Chapa ya Youversion
Ikoni ya Utafutaji

رسولن جا ڪم 16

16
تيمٿيس جو پولس ۽ سيلاس سان وڃڻ
1پولس دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانھن بہ ويو. اتي تيمٿيس نالي ھڪڙو شاگرد رھندو ھو، جنھن جي ماءُ يھودڻ ھئي ۽ ايمان آندو ھئائين. پر تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو. 2لسترا ۽ اِڪونيم جا ڀائر تيمٿيس جي ساراھہ ڪندا ھئا. 3پولس جي مرضي ھئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلي، تنھنڪري ھن سندس طھر ڪرايو. ھن اھو انھيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رھندڙ سڀني يھودين کي خبر ھئي تہ تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو. 4ھو جن جن شھرن مان لنگھندا ويا، تن ۾ اھي حڪم ٻڌائيندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا ويا، جيڪي يروشلم ۾ رسولن ۽ بزرگن ڏنا ھئا. 5سو ڪليسيائون روزبروز ايمان ۾ مضبوط ٿينديون ۽ تعداد ۾ وڌنديون ويون.
تروآس ۾ پولس جو رويا ڏسڻ
6ھو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان لنگھي ويا، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح ھنن کي ايشيا پرڳڻي ۾ ڪلام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي ھئي. 7جڏھن موسيا جي سامھون آيا تڏھن ڪوشش ڪيائون تہ بٿونيا ۾ وڃون، پر عيسيٰ جي روح کين وڃڻ نہ ڏنو. 8تنھنڪري اھي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس ۾ آيا. 9اتي رات جو پولس ھڪڙي رويا ڏٺي تہ مڪدونيا جو ھڪڙو ماڻھو بيھي منٿ ڪري چوي پيو تہ ”سائين! مڪدونيا ۾ اچي اسان جي مدد ڪريو.“ 10پولس جي رويا ڏسڻ شرط #اسان: ھن ڪتاب ۾ استعمال ٿيل لفظ ’اسان‘ مان مراد غالبًا اھا ورتي وڃي ٿي تہ ”رسولن جا ڪم“ جو مصنف لوقا بہ ان وقت پولس رسول سان گڏ ھو.اسان ھڪدم مڪدونيا ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇالاءِ⁠جو اسان سمجھيو تہ خدا ھنن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ اسان کي گھرايو آھي.
فلپي شھر ۾ لديا جو ايمان آڻڻ
11تروآس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي اسين سڌا سموتراڪيءَ ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن نياپلس ۾ پھتاسون. 12اتي جھاز مان لھي وري فلپيءَ ۾ آياسين جو مڪدونيا ۾ آھي ۽ انھيءَ علائقي جو مکيہ شھر آھي. اھو شھر رومي بيٺڪ بہ آھي. اسين اتي ڪي ڏينھن ترسي پياسين. 13سبت جي ڏينھن اسين شھر جي دروازي کان ٻاھر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جتي اسان سمجھيو تہ عبادت ڪرڻ جي جاءِ ھوندي. اتي جيڪي عورتون اچي گڏ ٿيون ھيون تن سان ويھي گفتگو ڪرڻ لڳاسين. 14انھن عورتن ۾ ٿواتيرہ شھر جي لديا نالي ھڪ خدا ترس عورت بہ ھئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي ھئي. خدا ھن جي دل کولي ۽ ھن پولس جون ڳالھيون ڌيان سان ٻڌيون. 15سو جڏھن انھيءَ عورت ۽ سندس گھر جي ڀاتين بپتسما ورتي، تڏھن اسان کي منٿون ڪري چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏھن اوھين مون کي خدا جي سچي ايمان واري ڪري ٿا سمجھو تہ مھرباني ڪري منھنجي گھر ھلي رھو.“ سو ھوءَ زور ڀري اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويئي.
فلپيءَ جي جيل ۾
16ھڪڙي ڏينھن جيئن اسين عبادت ڪرڻ واري جاءِ ڏانھن پئي وياسين تہ اسان ھڪڙي ٻانھي ڇوڪري ڏٺي جنھن ۾ غيب ڄاڻيندڙ ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ اڳڪٿيون ڪندي ھئي ۽ ماڻھن کي سندن قسمت ٻڌائي پنھنجي مالڪن کي ڪيترائي پيسا ڪمائي ڏيندي ھئي. 17ھوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي تہ ”ھي ماڻھو خدا تعاليٰ جا ٻانھا آھن، جيڪي اوھان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“ 18ڪيترن ئي ڏينھن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو ھن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ ھن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انھيءَ ئي مھل ڇوڪريءَ کي ڇڏي ھليو ويو. 19پر جڏھن ڇوڪريءَ جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏھن ھنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين رومي عملدارن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ شھر جي چونڪ تي گھلي وٺي ويا. 20کين عملدارن وٽ آڻي مٿن شاھدي ڏنائون تہ ”سائين! ھي ماڻھو جيڪي يھودي آھن، تن اسان جي شھر ۾ کڻي گوڙ مچايو آھي، 21۽ اھڙيون رسمون ڪڍيون اٿن جي اسان رومين کي قبول ڪرڻ ۽ انھن تي ھلڻ جائز نہ آھي.“ 22تنھن تي خلق اچي گڏ ٿي ۽ انھن شاھدن جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳي. عملدارن حڪم ڏنو تہ ”ھنن جا ڪپڙا ڦاڙي لاھيو ۽ کين جسم تي چھبڪ ھڻو.“ 23گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنائون تہ کين سخت پھري ھيٺ رکيو وڃي. 24جيلر حڪم ملڻ تي انھن کي اندرين باريڪ ۾ بند ڪيو ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ سان ٻڌي قابو ڪيائين.
25رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رھيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رھيا، تڏھن اڌ رات ڌاري 26اوچتو ھڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنھن جيل جون ڀتيون پيڙھہ تائين لوڏي ڇڏيون. ھڪدم سڀ دروازا کلي پيا ۽ سڀني قيدين جون ٻيڙيون ڪري پيون. 27تنھن تي جيلر جاڳي پيو ۽ ڏٺائين تہ جيل جا سڀ دروازا کليا پيا آھن، سو سمجھيائين تہ پڪ سڀ قيدي ڀڄي ويا آھن. تنھنڪري تلوار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي ھو، 28تہ پولس وڏي واڪي رڙ ڪري چيس تہ ”پاڻ کي مار نہ، اسين سڀ ھتي آھيون.“ 29جيلر بتي گھرائي اندر ڪاھي پيو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو. 30پوءِ ھن کين ٻاھر ڪڍيو ۽ عرض ڪري چوڻ لڳو تہ ”سائين! آءٌ ڇا ڪريان جو ڇوٽڪارو ملي؟“ 31تنھن تي ھنن وراڻيس تہ ”خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻ تہ تو کي ۽ تنھنجي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.“ 32پوءِ انھن ھن کي ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين کي خداوند جو ڪلام ٻڌايو. 33رات جي انھيءَ پھر ۾ جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ اتي ئي ھن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي. 34ھو پولس ۽ سيلاس کي پنھنجي گھر وٺي ويو ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ کاڌو ڏنائين. ھو ۽ سندس ڪٽنب خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھنن خدا تي ايمان آندو ھو.
35ٻئي ڏينھن صبح جو عملدارن پنھنجن سپاھين ھٿان جيلر ڏانھن چوائي موڪليو تہ ”انھن ماڻھن کي ڇڏي ڏيو.“ 36سو جيلر پولس کي ٻڌايو تہ ”عملدارن جو حڪم آھي تہ اوھان کي آزاد ڪيو وڃي. تنھنڪري ھاڻي اوھين ھليا وڃو، شل سدا سلامت ھجو.“ 37پر پولس سپاھين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آھيون، تن کي ھنن بنا ڪنھن ڏوھہ جي عام خلق جي اڳيان چھبڪ ھڻائي جيل ۾ وڌو آھي ۽ ھاڻي ھو چپ⁠چاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائين؟ ائين ڪڏھن بہ نہ ٿيندو. ڀلي تہ اھي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاھر وٺي ھلن.“ 38سپاھين جڏھن اھو نياپو عملدارن کي پھچايو ۽ انھن کي خبر پيئي تہ پولس ۽ سيلاس رومي آھن، تڏھن ھو ڏاڍو ڊڄي ويا. 39تنھنڪري انھن اچي کانئن معافي ورتي ۽ کين چيائون تہ ”اسين اوھان کي جيل مان آزاد ٿا ڪريون، مھرباني ڪري اوھين شھر مان ھليا وڃو.“ 40تڏھن پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لديا جي گھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڀائرن سان مليا ۽ کين تسلي ڏنائون. پوءِ ھو اتان روانا ٿي ويا.

Kuonyesha

Shirikisha

Nakili

None

Je, ungependa vivutio vyako vihifadhiwe kwenye vifaa vyako vyote? Jisajili au ingia

Video ya رسولن جا ڪم 16