تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي بادشاهہ سلامت! انهيءَ ڳالهہ بابت اسين پنهنجي بچاءَ ۾ ڪجھہ بہ نہ ڳالهائينداسين. باقي، اي بادشاهہ! اسان جو خدا، جنهن جي ئي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو جيڪڏهن اسان کي ڀڙڪندڙ باهہ جي کوري مان بچائڻ چاهيندو تہ اسين توهان جي هٿان بچي نڪرنداسين. پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ! توهان کي خبر هجي تہ اسين توهان جي معبودن جي پوڄا هرگز نہ ڪنداسين، نڪي وري توهان جي کڙي ڪرايل انهيءَ سوني مورتيءَ کي ئي سجدو ڪنداسين.“