1
متي 23:13
Common Language New Testament
SCLNT
سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا، اُن کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ.“
比較
متي 13:23で検索
2
متي 22:13
ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.
متي 13:22で検索
3
متي 19:13
اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.
متي 13:19で検索
4
متي 20:13-21
ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا. پر اھو ڪلام انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنھنڪري جڏھن ڪلام جي ڪري ڪا مصيبت يا تڪليف اچين ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا.
متي 13:20-21で検索
5
متي 44:13
”آسمان واري بادشاھت ٻنيءَ ۾ لڪل خزاني مثل آھي. جڏھن ڪو ماڻھو اھو لھي ٿو تہ ھو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو. پر ھو ايترو تہ خوش ٿو ٿئي جو پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي وڃي اُھا ٻني خريد ڪري ٿو.
متي 13:44で検索
6
متي 8:13
پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ داڻا بہ ڦر ھو.“
متي 13:8で検索
7
متي 30:13
ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پھريائين ڪانڊيرا پٽي گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري ڀانڊن ۾ رکن.‘“
متي 13:30で検索
ホーム
聖書
読書プラン
ビデオ