان بہ گھڻا ھئا جن گڏجي اھا سازش سٽي ھئي. 14پوءِ اھي سردار ڪاھنن ۽ بزرگن وٽ ويا ۽ چيائون تہ ”اسان گڏجي قسم کنيو آھي تہ ايستائين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسون، جيستائين پولس کي نہ ماريون. 15سو ھاڻي اوھين ڪائونسل وارن سان گڏجي بھانو ڪري ڪپتان کي عرض ڪريو تہ ھو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوھان وٽ موڪلي، پوءِ ھو اوھان وٽ پھچندو ئي ڪين تہ اسان کيس ماري وجھنداسون.“ 16پر پولس جي ڀاڻيجي جڏھن انھيءَ سازش بابت ٻڌو، تڏھن قلعي ۾ اچي پولس کي اھا ڳالھہ ٻڌايائين. 17تنھن تي پولس صوبيدارن مان ھڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي عرض ڪيو تہ ”ھن جوان کي ڪپتان وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجھہ چوڻو آھي.“ 18اھو صوبيدار انھيءَ جوان کي ڪپتان وٽ وٺي ويو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”قيديءَ پولس مون کي سڏ ڪري عرض ڪيو تہ ھن جوان کي اوھان وٽ وٺي اچان، جو کيس اوھان سان ڪجھہ ڳالھائڻو آھي.“ 19ڪپتان انھيءَ جوان کي ھٿ کان وٺي پاسي تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو ۽ پڇيائينس تہ ”تو کي مون سان ڇا ڳالھائڻو آھي؟“ 20تنھن تي ھن چيو تہ ”يھودين پاڻ ۾ سازش سٽي آھي تہ اوھان کي عرض ڪن تہ سڀاڻي پولس کي ڪائونسل ۾ وٺي اچو، ڄڻ تہ ان بابت کين وڌيڪ صحيح جاچ ڪرڻي آھي. 21پر اوھين سندن چيو نہ مڃجو، ڇالاءِ⁠جو يھودين جا چاليھن کان بہ وڌيڪ ماڻھو رستي تي لڪا ويٺا آھن، جن قسم کنيو آھي تہ جيسين ھو پولس کي نہ ماريندا تيسين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو ھو ھاڻي سنبريا ويٺا آھن، رڳو تنھنجي فيصلي جو انتظار اٿن.“ 22تنھن تي ڪپتان چيس تہ ”اھي ڳالھيون تون ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجانءِ، جيڪي مون کي ٻڌايون اٿيئي.“ پوءِ جوان کي موڪل ڏيئي ڇڏيائين.
پولس کي گورنر فِيلِڪس وٽ موڪلڻ
23پوءِ ڪپتان ٻن صوبيدارن کي پاڻ وٽ گھرائي حڪم ڏنو تہ ”ٻہ ⁠سؤ سپاھي، ستر گھوڙيسوار ۽ ٻہ ⁠سؤ نيزي⁠بردار تيار ڪريو تہ ھو رات جو ھڪ پھر گذرڻ کان پوءِ قيصريہ ڏانھن وڃن.“ 24کين ھي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن ھن کي گورنر فِيلِڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“ 25پوءِ ڪپتان کين ھي خط لکي ڏنو تہ
26”جناب گورنر فِيلِڪس صاحب بھادر!
بعد سلامن جي ڪلوديس لوسياس لکي ٿو تہ 27ھن ماڻھوءَ کي يھودين پڪڙيو ھو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي ھيس جو آءٌ سپاھين کي وٺي وڃي اتي پھتس ۽ يھودين کان بچايومانس، ڇالاءِ⁠جو مون کي خبر پئجي ويئي تہ ھو رومي آھي. 28آءٌ کيس انھن جي وڏي ڪائونسل ۾ وٺي آيس تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اھي مٿس ڪھڙو ڏوھہ ٿا مڙھين. 29پوءِ مون کي خبر پيئي تہ يھودين پنھنجي شريعت جي ئي ڳالھين ڪري ھن تي تھمت ھنئي آھي. پر ھن تي ڪو اھڙو الزام نہ ھنيو اٿن جو کيس موت يا قيد جي سزا ڏجي. 30جڏھن مون کي معلوم ٿيو تہ ھن ماڻھوءَ جي خلاف ھڪ سازش سٽي ويئي آھي، تڏھن کيس ھڪدم اوھان ڏانھن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏھن انھن کي ھن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آھي تہ اوھان وٽ اچي چون.“
31پوءِ جيئن سپاھين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن ئي اھي پولس کي راتوواھہ انتپطرس ۾ وٺي آيا. 32ٻئي ڏينھن تي پيادا سپاھي قلعي ڏانھن موٽي ويا ۽ گھوڙيسوارن کي اتي ڇڏيائون تہ ھو ساڻس گڏجي وڃن. 33انھن قيصريہ ۾ پھچي گورنر کي خط ڏنو ۽ پولس کي بہ سندس حوالي ڪيائون. 34گورنر خط پڙھيو ۽ پولس کان پڇيائين تہ ”تون ڪھڙي علائقي جو رھاڪو آھين؟“ جڏھن کيس خبر پيئي تہ ھو ڪلڪيا جو رھاڪو آھي، 35تڏھن چيائينس تہ ”آءٌ تنھنجو بيان انھيءَ مھل وٺندس، جڏھن تنھنجا مخالف پھچندا.“ پوءِ ھن حڪم ڏنو تہ ”پولس کي #گورنر جي محلات: ھي محلات دراصل ھيروديس بادشاھہ پنھنجي لاءِ ٺھرايو ھو، پر پوءِ رومي حڪومت ان کي قبضي ۾ آڻي پنھنجو صدر دفتر بڻائي ڇڏيو.گورنر جي محلات ۾ پھري ھيٺ رکو.“

Kuonyesha

Shirikisha

Nakili

None

Je, ungependa vivutio vyako vihifadhiwe kwenye vifaa vyako vyote? Jisajili au ingia

Video ya رسولن جا ڪم 23