فلپين 2
2
مسيح جي نماڻائي
1جيڪڏھن اوھان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري ڪا دلداري ملي آھي ۽ سندس محبت مان ڪا تسلي ٿي آھي ۽ پاڪ روح جي ڪا صحبت ۽ ڪا رحمدلي ۽ ھمدردي ملي اٿوَ، 2تہ پوءِ منھنجي ھيءَ خوشي پوري ڪريو تہ ھڪ دل ٿي ۽ ھڪ جھڙي محبت رکي، ھڪ روح ٿيو ۽ ھمخيال رھو. 3ذاتي لالچ ۽ اجائي ھٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، بلڪ نماڻائيءَ سان ھڪ ٻئي کي پاڻ کان بھتر سمجھو. 4اوھان مان ھر ھڪ رڳو پنھنجين ڳالھين تي نہ، پر ٻين جي ڳالھين تي بہ ڌيان ڏئي.
5اوھين اھڙو ئي سڀاءُ رکو جھڙو عيسيٰ مسيح جو ھو.
6جيتوڻيڪ ھو بذاتِخود خدا ھو،
تہ بہ ھن خدا سان برابر ھئڻ جي درجي کي
زوريءَ پنھنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.
7اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين،
۽ غلام جي صورت اختيار ڪري
انسانن جھڙو ٿي ويو.
8انساني شڪل ۾ ظاھر ٿي ڪري
ھن پاڻ کي ھيٺاھون ڪيو،
۽ ايستائين فرمانبردار رھيو
جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.
9تنھنڪري خدا ھن کي تمام گھڻو سربلند ڪيو،
۽ کيس اھو نالو عطا ڪيائين،
جيڪو سڀني نالن کان اعليٰ آھي.
10 # يس ۲۳:۴۵ انھيءَ لاءِ تہ انسان، جيڪي ڄاوا آھن يا جيڪي ڄمندا،
سي سڀيئي عيسيٰ جي نالي تي گوڏا کوڙين،
11۽ ھر ھڪ زبان اقرار ڪري تہ
عيسيٰ مسيح خداوند آھي،
تان تہ خدا پيءُ جي واکاڻ ٿئي.
دنيا جي لاءِ روشني
12تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا. 13جڏھن تہ اھو خدا ئي آھي جيڪو پنھنجي نيڪ ارادي موجب اوھان ۾ ڪم ڪندو رھي ٿو، تہ جيئن اوھين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ ھن تي عمل بہ ڪريو.
14سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رھو، 15#شر ۵:۳۲ تہ جيئن اوھين بيڏوھي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ نرڄن ماڻھن جي ھن زماني ۾ خدا جا بيعيب ٻار ٿي رھو. انھن جي وچ ۾ اوھين ائين ٿا چمڪو جيئن دنيا ۾ روشني، 16۽ اوھين کين زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو. جيڪڏھن اوھين اھو سڀ ڪجھہ ڪريو ٿا تہ آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تي فخر ڪري سگھندس تہ منھنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي. 17پر جيڪڏھن اوھان جي ايمان واري خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنھنجو رت بہ وھائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آھيان ۽ اوھان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان. 18اوھين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏ خوشي ڪريو.
تيمٿيس ۽ اِپفروديتس
19مون کي خداوند عيسيٰ ۾ اميد آھي تہ تيمٿيس کي جلد ئي اوھان ڏانھن موڪليندس، تہ جيئن اوھان جو احوال معلوم ڪري مون کي بہ دلجاءِ ٿئي. 20مون وٽ ھن جھڙو ٻيو ڪوبہ ھمخيال ماڻھو ڪونھي، جنھن کي سچپچ اوھان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي ھجي. 21ڇالاءِجو ھر ڪو پنھنجي مطلب جي ڳالھين کي ٿو ڏسي، نہ عيسيٰ مسيح جي ڳالھين کي. 22پر اوھان کي تيمٿيس جي لائق ھجڻ جي خبر آھي، ڇوتہ جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري تيئن ھن مون سان گڏجي خوشخبري ڦھلائڻ جي خدمت ڪئي آھي. 23تنھنڪري اميد اٿم تہ جڏھن آءٌ ڏسندس تہ منھنجو ڪھڙو فيصلو ٿو ٿئي، تڏھن کيس ھڪدم اوھان ڏانھن روانو ڪندس. 24بلڪ مون کي خداوند تي ڀروسو آھي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.
25پر آءٌ اھو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوھان ڏانھن موڪليان، جيڪو منھنجو مسيحي ڀاءُ، ھمخدمت ۽ ھمسپاھہ آھي. ھي اوھان جو قاصد بہ آھي، جنھن کي اوھان منھنجين ضرورتن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ مون ڏانھن موڪليو ھو. 26ھن کي اوھان سڀني جي ڏاڍي سڪ آھي ۽ بيقرار ٿو رھي، ڇالاءِجو اوھان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو ھو. 27سچپچ ھو بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. پر خدا مٿس رحم ڪيو، نہ رڳو ھن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين. 28تنھنڪري کيس موڪلڻ جو مون کي اڃا بہ وڌيڪ شوق ٿيو، تہ جيئن اوھين کيس وري ڏسي خوش ٿيو ۽ منھنجو فڪر بہ گھٽجي وڃي. 29سو خداوند جا ھئڻ ڪري کيس ڀاءُ سمجھي وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ اھڙن شخصن کي عزت ڏيندا رھجو. 30ڇاڪاڻتہ ھو مسيح جي ڪم خاطر مرڻ تي ھو ۽ پنھنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي خدمت ۾ اوھان جي طرفان جيڪا گھٽتائي ھئي سا پوري ڪري.
Currently Selected:
فلپين 2: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society

: