Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

هوسيع ‮تعارف‬

تعارف
”هوسيع“ نالي هي مقدس ڪتاب انهيءَ نبيءَ جي نالي سان منسوب آهي، جنهن عاموس نبيءَ کان پوءِ اترينءَ بادشاهت اسرائيل ۾ تبليغ ڪئي. حضرت هوسيع انهيءَ ڏکئي وقت ۾ تبليغ ڪئي، جيڪو سامريہ شهر جي تباهيءَ کان اڳ ۾ هو. سامريہ جو خاتمو سن 721 قبل مسيح ۾ ٿيو. هوسيع نبيءَ جو گھڻو زور ماڻهن جي بت‌پرستيءَ ۽ خدا سان سندن بي‌وفائيءَ خلاف هو. بي‌وفائيءَ جي باري ۾ سمجھائيندي حضرت هوسيع پنهنجو مثال ڏنو تہ ڪيئن هن جُمر نالي هڪ اهڙيءَ عورت سان شادي ڪئي، جنهن ساڻس زال جي حيثيت ۾ بي‌وفائي ڪئي. ساڳيءَ طرح خدا جي ماڻهن خداوند کي وساري ساڻس بي‌وفائي ڪئي. انهيءَ سبب ئي خدا بني اسرائيل کي سزا ڏيندو. تنهن هوندي بہ آخر تائين خدا جي دائمي شفقت پنهنجي ماڻهن تي رهندي ۽ هو پنهنجي قوم کي پنهنجو تابعدار بڻائي ساڻس وري لاڳاپا بحال ڪندو. خداوند پنهنجو اهو پيار هنن لفظن ۾ ظاهر ڪيو آهي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان!... منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي. منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي“ (11‏:8).
سِٽاءُ
حضرت هوسيع جي شادي ۽ سندس ڪٽنب 1‏:1‏–3‏:5
اترينءَ بادشاهت اسرائيل جي خلاف پيغام 4‏:1‏–13‏:16
توبهہ‌تائب ٿيڻ جو سڏ ۽ واعدي جو پيغام 14‏:1‏-9

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió