12
پڄاڻيءَ جو وقت
1 #
مت 24:21، مر 13:19، مڪا 7:14، 12:7 مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن. 2#يس 26:19، مت 25:46، يو 5:29 جيڪي مٽيءَ ۾ وڃي ستا آهن، تن مان گھڻا ئي وري جاڳي اٿندا. انهن مان ڪن کي دائمي حياتي ملندي، تہ ڪي وري هميشہ جي ذلت وَ خواريءَ ۾ وڃي ڪرندا.
3ڏاها ماڻهو آسمان جي نور جيان چمڪندا،
جن جي ڪوشش سان گھڻا ئي سچائيءَ جي پاسي آيا هوندا.
اهي ڏاها ماڻهو هميشہ هميشہ لاءِ تارن وانگر پيا چمڪندا.
4 #
مڪا 22:10
هاڻي اي دانيال! انهن رويائن وارين ڳالهين جي ڪتاب کي بند ڪري رک ۽ پڄاڻيءَ واري وقت تائين مٿس مُهر هڻي ڇڏ. انهيءَ دوران گھڻا ئي ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ پيا اجائي ڊڪ ڊوڙ ڪندا.“
5تڏهن مون دانيال نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ ٻہ شخص ٻيا بہ بيٺا آهن، هڪڙو درياءَ جي اورين ڪناري تي ۽ ٻيو پرين ڪناري تي. 6جيڪا هستي سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پايو درياءَ جي مٿاهين پاسي تي بيٺي هئي، تنهن کان هڪڙي پڇيو تہ ”هنن عجيب ڪمن جي پڄاڻيءَ ۾ ڪيترو عرصو باقي آهي؟“ 7#مڪا 10:5، 12:14 تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو #12:7 ساڍن ٽن سالن تائين ڏسو دانيال 7:25 پڻ.ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“
8مون ٻڌو تہ سهي، پر سمجھي نہ سگھيس. سو مون انهيءَ هستيءَ کان پڇيو تہ ”اي منهنجا سائين! هنن ڳالهين جو آخر ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟“ 9هن چيو تہ ”اي دانيال! انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهن ڳالهين جو ڪتاب هاڻي بند ٿي ويو آهي ۽ پڄاڻيءَ جي وقت تائين انهيءَ تي مُهر لڳي ويئي آهي. 10#مڪا 22:11 ڏاها ماڻهو ئي انهن ڳالهين کي سمجھي ويندا. هائو، گھڻا ئي ماڻهو پاڪ ۽ صاف ڪيا ۽ سڌاريا ويندا. پر بڇڙن مان ڪوبہ انهن ڳالهين کي ڪين سمجھندو. هائو، بڇڙا بڇڙائيءَ جا ئي ڪم ڪندا رهندا.
11 #
دان 9:27، 11:31، مت 24:15، مر 13:14 جڏهن هيڪل ۾ روزانو واريون قربانيون بند ڪيون وينديون ۽ #12:11 بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ ڏسو دانيال 9:27 جي صفحي هيٺ ڏنل سمجھاڻي.بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ اتي رکي ويندي، تنهن وقت کان وٺي #12:11 هڪ هزار ٻہ سؤ نوي ڏينهن هي انهن ساڍن ٽن سالن جي عرصي ڏانهن اشارو آهي، جنهن جو ذڪر دانيال 7:25 ۽ 12:7 ۾ ڪيو ويو آهي.هڪ هزار ٻہ سؤ نوي ڏينهن ٿيندا. 12سو هاڻي سڀاڳا آهن اهي، جيڪي هڪ هزار ٽي سؤ پنجٽيهن ڏينهن تائين ثابت قدم رهندا.
13سو اي دانيال! تون انهن ڳالهين کي ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي ڏينهن پوري ٿيڻ تائين ثابت قدم رهہ. پوءِ تون وڃي آرامي ٿيندين ۽ زمانن جي پڄاڻيءَ تي پنهنجي اجر حاصل ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندين.“