Chapa ya Youversion
Ikoni ya Utafutaji

رسولن جا ڪم 15

15
يروشلم ۾ گڏجاڻي
1 # لاو ۳‏:۱۲ ڪي ماڻھو يھوديہ کان انتاخيا ۾ آيا ۽ اھي ڀائرن کي ھيءَ تعليم ڏيڻ لڳا تہ ”تيستائين اوھان کي ڪڏھن بہ ڇوٽڪارو نہ ملندو، جيستائين اوھين موسيٰ جي شريعت موجب طھر نہ ڪرائيندا.“ 2پولس ۽ برنباس سان ھنن سخت بحث مباحثو ڪيو. سو اھو فيصلو ڪيو ويو تہ پولس، برنباس ۽ ڪي ٻيا ماڻھو ھن معاملي بابت يروشلم ڏانھن رسولن ۽ بزرگن وٽ وڃن.
3تنھن تي ڪليسيا جي ماڻھن ھنن کي روانو ڪيو. ھو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگھندي واٽ تي ديندار ماڻھن کي ٻڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومن خدا تي ايمان آندو آھي. اھو ٻڌي انھن کي ڏاڍي خوشي ٿي. 4جڏھن ھو يروشلم ۾ پھتا تہ ڪليسيا جي ماڻھن، رسولن ۽ بزرگن سندن استقبال ڪيو ۽ جيڪي خدا ھنن جي وسيلي ڪيو ھو سو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائون. 5پر فريسي جن ايمان آندو ھو تن مان ڪي اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قومن جو طھر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ ھو موسيٰ جي شريعت تي ھلن.“
6رسول ۽ بزرگ گڏجي ھن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا. 7#رس ۱‏:۱۰‎–۴۳ گھڻي بحث کان پوءِ پطرس اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”ڀائرؤ! اوھان کي خبر آھي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوھان مان چونڊيو ھو تہ غير قومون منھنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻڌي ايمان آڻين. 8#رس ۴‏:۲، ۴۴‏:۱۰ خدا جيڪو اسان جي دلين جو ڄاڻڻ وارو آھي تنھن اسان کي اھو ڏيکاريو تہ غير قومون بہ ايمان آڻي سگھن ٿيون، ڇالاءِ⁠جو انھن کي بہ پاڪ روح مليو جيئن اسان کي مليو آھي. 9ھن اسان ۾ ۽ انھن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھنن ايمان آندو تہ ھن انھن جون دليون پاڪ ڪيون. 10تہ پوءِ اھڙا بار جن کي نہ اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين، سي اوھين شاگردن تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟ 11جڏھن تہ اسان جو ايمان آھي تہ اسان کي بہ انھن وانگر ئي خداوند عيسيٰ جي فضل سان ڇوٽڪارو ملي ٿو.“
12سو سڀني خاموشيءَ سان برنباس ۽ پولس جو اھو بيان ويٺي ٻڌو تہ ڪيئن نہ خدا انھن جي وسيلي غير قومن ۾ معجزا ۽ ڪرامتون ڪيون. 13جڏھن ھنن ڳالھائي بس ڪئي تڏھن يعقوب ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! منھنجي بہ ڳالھہ ٻڌو. 14جھڙيءَ طرح شمعون بيان ڪيو تہ ڪيئن خدا شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن انھن مان پنھنجي لاءِ ھڪڙي قوم چونڊي، 15تھڙيءَ طرح نبي جيڪي چئي ويا آھن سو بہ انھيءَ سان ٺھڪي ٿو اچي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ
16 # عا ۱۱‏:۹‎–۱۲ ’خداوند چيو تہ ”ھنن ڳالھين کان پوءِ آءٌ موٽي ايندس.
دائود جو گھر جيڪو ڊھي پيو آھي، تنھن کي وري ٺاھيندس.
آءٌ انھيءَ جا ٽوٽا ٽڪر گڏ ڪري کيس وري اڏيندس.
17انھيءَ لاءِ تہ باقي رھيل ماڻھو
۽ سڀ غير قومون جيڪي منھنجون ٿيون سڏجن،
سي مون خداوند جي ڳولا ڪن.“
18ھي اھو خداوند فرمائي ٿو،
جيڪو دنيا جي شروعات کان وٺي اھي ڳالھيون ٻڌائيندو آيو آھي.‘“
19يعقوب وڌيڪ چيو تہ ”منھنجي راءِ آھي تہ غير قومن مان جن خدا تي ايمان آندو آھي، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون. 20#خر ۱۵‏:۳۴‎–۱۷، لاو ۱۰‏:۱۷‎–۱۶، ۶‏:۱۸‎–۲۳ پر انھيءَ جي بجاءِ اسين کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بتن تي چاڙھيون ويون آھن سي ھو نہ کائين، نڪي زنا ڪن ۽ نہ وري گھُٽي ماريل جانور ۽ رت ئي کائين. 21ڇالاءِ⁠جو گھڻي وقت کان وٺي ھر شھر ۾ موسيٰ جي شريعت ٻڌائڻ وارا ھر سبت جي ڏينھن تي اھي ڳالھيون يھودي عبادت⁠خانن ۾ ٻڌائيندا ٿا اچن.“
ايمان آڻيندڙ غير قومن ڏانھن خط
22پوءِ رسولن، بزرگن ۽ سڄي ڪليسيا اھو فيصلو ڪيو تہ پاڻ مان ڪي ماڻھو چونڊي پولس ۽ برنباس سان گڏ انتاخيا ڏانھن موڪلجن. انھيءَ لاءِ ھنن يھوداہ عرف برسبا ۽ سيلاس کي چونڊيو. ڀائرن ۾ انھن ماڻھن جي وڏي عزت ھئي. 23انھن جي ھٿان ھي خط ڏياري موڪليائون تہ
”غير قومن مان جيڪي ايمان آڻيندڙ انتاخيا، شام ۽ ڪلڪيا ۾ ٿا رھن، تن کي اسان ڀائرن، يعني رسولن ۽ بزرگن جا سلام ھجن. 24اسان ٻڌو آھي تہ ڪي ماڻھو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آھي، تن اسان وٽان وڃي اوھان کي ڪي ڳالھيون ٻڌائي تڪليف ڏني آھي ۽ اوھان کي منجھائي وڌو اٿن. 25تنھنڪري اسان پاڻ ۾ صلاح ڪري مناسب سمجھيو تہ ڪي ماڻھو چونڊي پنھنجن پيارن برنباس ۽ پولس سان گڏ اوھان ڏانھن موڪليون. 26اھي ٻئي ماڻھو اھڙا آھن جن پنھنجي جان اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي تي جوکي ۾ وڌي آھي. 27سو اسين يھوداہ ۽ سيلاس کي ساڻن گڏ موڪليون ٿا. ھو پاڻ اوھان کي اھي ڳالھيون سمجھائيندا، جيڪي اسين لکي رھيا آھيون. 28پاڪ روح ۽ اسان ضروري سمجھيو تہ ھنن خاص حڪمن کان سواءِ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون. 29جھڙوڪ: اھو کاڌو نہ کائو جيڪو بتن تي چاڙھيو ويو ھجي، رت ۽ انھيءَ جانور جو گوشت نہ کائو جنھن کي گھٽي ماريو ويو ھجي ۽ زنا کان پري ڀڄو. جيڪڏھن اوھين انھن ڳالھين کان پاسو ڪندا تہ اھا اوھان لاءِ چڱي ڳالھہ آھي. شال سدائين سلامت رھو.“
30سو اھي روانا ٿيا ۽ انتاخيا ۾ اچي پھتا، جتي ايمان وارن کي گڏ ڪري کين اھو خط ڏنائون. 31جڏھن انھن اھو خط پڙھيو تہ دل کي تسلي ٿين ۽ خوش ٿيا. 32يھوداہ ۽ سيلاس، جيڪي پاڻ نبي ھئا تن گھڻو وقت تقريرون ڪري ڀائرن کي تسلي ڏني ۽ سندن ھمت ٻڌائي. 33‏-34ھنن ڪجھہ وقت اتي گذاريو. پوءِ ڀائرن کان خير وَ سلامتيءَ سان موڪلائي انھن ڀائرن ڏانھن روانا ٿيا، جن کين موڪليو ھو.#ڪن ترجمن ۾ ھي بہ شامل آھي: پر سيلاس اتي ئي رھڻ مناسب سمجھيو.
35پوءِ پولس ۽ برنباس انتاخيا ۾ ترسي پيا ۽ اتي ٻين ڀائرن سان گڏ خداوند جو ڪلام سيکاريندا ۽ ان جي تبليغ ڪندا رھيا.
برنباس ۽ پولس ۾ جدائي
36ڪجھہ وقت کان پوءِ پولس برنباس کي چيو تہ ”ھل تہ ھر ھڪ شھر ۾ انھن ڀائرن وٽ ھلون، جن کي اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو آھي ۽ ڏسون تہ انھن جو ڪھڙو حال آھي.“ 37برنباس جي مرضي ھئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلون. 38#رس ۱۳‏:۱۳ پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ ھن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو پمفوليا ۾ ھنن کي ڇڏي موٽي ويو ھو ۽ ساڻن تبليغ جي ڪم ۾ گڏ نہ رھيو ھو. 39انھيءَ ڳالھہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو ھو ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانو ٿي ويو. 40پر پولس سيلاس کي چونڊي پاڻ سان کنيو ۽ ڀائرن کين خدا جي فضل جي حوالي ڪري روانو ڪيو. 41پولس شام ۽ ڪلڪيا مان ٿيندو، اتي جي ڪليسيائن کي ھمتائيندو ويو.

Kuonyesha

Shirikisha

Nakili

None

Je, ungependa vivutio vyako vihifadhiwe kwenye vifaa vyako vyote? Jisajili au ingia

Video ya رسولن جا ڪم 15