رسولن جا ڪم 22
22
1”اي ڀائرو ۽ بزرگو! ٻڌو، ھاڻي آءٌ اوھان کي پنھنجي بچاءَ ۾ ڪجھہ ٻڌايان ٿو.“ 2جڏھن انھن کيس عبرانيءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو تہ وڌيڪ خاموش ٿي ويا ۽ پولس پنھنجو بيان جاري رکندي چيو تہ 3#رس ۳۴:۵–۳۹ ”آءٌ ھڪ يھودي آھيان، جو ڪلڪيا جي شھر ترسس ۾ پيدا ٿيس ۽ ھتي يروشلم ۾ وڏو ٿيس. مون گمليايل وٽان علم حاصل ڪيو. ھن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آھيو تھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھوندو ھوس. 4#رس ۳:۸، ۹:۲۶–۱۱ انھيءَ ڪري مون عيسيٰ مسيح جي طريقي وارن ڪيترن مردن ۽ عورتن کي ٻڌرائي، جيلن ۾ وجھرائي ۽ مارائي بہ ڇڏيو ھو. 5وڏو سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل ھن ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي سگھن ٿا تہ آءٌ سچ ٿو ڳالھايان. انھن ئي مون کي دمشق جي يھودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانھن روانو ٿيس تہ جيئن اتي وارن کي بہ ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“
پولس جو پنھنجي تبديليءَ بابت ٻڌائڻ
(رسولن جا ڪم ۱:۹–۱۹، ۱۲:۲۶–۱۸)
6”جڏھن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏھن ٻنپھرن ڌاري اوچتو ئي اوچتو آسمان مان ھڪڙي تجليدار روشني منھنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي. 7آءٌ انھيءَ دم زمين تي ڪري پيس ۽ ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘ 8تنھن تي مون جواب ڏنو تہ ’اي خداوند! تون ڪير آھين؟‘ ھن مون کي چيو تہ ’آءٌ عيسيٰ ناصري آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو.‘ 9جيڪي ماڻھو مون سان گڏ ھئا تن اھا روشني تہ ڏٺي، پر جنھن مون سان ڳالھايو ٿي، تنھن جو آواز ڪونہ ٻڌائون. 10مون پڇيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنھن تي خداوند مون کي چيو تہ ’اٿي دمشق ۾ وڃ، اتي تو کي اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو خدا تنھنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آھي.‘ 11آءٌ انھيءَ روشنيءَ جي تجليءَ جي ڪري انڌو ٿي پيس، سو منھنجا سنگتي ساٿي مون کي ھٿ کان وٺي دمشق ۾ آيا.
12اتي حنانياہ نالي ھڪڙو ماڻھو ھو، جيڪو دمشق جي سڀني يھودين ۾ معتبر ۽ شريعت موجب ديندار ھو. 13ھو مون وٽ آيو ۽ ڀرسان بيھي چيائين تہ ’ادا شائول! ديد وٺ.‘ انھيءَ دم مون کي وري ديد ملي ويئي ۽ مون کيس ڏٺو. 14پوءِ ھن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا تو کي ھن لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ تو کي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪھڙي آھي ۽ انھيءَ سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالھائيندي ٻڌين. 15ڇالاءِجو جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، تنھن بابت تون سڀني ماڻھن جي اڳيان سندس شاھد ٿيندين. 16ھاڻي دير نہ ڪر. اٿي ۽ سندس نالي دعا گھُري بپتسما وٺ تہ تنھنجا گناھہ ڌوپي وڃن.‘
17پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏھن ھيڪل ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون کي ھڪ رويا ڏسڻ ۾ آئي، 18جنھن ۾ مون خداوند کي ڏٺو، جيڪو مون کي چئي رھيو ھو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان نڪري وڃ. ڇالاءِجو ماڻھو منھنجي بابت تنھنجي شاھدي قبول نہ ڪندا.‘ 19تنھن تي مون وراڻيو تہ ’اي خداوند! خود ھنن کي خبر آھي تہ جيڪي تو تي ايمان آڻيندا ھئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يھودي عبادتخانن ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ مار ڏياريندو ھوس. 20#رس ۵۸:۷ جنھن وقت تنھنجي شھيد استيفنس جو رت ٿي وھايو ويو، تنھن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو ھوس ۽ انھيءَ ڳالھہ ۾ راضي ھوس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘ 21پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’ھتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِجو آءٌ تو کي غير قومن ڏانھن پري پري موڪليندس.‘“
22ايستائين ھو پولس جي ڳالھہ ٻڌندا رھيا ۽ پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو، ڇالاءِجو اھڙو ماڻھو دنيا ۾ رھڻ جي لائق نہ آھي.“ 23جڏھن ھو واڪا ڪرڻ، ڪپڙا اڇلائڻ ۽ ڌوڙ اڏائڻ لڳا، 24تڏھن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”ھن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چھبڪ ھڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اھي ڇو ھن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“ 25جڏھن اھي کيس چھبڪن ھڻڻ لاءِ ٻڌي چڪا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوھان لاءِ اھو جائز آھي جو اوھين ھڪ روميءَ کي چھبڪ ھڻايو، جيتوڻيڪ ھن جو ڪوبہ ڏوھہ نہ آھي؟“ 26جڏھن صوبيدار ھي ٻڌو تہ ھو سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوھين ھي ڇا ڪري رھيا آھيو؟ ھي ماڻھو تہ رومي آھي.“ 27تنھن تي ڪپتان پولس وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”سچ ٻڌاءِ تون رومي آھين ڇا؟“ پولس جواب ڏنو تہ ”ھائو.“ 28تنھن تي ڪپتان چيس تہ ”مون تہ تمام وڏي رقم ڏيئي رومي ٿيڻ جا حق حاصل ڪيا آھن.“ پر پولس چيس تہ ”آءٌ تہ ڄائي ڄم کان رومي آھيان.“ 29پوءِ جيڪي پولس جو زباني بيان وٺڻ آيا ھئا، سي کيس ھڪدم ڇڏي پري ٿي بيٺا. ڪپتان کي بہ جڏھن اھا خبر پيئي تہ ھو رومي آھي تہ ھو ڏاڍو ڊڄي ويو جو ھن کيس زنجيرن ۾ ٻڌرايو ھو.
پولس ڪائونسل جي اڳيان
30ڪپتان جي مرضي ھئي تہ ھو ڏسي پڪ ڪري تہ يھودي پولس تي ڪھڙا الزام ھڻن ٿا. سو ھن ٻئي ڏينھن تي پولس جون ھٿڪڙيون لھرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ ھن پولس کي وٺي انھن جي اڳيان آڻي بيھاريو.
Iliyochaguliwa sasa
رسولن جا ڪم 22: SCLNT
Kuonyesha
Shirikisha
Nakili

Je, ungependa vivutio vyako vihifadhiwe kwenye vifaa vyako vyote? Jisajili au ingia
© 2009 Pakistan Bible Society