Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

حزقي‌ايل 40

40
هيڪل جي مستقبل بابت رويا
(40‏:1‏–48‏:35)
حزقي‌ايل جو رويا وسيلي يروشلم ۾ آندو وڃڻ
1اسان جي جلاوطنيءَ جي پنجويهين سال پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ تي، جيڪو يروشلم شهر جي زوال جو چوڏهون سال هو، خداوند جي قدرت مون تي وڏي زور سان نازل ٿي. 2#مڪا 21‏:10 خدا مون کي رويا ۾ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ وٺي ويو ۽ مون کي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿائين. مون ڏکڻ پاسي پنهنجي اڳيان ڪجھہ عمارتون ڏٺيون جيڪي انهيءَ جبل تي هڪڙي شهر وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آيون. 3#مڪا 11‏:1‏–21‏:15 هو مون کي اڃا ويجھو وٺي ويو تہ ڇا ڏسان تہ اتي هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جو چهرو پتل جيان پئي چمڪيو. مون ڏٺو تہ انهيءَ جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري ۽ ڪانو هو ۽ هو انهن عمارتن جي ٻاهرين لنگھہ وٽ بيٺو هو. 4انهيءَ ماڻهوءَ مون کي چيو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڪن ڏيئي ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ تو کي ڏيکاريان ٿو، تنهن تي دل وَ جان سان ڌيان ڏي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ ئي تو کي هتي آندو ويو آهي. سو جيڪي ڪجھہ تون ڏسين سو بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌائج.“
هيڪل جي چوديواريءَ ۾ اوڀر طرف وارو ٻاهريون لنگھہ
5 # 1.با 6‏:1‏-38، 2.توا 3‏:1‏-9 تڏهن مون پهرين شيءِ جيڪا ڏٺي سا هيڪل جي چوديواريءَ واري ٻاهرين ڀت هئي، جيڪا سڀني عمارتن جي چوڌاري ڏنل هئي. انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ماپڻ جو جيڪو ڪانو هو سو ٽي ميٽر ڊگھو هو، جنهن سان هن ڀت جي ماپ ورتي تہ اها ٽي ميٽر اوچي ۽ ٽي ميٽر ويڪري هئي. 6پوءِ هو وري انهيءَ لنگھہ وٽ آيو، جنهن جو منهن اوڀر طرف هو. هو انهيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهيو ۽ دروازي جي چانئٺ ماپيائين، جنهن جي ويڪر ٽي ميٽر هئي. 7انهيءَ جي پويان لنگھہ جي ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ هڪٻئي جي سامهون ٽي ٽي ڪمرا ٺهيل هئا. هر هڪ ڪمرو چورس هو، جنهن جي هر پاسي جي ماپ ٽي ميٽر هئي ۽ انهن ڪمرن جي وچ ۾ اڍائي اڍائي ميٽرن جي وڇوٽي هئي. اڳتي هلي لنگھہ ۾ اندرئين پاسي واري هڪ ٻي چانئٺ هئي جيڪا بہ ٽي ميٽر ويڪري هئي. انهيءَ کان اڳتي هڪڙو هال هو جنهن جي ٻئي پاسي تي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو هو. 8‏-10انهيءَ هال جي اندرين چانئٺ کان وٺي ان دروازي تائين ويڪر چار ميٽر هئي ۽ دروازي جون ٻانهيون هڪ ميٽر ويڪريون هيون. اهڙيءَ طرح انهن ٻانهين جون ڀتيون بہ هڪ هڪ ميٽر ويڪريون هيون.
11پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ موٽي اچي ٻاهر کان اندر داخل ٿيڻ واري دروازي جي ماپ ڪئي تہ انهيءَ جي ويڪر پنج ميٽر هئي ۽ دروازي کان لنگھہ جي اندر واري ويڪر ساڍا ڇهہ ميٽر هئي. 12لنگھہ جي اندران ٻنهي پاسن ۾ پهريدارن لاءِ ٺهيل ٽن ٽن ڪمرن مان هر هڪ جي اڳيان اڌ ميٽر اوچا ۽ اڌ ميٽر ويڪرا دِڪا ٺهيل هئا. 13انهن ڪمرن مان ٻہ ٻہ ڪمرا هڪٻئي جي آمهون سامهون هئا. سو هن هڪڙي ڪمري جي پٺ واري ڀت کان وٺي سامهون واري ڪمري جي پٺ واري ڀت تائين ماپ ڪئي، جيڪا ساڍا ٻارهن ميٽر ٿي. هن اها ماپ ڇت کان ڪئي. 14تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هال ۽ ٻاهرين اڱڻ جي وچ واري دروازي جي ٻانهين جي اوچائي ماپي جيڪا ٽيهہ ميٽر هئي. انهيءَ سڄي اوڀر واري لنگھہ جي جاءِ جي ٽنهي پاسن کان هيڪل جو ٻاهريون اڱڻ هو. 15ٻاهر کان اندر داخل ٿيڻ واري دروازي کان ويندي ٻاهرين اڱڻ تائين سڄي لنگھہ جي ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر هئي. 16لنگھہ جي ڪمرن، هال ۽ دروازن جي سڀني اندرين ڀتين ۾ ننڍڙيون دريون لڳل هيون. دروازن جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي کجيءَ جي وڻ جون تصويرون بہ ڇاپيل هيون.
هيڪل جو ٻاهريون اڱڻ
17تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي ويو. اتي ڇا ڏسان تہ ٻاهرين ڀت جي اندرين پاسي ۾ چئني طرفن تي ٽيهہ ڪمرا ٺهيل آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان سندن دروازن وٽ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن سان فرش ٻڌل هو. 18انهيءَ فرش جي ويڪر لنگھہ جي آخري ڇيڙي تائين هئي. هيڪل جي چوديواريءَ جي اندر مون اندريون اڱڻ بہ ڏٺو جيڪو ٻاهرين اڱڻ کان مٿاهينءَ تي هو. 19ٻاهرين اڱڻ جي اوڀر واري لنگھہ جي سامهون اندرين اڱڻ جو لنگھہ بہ هو. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ ٻنهي لنگھن جي وچ واري ماپ ڪئي تہ اها پنجاهہ ميٽر هئي.
هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ جو اتر وارو لنگھہ
پوءِ اهو ماڻهو مون کي ٻاهرين اڱڻ مان ئي اتر پاسي واري ٻاهرين لنگھہ وٽ وٺي ويو. 20تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ان لنگھہ جي بہ ماپ ڪئي، 21جنهن جي ماپ اوڀر واري لنگھہ جي ماپ جيتري هئي. ساڳي نموني لنگھہ جي اندر ٻنهي پاسن تي پهريدارن لاءِ ٽي ٽي ڪمرا، ڪمرن جون وڇوٽي واريون ڀتيون ۽ هال بہ ساڳي ماپ جا ٺهيل هئا. ان لنگھہ جي ماپ بہ ساڳي نموني هئي يعني ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر. 22انهيءَ جو هال ۽ دريون بہ بلڪل اوڀر واري لنگھہ وانگر هيون. کجيءَ جي وڻن جون تصويرون بہ ائين ئي ڇاپيل هيون. ساڳي نموني لنگھہ تائين پهچڻ لاءِ ست ڏاڪا بہ ٺهيل هئا ۽ هال بلڪل آخر ۾ هو جتان ٻاهرين اڱڻ ۾ وڃڻ جو دروازو هو. 23ٻاهرين اڱڻ جي ان اتر واري لنگھہ جي سامهون اندرين اڱڻ جو لنگھہ بہ هو. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ ٻنهي لنگھن جي وچ واري ماپ ڪئي تہ اها بہ پنجاهہ ميٽر هئي.
هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ جو ڏکڻ وارو لنگھہ
24پوءِ اهو ماڻهو مون کي ڏکڻ طرف وٺي هليو. ڇا ڏسان تہ ڏکڻ واري پاسي بہ هڪڙو لنگھہ هو. هن ان جي ماپ ڪئي تہ اها بہ ٻين لنگھن جي ماپ جيتري هئي. 25ان لنگھہ اندر ساڳي نموني دريون لڳل هيون. ان لنگھہ جي ماپ بہ ساڳي ئي هئي يعني ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر. 26ساڳي نموني لنگھہ تائين پهچڻ لاءِ ست ڏاڪا بہ ٺهيل هئا ۽ هال بلڪل آخر ۾ هو جتان ٻاهرين اڱڻ ۾ وڃڻ جو دروازو هو. ٻين لنگھن وانگر دروازن جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي کجيءَ جي وڻن جون تصويرون بہ ڇپيل هيون. 27ٻاهرين اڱڻ جي ان ڏکڻ واري لنگھہ جي سامهون اندرين اڱڻ جو لنگھہ بہ هو. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ ٻنهي لنگھن جي وچ واري ماپ ڪئي تہ اها بہ پنجاهہ ميٽر هئي.
هيڪل جي اندرين اڱڻ جو ڏاکڻو لنگھہ
28پوءِ اسين ٻاهرين اڱڻ کان اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي لنگھہ وٽ آياسين. انهيءَ ماڻهو ان لنگھہ جي ماپ ورتي تہ اها بہ ٻاهرينءَ ڀت وارن لنگھن جي ماپ جيتري هئي. 29‏-30پهريدارن جي ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي. 31پر هن لنگھہ وارو هال آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.
هيڪل جي اندرين اڱڻ جو اوڀر وارو لنگھہ
32پوءِ اهو ماڻهو مون کي اندرين اڱڻ جي اوڀر واري لنگھہ وٽ وٺي آيو. هن ان لنگھہ جي ماپ ورتي، جيڪا بہ ٻين لنگھن جي ماپ جيتري هئي. 33پهريدارن جا ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي. 34اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي لنگھہ وانگر هن لنگھہ وارو هال بہ آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ بہ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.
هيڪل جي اندرين اڱڻ جو اتر وارو لنگھہ
35پوءِ اهو ماڻهو مون کي اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ وٽ وٺي آيو. هن ان لنگھہ جي ماپ ورتي، جيڪا بہ ٻين لنگھن جي ماپ جيتري هئي. 36پهريدارن جا ڪمرا، سڀيئي ڀتيون، هال ۽ دريون بہ ساڳيءَ ئي ماپ جون هيون. ٻين لنگھن وانگر هن لنگھہ جي بہ ڊيگھہ پنجويهہ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا ٻارهن ميٽر هئي. 37اندرين اڱڻ جي ڏاکڻي ۽ اوڀر وارن لنگھن وانگر هن لنگھہ وارو هال بہ آخر جي بجاءِ اڳ ۾ هو ۽ ٻاهرين ڀت جي لنگھہ جي هال جي آمهون سامهون هو. ان لنگھہ جي چوڪاٺين جي ٻانهين تي بہ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون ڇپيل هيون. ٻاهرين اڱڻ کان هن لنگھہ تي چڙهڻ لاءِ بہ اٺ ڏاڪا ٺهيل هئا.
اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ وٽ جانورن جي قربانيءَ وارا ڪمرا
38اندرين اڱڻ جي اتر واري لنگھہ جي شروع ۾ هال جي لڳولڳ هڪڙو ڪمرو ٺهيل هو جيڪو هال ۾ ٿي کُليو. اتي انهن ڪٺل جانورن کي ڌوتو ويندو هو جيڪي قربانيءَ طور ساڙڻ لاءِ پيش ڪيا ويندا هئا. 39انهيءَ ڪمري ۾ چار ميزون رکيل هيون، ٻہ ڪمري جي هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ٻئي پاسي. انهن ميزن تي قربانين لاءِ جانور ذبح ڪيا ويندا هئا، يعني ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اهي قربانيون جن جي وسيلي ماڻهن جا گناہ معاف ڪيا وڃن تہ جيئن اهي پاڪ ٿين. 40انهيءَ ڪمري جي ٻاهران اتر طرف ٻاهرين اڱڻ ۾ لنگھہ وٽ چار ٻيون ميزون رکيل هيون، ٻہ هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ٻئي پاسي. 41ڪل ملائي جملي اٺ ميزون هيون، چار ڪمري جي اندر ۽ چار ٻاهرين اڱڻ ۾. انهن سڀني تي قربانيءَ لاءِ پيش ٿيندڙ جانورن کي ذبح ڪيو ويندو هو. 42انهن ميزن مان چار ميزون جيڪي ساڙڻ وارين قربانين لاءِ هيون سي تراشيل پٿر جون ٺهيل هيون. انهن جي اوچائي اڌ ميٽر ۽ مٿين سطح مُنو ميٽر چورس هئي. اهي ميزون ذبح ڪرڻ وارن جانورن کي ڪُهڻ وارا اوزار رکڻ لاءِ هيون. 43انهن ميزن مان هر هڪ جي چوڌاري ڪنارن تي چئن آڱرين جيتري ويڪري ڪناري لڳل هئي. قربانيءَ لاءِ پيش ڪيو ويندڙ سمورو گوشت انهن ميزن تي رکيو ويندو هو.
44پوءِ وري اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. اتي مون ٻہ ڪمرا ڏٺا جن جا دروازا اندرين اڱڻ ڏانهن ٿي کُليا. هڪڙو ڪمرو اتر واري لنگھہ جي ڀرسان هو جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو ۽ ٻيو ڏکڻ واري لنگھہ جي ڀرسان هو، جنهن جو رخ اتر ڏانهن هو. 45انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ جنهن ڪمري جو رخ ڏکڻ ڏانهن آهي سو هيڪل ۾ خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي. 46#2.سم 8‏:17 جنهن ڪمري جو رخ اتر طرف آهي سو قربان‌گاهہ جي خدمت ڪندڙ ڪاهنن جي لاءِ آهي. اهي سڀ ڪاهن صدوق جو اولاد آهن. لاوي قبيلي جي رڳو انهن ئي ڪاهنن کي خداوند جي حضور ۾ وڃي خدمت ڪرڻ جي اجازت آهي.
هيڪل جي عمارت ۽ اندريون اڱڻ
47انهيءَ ماڻهوءَ اندرين اڱڻ جي ماپ ڪئي، جيڪو پنجاهہ ميٽر ڊگھو ۽ پنجاهہ ميٽر ويڪرو چورس هو. اندرين اڱڻ جي اولهہ ۾ هيڪل جي عمارت هئي ۽ انهيءَ جي آڏو اندرين اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ هئي. 48پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي داخل ٿيڻ واري ڪمري ۾ وٺي آيو. هن انهيءَ جي دروازي جي ماپ ڪئي تہ اهو اڍائي ميٽر ٿلهو ۽ ست ميٽر ويڪرو هو. ان جون ڀتيون ٻنهي طرفن کان ڏيڍ ڏيڍ ميٽر ويڪريون هيون. 49داخل ٿيڻ وارو سڄو ڪمرو ڏهہ ميٽر ڊگھو ۽ ڇهہ ميٽر ويڪرو هو. اندرين اڱڻ کان ڪمري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڏهہ ڏاڪا ٺهيل هئا. ان جي دروازي جي ٻنهي پاسن تي ٻہ ٿنڀا ٺهيل هئا.

S'ha seleccionat:

حزقي‌ايل 40: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió