YouVersion Logo
Search Icon

گلتين 5

5
مسيح سان آزاد گذارڻ
1مسيح اسان کي آزاد رھڻ لاءِ ئي آزادي ڏني آھي. تنھنڪري اوھين انھيءَ آزاديءَ کي قائم رکو ۽ پاڻ کي وري غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ جوٽيو.
2ڌيان سان ٻڌو، آءٌ پولس اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪڏھن اوھين طھر ڪرائيندا تہ مسيح کان اوھان کي ڪوبہ فائدو نہ پھچندو. 3آءٌ ھر ھڪ طھر ڪرائيندڙ شخص کي ٻيھر چتاءُ ٿو ڏيان تہ اھو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل آھي. 4اوھين جيڪي شريعت جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ خدا جي فضل کان محروم ٿي ويا آھيو. 5پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان جي ڪري سچار بڻايا وينداسين. انھيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاھہ سان انتظار ڪري رھيا آھيون. 6ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.
7اوھين تہ ايمان جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رھيا ھئا. پوءِ ڪنھن اوھان کي سچ کي مڃڻ کان روڪي ڇڏيو؟ 8اھو ڪم اوھان جي سڏڻ واري خدا جي طرفان نہ آھي. 9#۱.ڪر ۶‏:۵ چوندا آھن تہ ٿورڙو ئي خميرو سڄي ڳوھيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آھي. 10اسان جي خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري مون کي اوھان بابت يقين آھي تہ اوھين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا. پر جيڪو ماڻھو اوھان کي پريشان ٿو ڪري سو ڪير بہ ھوندو تہ سزا پائيندو.
11اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ھن وقت تائين آءٌ اھا تبليغ ڪريان ٿو تہ طھر ڪرائڻ ضروري آھي، تہ پوءِ آءٌ ڇو ٿو اڃا تائين ستايو وڃان؟ جيڪڏھن ائين ھو تہ پوءِ منھنجي صليب جي تبليغ ٿاٻڙائڻ جو باعث نہ رھي. 12شل جيڪي اوھان کي بي⁠آرام ڪن ٿا، سي پنھنجو پاڻ کي ڪپي نامرد بڻائي ڇڏين تہ چڱو.
13اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آھيو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي جسماني خواھشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ محبت جي رستي ھڪ ٻئي جي خدمت ڪريو. 14#لاو ۱۸‏:۱۹ ڇالاءِ⁠جو سڄي شريعت ھن ھڪڙيءَ ئي ڳالھہ ۾ پوري ٿئي ٿي تہ
”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ 15پر جيڪڏھن اوھين ھڪ ٻئي کي چڪ ھڻندا ۽ ڳھندا ٿا وڃو تہ خبردار ٿجو متان ھڪ ٻئي کي چٽ نہ ڪري ڇڏيو.
پاڪ روح ۽ انساني فطرت
16پر آءٌ چوان ٿو تہ پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو، تہ پوءِ اوھين انساني فطرت جي خواھشن کي ڪڏھن بہ پورو نہ ڪندا. 17#رو ۱۵‏:۷‎–۲۳ ڇالاءِ⁠جو انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواھش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. ھي ٻئي ھڪٻئي جا دشمن آھن، انھيءَ ڪري جيڪي اوھين ڪرڻ چاھيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو. 18پر جيڪڏھن اوھين پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آھيو.
19ھاڻي انساني فطرت جا ڪم ظاھر آھن، يعني حرامڪاري، ناپاڪي ۽ شھوت⁠پرستي، 20بت⁠پرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، مفادپرستي، جدايون ۽ ڌڙابندي، 21بغض، نشي⁠بازي، عيش⁠پرستي ۽ ٻيا اھڙا ڪم. انھن بابت جيئن اڳي بہ مون اوھان کي خبردار ڪيو ھو، تيئن ھاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اھڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاھت جا وارث ڪين ٿيندا.
22پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري، 23نماڻائي ۽ پرھيزگاري. اھڙين ڳالھين جي خلاف ڪابہ شريعت نہ آھي. 24جيڪي عيسيٰ مسيح جا آھن، تن انساني فطرت کي ان جي لاڙن ۽ برين خواھشن سميت صليب تي چاڙھي ڇڏيو آھي. 25جڏھن تہ اسين پاڪ روح جي ڪري جيئرا آھيون، تڏھن اسان کي ھلڻ بہ پاڪ روح جي ھدايتن موجب کپي. 26اسان کي گھرجي تہ اجايو فخر نہ ڪريون، نہ ھڪٻئي کي چيڙايون ۽ نڪي ھڪٻئي ڏانھن بغض رکون.

Currently Selected:

گلتين 5: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in