Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

حزقي‌ايل 41

41
1پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي عمارت جي وچين ڪمري يعني مقدس جاءِ ۾ وٺي آيو. هن انهيءَ جي دروازي جي ماپ ڪئي، جيڪو ٽي ميٽر ٿلهو 2۽ پنج ميٽر ويڪرو هو. ان جون ڀتيون ٻنهي طرفن کان اڍائي اڍائي ميٽر ويڪريون هيون. هن انهيءَ ڪمري جي بہ ماپ ڪئي جيڪو ويهہ ميٽر ڊگھو ۽ ڏهہ ميٽر ويڪرو هو.
3پوءِ هو پاڻ بلڪل اندرين ڪمري ۾ ويو. هن انهيءَ ڪمري جي دروازي جي ماپ ڪئي، جيڪو هڪ ميٽر ٿلهو ۽ ٽي ميٽر ويڪرو هو. ان جون ڀتيون ٻنهي طرفن کان ساڍا ٽي ساڍا ٽي ميٽر ويڪريون هيون. 4هن انهيءَ ڪمري جي بہ ماپ ورتي، تہ اهو ڏهن ميٽرن وارو چورس ڪمرو هو. پوءِ هن مون کي چيو تہ ”هيءَ مقدس ترين جاءِ آهي.“
هيڪل جي عمارت جا ٻنهي پاسن وارا ڪمرا
5پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ هيڪل جي عمارت جي ڀت جي ٿولهہ ماپي، جيڪا ٽي ميٽر هئي. انهيءَ ڀت وٽ عمارت جي ٽن پاسن تي ڪمرا ٺهيل هئا جن مان هر هڪ جي ويڪر ٻہ ميٽر هئي. 6انهن ٽنهين پاسي وارن ڪمرن جي مٿان ٻہ ٻيون منزلون بہ ٺهيل هيون ۽ هر منزل ۾ ٽيهہ ڪمرا ٺهيل هئا. انهن منزلن لاءِ انهيءَ عمارت جي ڀت ۾ ٽيڪون لڳل هيون انهيءَ لاءِ تہ منزلون هيڪل جي عمارت جي ڀت ۾ لڳل نہ هجن. 7مٿين منزل وارا ڪمرا وچين منزل وارن ڪمرن کان وڌيڪ ڪشادا هئا ۽ وچين منزل وارا ڪمرا هيٺين منزل وارن ڪمرن کان وڌيڪ ڪشادا هئا. سو اهڙيءَ طرح عمارت جي مٿين واري ماپ هيٺين واري ماپ کان وڌيڪ هئي.
8مون ڏٺو تہ هيڪل جي عمارت ۽ ان جي پاسن وارن ڪمرن جا بنياد اوچي ٿلهي تي ٺهيل هئا. اهو ٿلهو عمارت جي چوڌاري بہ هو ۽ ان جي اوچائي ٽي ميٽر هئي. 9‏-11پاسن وارن ڪمرن جي ٻاهرين ڀت جي ٿولهہ اڍائي ميٽر هئي ۽ ڀت کان ٿلهي جي ڇيڙي تائين باقي ڇڏيل ڪشادي جاءِ پڻ اڍائي ميٽر هئي. ڪمرن جا دروازا انهيءَ ڪشادي جاءِ ڏانهن ٿي کُليا. هڪڙو دروازو اتر ڏانهن هو تہ ٻيو ڏکڻ ڏانهن. اڳئين پاسي کان سواءِ هيڪل جي عمارت جي ٿلهي جي ڇيڙي کان اندرين اڱڻ جي چوڌاري وارن ڪمرن تائين واري ماپ ڏهہ ميٽر هئي.
12مون هڪڙي ٻي عمارت بہ ٺهيل ڏٺي، جيڪا هيڪل جي عمارت جي اولهہ طرف ۽ هيڪل جي چوديواريءَ واري ڀت تائين هئي. انهيءَ عمارت جي اندرين پاسي واري ڊيگھہ اتر کان ڏکڻ تائين پنجيتاليهہ ميٽر ۽ ويڪر پنجٽيهہ ميٽر هئي ۽ ان جون ڀتيون چوڌاري اڍائي ميٽر ٿلهيون هيون.
اندرين اڱڻ جي ڊيگھہ جي ماپ
13انهيءَ ماڻهوءَ هيڪل جي عمارت جي ٻاهرين پاسي جي ماپ ڪئي، جنهن جي ڊيگھہ پنجاهہ ميٽر هئي. هيڪل جي اولاهين پاسي واري عمارت ۽ ان جي ڀتين جي ڪل ڊيگھہ وچ واري خالي ڇڏيل جاءِ سميت پنجاهہ ميٽر هئي. 14هيڪل جي اڳيان اڱڻ جي ڊيگھہ پڻ پنجاهہ ميٽر هئي.
15آخر ۾ هن اولهہ طرف واري عمارت جي اتر ڏکڻ واري ڊيگھہ ڀتين جي ڪانسن سميت ماپي جيڪا پنجاهہ ميٽر هئي.
هيڪل جي عمارت جو اندريون تفصيل
هيڪل جي عمارت جي داخل ٿيڻ واري ڪمري ۽ مقدس جاءِ تي ڪاٺ لڳل هو. 16يعني دروازن جي چوڪاٺين، کُليل درين ۽ تاڪن وارين درين تي ڪاٺ لڳل هو. هر هڪ دريءَ جي تري کان سواءِ ٽن پاسن تي ٽن تَهن وارا ڪاٺ جا فريم لڳل هئا. انهن ٻنهي ڪمرن جي سڀني ڀتين تي فرش کان درين تائين ڪاٺ لڳل هو. 17‏-18هيڪل جي عمارت جون اندريون ڀتيون سردرن کان بہ مٿي تائين توڙي ٻاهريون سڀيئي ڀتيون چوڌاري پردار آسماني مخلوق جي مجسمن ۽ کجيءَ جي وڻن جي تصويرن سان پوريءَ طرح سينگاريل هيون. هر پردار آسماني مخلوق کان پوءِ هڪ هڪ کجيءَ جو وڻ هو ۽ هر پردار آسماني مخلوق کي ٻہ ٻہ منهن هئا. 19هر هڪ مخلوق جو انساني منهن هڪڙي پاسي واري کجيءَ جي وڻ ڏانهن هو ۽ ان جو شينهن وارو منهن ٻئي پاسي واري کجيءَ جي وڻ ڏانهن هو. سڄي عمارت جا اندريان چار ئي پاسا 20فرش کان وٺي دروازن جي سردرن کان بہ مٿي تائين اهڙيءَ طرح سينگاريل هئا. 21هيڪل جي عمارت جي مقدس جاءِ جي دروازي جي چوڪاٺ چورس هئي.
ڪاٺ جي ٺهيل قربان‌گاهہ
مقدس ترين جاءِ جي دروازي جي اڳيان مقدس جاءِ ۾ ڪا اهڙي شيءِ رکيل هئي، 22جيڪا ڪاٺ جي ٺهيل قربان‌گاهہ ڏسڻ ۾ ٿي آئي. اها ڏيڍ ميٽر اوچي ۽ هڪ ميٽر چورس هئي. انهيءَ جا ڪُنڊن وارا ٿنڀا، پاوا ۽ پاسا سڀيئي ڪاٺ جا ٺهيل هئا. انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيءَ اها ميز آهي جيڪا خداوند جي حضور ۾ رکيل هوندي آهي.“
هيڪل جي عمارت جا دروازا
23هيڪل جي مقدس جاءِ جي دروازي جي چوڪاٺ تي ۽ مقدس ترين جاءِ جي دروازي جي چوڪاٺ تي تاڪ لڳل هئا. 24هر هڪ چوڪاٺ تي ٻہ ٻہ تاڪ لڳل هئا، جيڪي وچ مان کولي سگھجن پيا. 25مقدس جاءِ جي دروازي جي تاڪن تي پردار آسماني مخلوق جا مجسما ۽ کجيءَ جا وڻ سينگاريل هئا، جهڙيءَ طرح ڀتين تي ڇاپيل هئا. داخل ٿيڻ واري ڪمري جي دروازي جي ٻاهران ڪاٺ جي ڇٽي ٺهيل هئي. 26انهيءَ ڪمري جي پاسن وارين ٻاهرين ڀتين ۾ دريون هيون ۽ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون بہ ڇاپيل هئن. عمارت جي پاسن وارن ڪمرن جي اڳيان بہ اهڙيءَ طرح ڇٽيون ٺهيل هيون.

S'ha seleccionat:

حزقي‌ايل 41: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió