Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

حزقي‌ايل 39

39
ياجوج جي شڪست
1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ياجوج خلاف اڳڪٿي ڪندي کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي ياجوج، مسڪ ۽ توبل قومن جا حڪمرانِ‌اعليٰ! ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. 2آءٌ تو کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻيندس. هائو، آءٌ تو کي اتر جي ڏورانهن علائقن کان گهليندو بني اسرائيل جي جابلو علائقن تي چاڙهي آڻيندس. 3پر آءٌ ڌڪ هڻي تنهنجي کاٻي هٿ مان تيرڪمان ۽ ساڄي هٿ مان تير ڪيرائي وجھندس. 4‏-5تون پنهنجي سڄي لشڪر ۽ اتحادي قومن سميت بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ ماريو ويندين. اوهان جا لاش کلئي ميدان ۾ پيل هوندا جتي پکي ۽ جھنگلي جانور اوهان جو ماس کائي ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“
6 خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بلڪ آءٌ ماجوج جي ملڪ تي ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ڪناري وارن سلامتيءَ سان رهندڙ ماڻهن تي باهہ نازل ڪندس، تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 7آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجي پاڪ نالي کي پڌرو ڪندس ۽ وري اڳتي پنهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿيڻ نہ ڏيندس، تڏهن قومون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان. 8بيشڪ اهو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون، جن بابت مون خداوند خدا فرمايو آهي. 9جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن بني اسرائيل جي شهرن جا رهاڪو ٻاهر نڪري پنهنجي مري ويل دشمنن جا هٿيار گڏ ڪندا. هو ايتريون تہ سپرون، ڍالون، تيرڪمان، تير، ڀالا ۽ نيزا گڏ ڪندا جو انهن کي ستن سالن تائين باهہ ۾ ٻارڻ جي ڪم آڻيندا رهندا. 10ايتري قدر جو هنن کي جھنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻي نہ پوندي، نڪي ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن هٿيارن کي ئي باهہ ۾ ٻارڻ جي ڪم آڻيندا رهندا. هو انهن کي ئي لٽيندا ۽ ڦريندا جن کين لٽيو ۽ ڦريو هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
ياجوج جو دفن ٿيڻ
11خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقي‌ايل! ياجوج کي تباهہ وَ برباد ڪرڻ کان پوءِ آءٌ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ سمنڊ جي اوڀر طرف عباريم ماٿريءَ ۾ سندن دفن ٿيڻ لاءِ هڪ جاءِ چونڊيندس. اتي ياجوج کي سندس سڄي لشڪر سميت دفن ڪيو ويندو، جنهن ڪري اتان لنگھندڙن جو رستو بند ٿي ويندو. پوءِ انهيءَ ماٿريءَ جو نالو ’ياجوجي لشڪر جي ماٿري‘ پئجي ويندو. 12بني اسرائيل قوم وارا ستن مهينن تائين انهن جي لاشن کي دفنائيندا رهندا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي ملڪ کي پاڪ ڪري ڇڏين. 13هائو، منهنجي فتح واري انهيءَ ڏينهن تي ملڪ جا سڀيئي ماڻهو انهن کي دفن ڪرڻ ۾ لڳي ويندا، جنهن ڪري اهي عزت وارا ليکيا ويندا. 14انهن ستن مهينن جي پوري ٿيڻ تائين ماڻهن جو هڪڙو ٽولو چونڊي ڪڍيو ويندو، جيڪو پوري ملڪ ۾ دفن ٿيڻ کان رهجي ويل ڪاهہ ڪندڙن جي لاشن کي دفن ڪرڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويندو، انهيءَ لاءِ تہ ملڪ کي بلڪل پاڪ ڪري ڇڏجي. 15جڏهن اهي ملڪ مان لنگھندا، تڏهن منجھائن ڪنهن کي بہ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي هڏي ڏسڻ ۾ ايندي تہ هو ان جي ڀرسان هڪڙو نشان کڙو ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن قبرون کوٽي دفن ڪرڻ وارا اچن تہ هو انهيءَ کي اتي ياجوج جي لشڪر واري ماٿريءَ ۾ دفنائي ڇڏين. 16انهيءَ ماٿريءَ جي ڀرسان واري شهر تي نالو ئي ’لشڪر‘ پئجي ويندو. تنهن کان پوءِ ملڪ وري پاڪ ٿي پوندو.“
17 # مڪا 19‏:17‏-18 خداوند خدا مون کي فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! انهيءَ جنگ لاءِ تون سڀني پکين کي سڏائجانءِ، بلڪ سڀني جھنگلي جانورن کي بہ. هائو، کين سڏائجانءِ تہ جيئن اهي چئني طرفن کان اچي اها قرباني کائين جيڪا آءٌ هنن لاءِ تيار پيو ڪريان. اها بني اسرائيل جي جابلو علائقن ۾ هڪڙي وڏي دعوت هوندي، جنهن ۾ هو ماس کائيندا ۽ رت پيئندا. 18اهي سپاهين جي لاشن کي کائيندا ۽ دنيا جي حڪمرانن جو رت پيئندا، ڇاڪاڻ تہ انهن سڀني کي ڪُٺو ويندو جيڪي بسن علائقي جي ٿلهين متارين رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن وانگر آهن. 19جڏهن آءٌ انهن ماڻهن کي قربانيءَ طور ڪُهندس، تڏهن پکي ۽ جانور انهن جو پسنديدہ ماس ايستائين پيا کائيندا جيستائين اهي کائي سگھن ۽ سندن رت ايستائين پيا پيئندا جيستائين پي ڪري مست ٿين. 20اهي منهنجي دسترخان تي گھوڙن، گھوڙي سوارن، بهادر سپاهين ۽ سڀني جنگي جوڌن جو ماس ايستائين پيا کائيندا جيستائين اهي کائي ڍءُ ڪن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
بني اسرائيل جي بحالي
21خداوند فرمايو تہ ”جڏهن آءٌ ياجوج جي لشڪر کي سزا ڏيندس، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي ڪيل فيصلي تي پنهنجي قدرت سان عمل ڪري ڏيکاريندس، تڏهن دنيا جي سڀني قومن آڏو منهنجي عظمت ظاهر ٿي پوندي. 22انهيءَ کان پوءِ اڳتي لاءِ بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان. 23پوءِ غير قومن وارا ڄاڻي وٺندا تہ ڇا جي ڪري مون بني اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو هو ۽ کين سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هئم، جن مان ڪن کي جنگ ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ڪن کي جلاوطن ڪيو ويو هو. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيو جو بني اسرائيل نافرمان ٿي بدڪاري ڪئي ۽ منهنجي خلاف گناهہ ڪيا هئا. 24هائو، مون کين سندن بدڪارين ۽ پليت ڪمن جي ڪري جوڳي سزا ڏني ۽ کين ڇڏي ڏنم.
25پر هاڻي آءٌ خداوند خدا سڄي بني اسرائيل قوم تي رحم ڪندس. هائو، آءٌ يعقوب جي اولاد جي خوشحالي وري بحال ڪندس ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي پاڪ نالي جي عظمت کي ضرور قائم رکندس. 26تنهن کان پوءِ هو پنهنجي وطن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان رهندا ۽ کين ڪوبہ ڪونہ ڊيڄاريندو. مگر ان وقت هو ڏاڍا شرمندا ٿيندا، جڏهن کين پنهنجا بڇڙائيءَ وارا ڪم ۽ منهنجي نالي جي بي‌ادبي ياد ايندي. 27جڏهن آءٌ بني اسرائيل کي غير قومن ۽ دشمن ملڪن مان موٽائي سندن وطن ۾ آڻيندس، تڏهن گھڻين ئي قومن آڏو منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي. 28پوءِ منهنجي قوم جا ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان، جنهن کين غير قومن ۾ جلاوطن بڻائي موڪليو هو ۽ هاڻي وري کين پاڻ سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪيو اٿم ۽ ڪوبہ هڪڙو پوئتي نہ ڇڏيو اٿم. 29آءٌ بني اسرائيل کان اڳتي ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجو روح انهيءَ قوم تي نازل ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

S'ha seleccionat:

حزقي‌ايل 39: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió