Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

هوسيع 1

1
1 # 2.با 14‏:23‏–15‏:7، 15‏:32‏–16‏:20، 18‏:1‏–20‏:21، 2.توا 26‏:1‏–27‏:8، 28‏:1‏–32‏:33 انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسرائيل تي يربعام ثاني ولد يهوآس جي بادشاهي هئي ۽ يهوداہ تي عُزياہ، يوتام، آخز ۽ حزقياہ جون بادشاهتون هيون، تن ڏينهن ۾ هوسيع ولد بيريءَ جي معرفت خداوند جو اهو پيغام ڏنو ويو.
هوسيع جو ڪٽنب
2 خداوند شروع ۾ هوسيع کي فرمايو تہ ”اي هوسيع! جيئن تہ اسرائيل وارا هڪ بي‌وفا زال وانگر مون خداوند کان ڦري ويا آهن. سو تون وڃي هڪڙي بي‌وفا عورت سان شادي ڪر ۽ سندس ئي جهڙا ٻار پيدا ڪر.“ 3سو هوسيع وڃي ڊبلائم جي ڌيءَ جُمر سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ڄائو. 4#2.با 10‏:11 تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ ٻار جو نالو يزرعيل رک، ڇاڪاڻ تہ ٿوري ئي عرصي ۾ آءٌ ييهوءَ جي شاهي گھراڻي ۾ اهڙو قتلام وجھندس، جهڙو هن #1‏:4 يزرعيل شهر هن شهر ۾ اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ ۽ سندس سڄي ڪٽنب کي ييهوءَ قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ اسرائيل ۾ نئين شاهي گھراڻي جو بنياد وڌو هو (ڏسو 2.بادشاهَہ 9 ۽ 10 باب).يزرعيل شهر ۾ وڌو هو. اهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل تان سندس گھراڻي جي بادشاهي ختم ڪري ڇڏيندس. 5انهيءَ ڏينهن آءٌ يزرعيل جي ماٿريءَ ۾ اسرائيل جي لشڪر جو زور بہ ٽوڙي ڇڏيندس.“
6جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس هڪ ڌيءَ ڄائي. تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو #1‏:6 لورحامہ عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”رحم جوڳي نہ آهي.“لورحامہ رک، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن تي اڳتي وري رحم نہ ڪندس، نڪي کين ڪنهن طرح معافي ڏيندس. 7پر يهوداہ وارن تي آءٌ رحم ڪري کين بچائيندس. اهي نڪي تيرڪمان، تلوار، گھوڙن يا گھوڙي سوارن جي وسيلي، نہ وري ڪنهن ٻئي جنگي هٿيار جي وسيلي بچي نڪرندا، بلڪ آءٌ خداوند سندن خدا پنهنجي قدرت جي ئي وسيلي کين بچائيندس.“
8هاڻي جڏهن لورحامہ جو ٿڃ ڇڏايو ويو، تڏهن جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. 9تڏهن خداوند وري هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو #1‏:9 لوعمي عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”منهنجي قوم نہ آهي.“لوعمي رک، ڇاڪاڻ تہ هاڻي اسرائيل وارا منهنجي قوم نہ آهن، نڪي آءٌ هنن جو خدا آهيان.“
اسرائيل ملڪ جي بحاليءَ لاءِ خداوند جو واعدو
10 # رو 9‏:26 انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ”#1‏:10 اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو يعني عبراني ٻوليءَ ۾ ”لوعمي.“اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“ 11تڏهن اسرائيل وارا ۽ يهوداہ وارا وري گڏ ٿي ويندا ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙو ئي سردار چونڊيندا. پوءِ هو پنهنجي ملڪ ۾ وڌندا ويجھندا ۽ خوشحال ٿيندا ۽ اهو هڪ عظيم وقت ٿيندو جڏهن #1‏:11 يزرعيل عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”خدا پوکي ٿو،“ جنهن مان مراد وڌڻ ويجھڻ ۽ خوشحالي آهي.يزرعيل جو نالو سچو ثابت ٿي ويندو.

S'ha seleccionat:

هوسيع 1: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió