3
نبوڪدنضر جو سوني مورتيءَ کي سجدو ڪرائڻ
1بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورتي ٺهرائي، جنهن جي اوچائي ستاويهہ ميٽر ۽ ويڪر ٽي ميٽر هئي. هن انهيءَ کي بابل جي صوبي ۾ دورا نالي ميدان ۾ کڙو ڪرايو. 2تنهن کان پوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر ملڪ جي والين، نوابن، نائبن، صلاحڪارن، خزانچين، ججن، مفتين ۽ صوبي جي ٻين سڀني عملدارن کي گھرايو، تہ جيئن اهي انهيءَ مورتيءَ جي وقف ڪرڻ جي رسم تي حاضر رهن. 3سو جڏهن اهي سڀ انهيءَ مورتيءَ جي اڳيان اچي بيٺا، 4تڏهن هڪڙي منادي ڪرڻ واري وڏي واڪي اعلان ڪندي چيو تہ ”اي سموريون قومون ۽ قبيلؤ، بلڪ سڀ مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارؤ! اوهان کي حڪم ٿو ڏجي تہ 5جنهن وقت اوهين شرناءِ، بانسري، سُرندي، سارنگيءَ ۽ دنبوري سان گڏ باقي ٻين قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر جي کڙي ڪيل سوني مورتيءَ کي سجدو ڪجو. 6جيڪو بہ ماڻهو سجدو نہ ڪندو، تہ انهيءَ کي ان وقت ئي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو.“ 7سو جڏهن انهن سازن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، تڏهن سموريون قومون ۽ قبيلا، بلڪ سڀ مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارا بادشاهہ نبوڪدنضر جي کڙي ڪيل سوني مورتيءَ کي سجدو ڪرڻ لڳا.
دانيال جي دوستن جي نافرماني
8انهيءَ ئي وقت ڪجھہ رملين بادشاهہ نبوڪدنضر جي ويجھو اچي يهودين تي چغلي هڻندي 9کيس چيو تہ ”اي بادشاهہ! سدا سلامت رهو. 10جڏهن تہ توهان اهو حڪم جاري ڪيو آهي تہ ’جيڪو ماڻهو شرناءِ، بانسري، سُرندي، سارنگيءَ ۽ دنبوري سان گڏ باقي ٻين قسمن جي سازن جو آواز ٻڌي، سو انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ڪري. 11پر جيڪو سجدو نہ ڪندو، تنهن کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو.‘ 12هاڻي اي بادشاهہ سلامت! ڪي يهودي ماڻهو آهن، جن کي توهان بابل صوبي جي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو آهي، يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، تن توهان جي حڪم جي ڪا پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي. هو توهان جي معبودن جي پوڄا نہ ٿا ڪن، نہ ئي انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪا توهان کڙي ڪرائي بيهاري آهي.“
13تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر سخت ڪاوڙ ۽ جوش مان حڪم ڏنو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي حاضر ڪيو وڃي.“ سو انهن ٽنهي کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو. 14بادشاهہ انهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”ڇا اهو سچ آهي تہ اوهين ڄاڻيواڻي منهنجي معبودن جي پوڄا نہ ٿا ڪريو ۽ نہ وري انهيءَ سوني مورتيءَ کي سجدو ٿا ڪريو، جنهن کي مون کڙو ڪرائي بيهاريو آهي؟ 15هاڻي ٻڌو، جيڪڏهن اوهين هينئر بہ آمادہ آهيو تہ انهن سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌڻ سان هن سوني مورتيءَ کي سجدو ڪريو تہ چڱو، پر جي اوهان ائين نہ ڪيو تہ هن ئي گھڙيءَ اوهان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلايو ويندو. پوءِ آءٌ ڏسندس تہ اهو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائي ٿو.“ 16تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي بادشاهہ سلامت! انهيءَ ڳالهہ بابت اسين پنهنجي بچاءَ ۾ ڪجھہ بہ نہ ڳالهائينداسين. 17باقي، اي بادشاهہ! اسان جو خدا، جنهن جي ئي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو جيڪڏهن اسان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري مان بچائڻ چاهيندو تہ اسين توهان جي هٿان بچي نڪرنداسين. 18پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ! توهان کي خبر هجي تہ اسين توهان جي معبودن جي پوڄا هرگز نہ ڪنداسين، نڪي وري توهان جي کڙي ڪرايل انهيءَ سوني مورتيءَ کي ئي سجدو ڪنداسين.“
دانيال جي دوستن کي سزا ملڻ
19تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خلاف غصي وچان سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. سو هن حڪم ڏنو تہ ”کوري کي جيترو اڳ ۾ تپايو ويندو هو، تنهن کان هن کي ستوڻو وڌيڪ تپايو وڃي.“ 20پوءِ هن پنهنجي لشڪر جي ڪن طاقتور پهلوانن کي حڪم ڏنو تہ ”هنن ٽنهي کي ٻڌي ڀڙڪندڙ باهہ جي انهيءَ کوري ۾ اڇلايو.“ 21تڏهن انهن ٽنهي کي سندن چادرن، قميصن، پڳن ۽ ٻين ڪپڙن سميت ٻڌي، ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏيائون. 22جيئن تہ بادشاهہ جي سخت تاڪيدي حڪم موجب کوري جي تپش تمام تيز هئي، تنهنڪري سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي کوري جي ويجھو کڻي ايندڙ پهلوانن کي انهيءَ تپش ساڙي ختم ڪري ڇڏيو. 23جڏهن تہ اهي ٽيئي ٻڌل شخص ڀڙڪندڙ باهہ جي وچ ۾ وڃي ڪريا.
24تڏهن اوچتو بادشاهہ نبوڪدنضر حيرت وچان هڪدم ٽپو ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي مشيرن کان پڇڻ لڳو تہ ”ڇا اسان باهہ ۾ ٽن ماڻهن کي ٻڌي ڪين اڇلايو هو؟“ هنن کيس ورندي ڏيندي چيو تہ ”بيشڪ، اي بادشاهہ سلامت! ائين ئي ٿيو هو.“ 25سو بادشاهہ کين وري چيو تہ ”ڏسو، آءٌ باهہ جي وچ ۾ چئن ماڻهن کي کُليل ڏسان پيو، جيڪي گھمندا ڦرندا ٿا وتن ۽ انهن کي ڪو ايذاءُ بہ ڪونہ رسيو آهي، جڏهن تہ چوٿين ماڻهوءَ جي شڪل معبودن جهڙي ٿي ڏسجي.“
ٽنهين دوستن جي آزادي ۽ ترقي
26پوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري جي منهن وٽ ويجھو اچي پڪاري چيو تہ ”اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانهؤ! ٻاهر نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي باهہ منجھان نڪري ٻاهر آيا. 27ان وقت سڀ والي، نواب، نائب ۽ بادشاهہ جا مشير اچي گڏ ٿيا ۽ ڏٺائون تہ هنن جي جسمن تي باهہ ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو. هنن جو ڪو وار بہ نہ سڙيو هو، نڪي سندن پوشاڪ کي ئي ڪو تئُہ آيو هو، نہ ئي وري انهن مان باهہ جي سڙڻ جي ڪا بوءِ ٿي آئي.
28تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن. 29تنهنڪري آءٌ هي حڪم ٿو جاري ڪريان تہ ڪنهن بہ قوم ۽ قبيلي توڙي مختلف ٻوليءَ وارو جيڪڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي باري ۾ گھٽ وڌ ڳالهائي تہ انهيءَ کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي گھر کي ڊاهي ويران دڙو ڪيو وڃي. ان جو سبب هي آهي جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جيڪو هن طرح بچائي ٿو سگھي.“
30پوءِ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي ترقي ڏيئي بادشاهہ بابل جي صوبي ۾ بحال ڪيو.