Logo de l'Aplicació de la Bíblia
Icona de cerca

دانيال 4

4
نبوڪدنضر جو وڏي وڻ وارو خواب
1بادشاهہ نبوڪدنضر سڄيءَ دنيا جي قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن سڀني ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اي روءِزمين جا رهاڪؤ! شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي. 2آءٌ مناسب ٿو ڄاڻان تہ اهي نشانيون ۽ عجيب ڪم اوهان کي بيان ڪري ٻڌايان، جيڪي خدا تعاليٰ مون لاءِ ڪيا آهن.
3خدا جون نشانيون ڪيڏيون نہ عظيم آهن!
بيشڪ سندس عجيب ڪم ڪيڏا نہ زبردست آهن!
هن جي بادشاهت ابدي بادشاهت آهي،
هائو، هن جي حاڪميت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.
4آءٌ نبوڪدنضر پنهنجي محلات ۾ آرام ۽ سک سان گذاري رهيو هئس. 5تڏهن هڪ رات پنهنجي پلنگ تي ستي مون هڪڙو خواب لڌو، جنهن مون کي ڊيڄاري ڇڏيو. منهنجي ذهن ۾ ايندڙ انهيءَ رويا وارن خيالن مون کي بيحد پريشان ڪري ڇڏيو. 6تنهنڪري مون حڪم ڪيو تہ بابل جا سڀ عالم آڻي منهنجي آڏو حاضر ڪيا وڃن، تان‌تہ اهي مون کي منهنجي خواب جو تعبير ٻڌائين. 7تڏهن جادوگر، نجومي، رملي ۽ فال وجھندڙ اچي حاضر ٿيا. مون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، مگر اهي مون کي ان جو تعبير ٻڌائي نہ سگھيا. 8نيٺ دانيال منهنجي آڏو آيو، جنهن جو نالو بابل ملڪ ۾ منهنجي معبود جي نالي پٺيان بيلطشضر رکيل آهي. دانيال ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. مون کيس پنهنجو خواب ٻڌائيندي چيو تہ 9’اي بيلطشضر، جادوگرن جا سردار! مون کي خبر آهي تہ تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي ۽ ڪابہ راز جي ڳالهہ تنهنجي لاءِ مشڪل نہ آهي. سو جيڪو خواب مون لڌو آهي، سو ٻڌ ۽ انهيءَ جو تعبير مون کي ٻڌاءِ.
10جڏهن آءٌ پنهنجي پلنگ تي ستل هئس تڏهن مون رويا ۾ ڏٺو تہ
ڌرتيءَ جي بلڪل ئي وچ تي تمام اوچو هڪ وڻ بيٺل هو.
11ڏسندي ڏسندي اهو مضبوط ٿيندو ايترو تہ وڌندو ويو،
جو ان جي چوٽي وڃي آسمان کي پهتي.
پوءِ اهو پوري ڌرتيءَ تي سڀ ڪنهن هنڌ ڏسڻ ۾ ٿي آيو.
12انهيءَ جا پن سهڻا هئا ۽ منجھس ايترو تہ جھجھو ڦر هو،
جو پوريءَ دنيا کي انهيءَ مان کاڌو ٿي مليو.
جانورن ان جي هيٺان پناهہ ٿي ورتي،
۽ پکين ان ۾ آکيرا ٿي ٺاهيا،
سڀني ساهوارن جو انهيءَ تي ئي گذران هو.
13مون رويا ۾ اهو بہ ڏٺو تہ هڪڙو پاڪ نگهبان آسمان مان هيٺ لهي آيو. 14هن وڏي آواز سان پڪاري چيو تہ
”هن وڻ کي وڍي ڪيرايو وڃي،
۽ انهيءَ جون ٽاريون وڍيون وڃن.
انهيءَ جا پن ڇاڻيا وڃن ۽ ميوو ڪڻو ڪڻو ڪيو وڃي.
ڀل ان جي هيٺان جانور ڀڄي وڃن،
۽ انهيءَ مان پکي اڏامي وڃن.
15پر انهيءَ جو ٿُڙ پاڙن سميت زمين ۾ ئي لڳل رهڻ ڏيو.
اهو لوهہ ۽ پتل جي پٽ سان ٻڌي
ٻنيءَ جي سائي گاهہ ۾ رهڻ ڏيو.
پوءِ ڀلي آسمان مان ڪرندڙ ماڪ #4‏:15 انهيءَ شخص مٿين جملي ۾ ٿُڙ جو اشارو هڪ شخص ڏانهن آهي.انهيءَ شخص کي آلو ڪري،
ڀلي تہ انهيءَ جو حصو حيوانن سان گڏ جھنگ ئي ٿئي،
16ڇاڪاڻ تہ هُن جي انساني سوچ بدلجي حيواني ٿيندي،
ايستائين جو هن جي مٿان ستن سالن جو عرصو گذري ويندو.
17آسماني نگهبانن جي اها ئي فتويٰ آهي،
هائو، پاڪن جي طرفان اهو ئي فيصلو ٻڌايو وڃي ٿو،
انهيءَ لاءِ تہ هر ساهوارو اها ڳالهہ قبول ڪري،
تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو.
هو جنهن کي چاهي بادشاهت عطا ڪري ٿو،
پوءِ اهو بلڪل ادنيٰ ماڻهو ئي کڻي ڇو نہ هجي.“
18اهو ئي خواب آهي، جيڪو مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي. هاڻي اي بيلطشضر! انهيءَ جو تعبير بيان ڪر، ڇاڪاڻ تہ منهنجي بادشاهت جو ڪوبہ عالم انهيءَ جو تعبير ٻڌائي نہ ٿو سگھي. رڳو تون ئي ٻڌائي سگھين ٿو، ڇوجو تو ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي.‘“
دانيال جو تعبير ٻڌائڻ
19تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ. 20خواب ۾ توهان هڪڙو وڻ ڏٺو، جيڪو مضبوط ٿيندو ايترو تہ وڌندو ويو جو ان جي چوٽي وڃي آسمان سان لڳي ۽ جيڪو سڄي ڌرتيءَ تي ڏسڻ ۾ پئي آيو، 21جنهن جا پن سهڻا هئا، جنهن جو ڦر جھجھو هو ۽ سڀني جو گذران انهيءَ تي هو، جنهن جي هيٺان جھنگ جا جانور ٿي رهيا ۽ جنهن جي ٽارين تي پکين جا آکيرا هئا.
22اي بادشاهہ سلامت! اهو وڻ توهين ئي آهيو، جيڪي وڌي مضبوط ٿيا آهيو. توهان جي عظمت وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ توهان جي حاڪميت ڌرتيءَ جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتي آهي.
23انهيءَ کان علاوہ هڪ پاڪ نگهبان کي توهان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو، جنهن چيو تہ ’هن وڻ کي وڍي ڪيرايو وڃي ۽ انهيءَ کي ناس ڪيو وڃي. پر انهيءَ جي ٿُڙ کي ان جي پاڙن سميت زمين ۾ ئي لڳل ڇڏيو وڃي. اهو لوهہ ۽ پتل جي پٽ سان ٻڌل ڀلي ٻنيءَ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي. هائو، ڀلي تہ اهو شخص آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان آلو ٿيندو رهي ۽ ڀلي تہ حيوانن سان گڏ جھنگ ئي سندس حصو ٿئي، ايستائين جو مٿس ست سال گذري وڃن.‘
24سو اي بادشاهہ! انهيءَ جو تعبير ۽ خدا تعاليٰ جو اهو فيصلو، جيڪو منهنجي آقا بادشاهہ جي باري ۾ ڪيو ويو آهي سو هي آهي. 25ماڻهو توهان کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ توهان جو رهڻ جھنگ جي جانورن سان ٿيندو. توهين ڍڳن وانگر گاهہ چرندا ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندا رهندا. ائين توهان تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو توهين قبول ڪريو تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو. 26پر خواب ۾ هي حڪم بہ ڏنو ويو تہ انهيءَ وڻ جي ٿُڙ کي پاڙن سميت لڳل ڇڏي ڏنو وڃي. انهيءَ حڪم مان مراد اها آهي تہ جڏهن توهين قبول ڪندا تہ حڪومت عرش واري خدا جي ئي آهي، تڏهن توهان کي توهان جي بادشاهت تي وري قائم ڪيو ويندو. 27تنهنڪري اي بادشاهہ! شل توهان منهنجي صلاح قبول ڪريو ۽ پنهنجي گناهن کي حق تي هلڻ سان ۽ پنهنجي خطائن کي مظلومن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪريو. شايد انهيءَ ڪري توهين اڳتي خوشحال گذاريندا رهو.“
خواب جو پورو ٿيڻ
28اها سڄي حالت بادشاهہ نبوڪدنضر تي هن طرح ٿي گذري جو 29هڪڙي ئي سال گذرڻ کان پوءِ جڏهن هو بابل ۾ پنهنجي شاهي محل جي ڇت تي پئي گھميو، 30تڏهن چوڻ لڳو تہ ”ڇا هي اهو عظيم بابل شهر ناهي، جيڪو مون ئي پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان جوڙايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهو منهنجي گاديءَ جو شهر ۽ منهنجي شان وَ شوڪت جو نمونو ٿئي؟“ 31اها ڳالهہ اڃا بادشاهہ جي زبان تي ئي هئي تہ آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”اي بادشاهہ نبوڪدنضر! تو کي چيو ٿو وڃي تہ بادشاهي تنهنجي هٿان هاڻي جو هاڻي نڪري ويئي آهي. 32ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“
33انهيءَ ئي گھڙيءَ اها ڳالهہ نبوڪدنضر تي اچي پوري ٿي جو ماڻهن کيس انساني معاشري مان هڪالي ڪڍيو. پوءِ هو ڍڳن وانگر گاهہ چرندو رهيو ۽ هن جو بدن آسمان مان ڪرندڙ ماڪ سان پسندو رهيو. انهيءَ وقت دوران هن جا وار عقاب جي کنڀن وانگر ۽ هن جا ننهن پکين جي چنبن جيان وڌي ويا.
نبوڪدنضر جو بحال ٿيڻ ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ
34پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ
خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي،
هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.
35ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي،
آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا،
تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو.
ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي،
نڪي وري ڪو اهڙو آهي،
جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘
36سو انهيءَ ئي وقت منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. منهنجي بادشاهت جو شان وَ شوڪت، منهنجو رعب ۽ حشمت مون ۾ موٽي آيا. منهنجا مشير ۽ امير وري مون سان اچي گڏيا. مون کي پنهنجي بادشاهت تي بحال ڪيو ويو ۽ منهنجي عظمت اڳي کان بہ گھڻو وڌي ويئي.
37تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ
عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي،
آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان،
هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي،
سندس راهون انصاف واريون آهن.
هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا،
تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“

S'ha seleccionat:

دانيال 4: SB

Subratllat

Copia

Compara

Comparteix

None

Vols que els teus subratllats es desin a tots els teus dispositius? Registra't o inicia sessió