رومين 7
7
شريعت نڪاح مثل
1اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين شريعت کان واقف آھيو. تنھنڪري ڄاڻو ٿا تہ جيستائين انسان جيئرو آھي تيستائين شريعت جو مٿس حڪم ھلي ٿو. 2مثلاً، شريعت موجب زال پنھنجي مڙس سان سندس حياتيءَ تائين ٻڌل رھي ٿي. پر جيڪڏھن اھو مڙس مري وڃي تہ ھوءَ سندس نڪاح کان ڇٽل آھي. 3جيڪڏھن اھا عورت مڙس جي جيئري ئي ڪنھن ٻئي مرد سان لاڳاپا رکي ٿي تہ اھا عورت زناڪار سڏبي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي تہ ھوءَ شريعت موجب آزاد آھي ۽ پوءِ جيڪڏھن ڪنھن بہ مرد سان شادي ڪري ٿي تہ اھا عورت زناڪار نہ سڏبي. 4منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اھڙيءَ طرح عيسيٰ جي جسماني موت جي وسيلي اوھين بہ شريعت جي نسبت ۾ مري ويا آھيو. ھاڻي اوھين مسيح جي بدن جا عضوا آھيو ۽ اوھين انھيءَ جا ئي آھيو جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ اسين خدا جي لائق ڦل جھليون. 5جڏھن اسين رڳو انساني فطرت موجب رھندا ھئاسين، تڏھن اسان جون نفساني خواھشون، جيڪي شريعت جي ڪري ظاھر ٿي ٿيون سي اسان تي قابض ھيون، جنھن ڪري اسان موت لائق ڦل جھليوسين. 6پر ھاڻي اسين شريعت کان ڇٽل آھيون، ڇالاءِجو جنھن سان اسين ٻڌل ھئاسين تنھن جي نسبت تہ مئاسين. ھاڻي اسين خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پراڻن لکيل حڪمن جا نہ، بلڪ پاڪ روح جي نئين طريقي جا پابند آھيون.
شريعت ۽ گناھہ
7 # خر ۱۷:۲۰، شر ۲۱:۵ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ شريعت گناھہ آھي؟ نہ، بلڪل نہ، ڇالاءِجو جيڪڏھن شريعت نہ ھجي ھا تہ مون کي گناھہ جي خبر نہ پوي ھا. جيڪڏھن شريعت نہ چوي ھا تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ھا. 8پر گناھہ کي وجھہ ملي ويو. سو ھن انھيءَ شرعي حڪم جي وسيلي مون ۾ ھر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇالاءِجو شريعت کان سواءِ گناھہ مئل آھي. 9ڪو وقت ھو جڏھن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو ھوس، پر جڏھن شرعي حڪم آيو تہ گناھہ جيئرو ٿي پيو ۽ آءٌ مري ويس. 10اھو ئي شرعي حڪم جنھن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ ھو، سو ئي منھنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو. 11#پيد ۱۳:۳ ڇالاءِجو گناھہ کي وجھہ ملي ويو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايائين ۽ انھيءَ ئي شرعي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.
12جڏھن تہ شريعت پاڻ پاڪ آھي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچو ۽ چڱو آھي، 13تہ پوءِ جيڪا شيءِ چڱي آھي تہ ڇا تنھن ئي مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر گناھہ پنھنجي گنھگاري ظاھر ڪرڻ لاءِ ھڪ چڱي شيءِ جو سھارو وٺي مون کي ماريو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي گناھہ حد کان وڌيڪ بڇڙو ثابت ٿيو.
اندروني ڪشمڪش
14اسان کي خبر آھي تہ شريعت روحاني آھي. پر آءٌ جسماني آھيان، ڇالاءِجو آءٌ گناھہ جو زرخريد غلام آھيان. 15#گل ۱۷:۵ مون کي پنھنجن ڪمن جي ئي خبر نہ ٿي پوي، ڇالاءِجو جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اھي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آھي. 16جيڪڏھن آءٌ اھي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ شريعت سچي آھي. 17سو انھيءَ حالت ۾ ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آھيان، پر اھو گناھہ آھي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آھي، سو ئي اھي ڪم ڪري ٿو. 18آءٌ ڄاڻان ٿو تہ مون ۾ يعني منھنجي انساني فطرت ۾ ڪابہ نيڪي ڪانہ ٿي رھي. ڇالاءِجو منھنجي دل ۾ نيڪي ڪرڻ جي خواھش آھي، پر آءٌ ڪري نہ ٿو سگھان. 19اھو ئي سبب آھي جو آءٌ نيڪي ڪرڻ گھران ٿو، پر نہ ٿو ڪريان ۽ بڇڙا ڪم ڪرڻ نہ ٿو گھران، پر اُھي ڪريان ٿو. 20سو جيڪڏھن آءٌ اھڙا ڪم ٿو ڪريان جن جي ڪرڻ لاءِ دل نہ ٿي گھري، تہ پوءِ انھن جي ڪرڻ وارو آءٌ نہ آھيان، پر اھو گناھہ ئي آھي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آھي.
21تنھنڪري مون کي ھڪ اصول نظر ٿو اچي تہ جڏھن آءٌ چڱا ڪم ڪرڻ گھران ٿو تہ انھن جي بجاءِ بڇڙا ڪم ٿيو پون. 22منھنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آھي، 23پر مون کي پنھنجي جسم ۾ ھڪ ٻيو اصول بہ نظر اچي ٿو، جيڪو منھنجي عقل جي اصول سان جنگ ڪري ٿو. اھو گناھہ جو اصول آھي، جيڪو منھنجي جسم ۾ موجود آھي ۽ اھو مون کي غلام بڻائي ٿو. 24آءٌ ڪيڏو نہ ڪمبخت ماڻھو آھيان. مون کي انھيءَ جسم کان ڪير ڇڏائيندو جنھن جي وسيلي موت ايندو؟ 25آءٌ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي مون کي ڇڏائيندو.
مطلب تہ آءٌ پنھنجي عقل سان خدا جي شريعت جو تابعدار آھيان، پر آءٌ پنھنجي انساني فطرت جي ڪري گناھہ جي حڪم جو تابعدار آھيان.
Currently Selected:
رومين 7: SCLNT
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society

: