YouVersion Logo
Search Icon

اِفسين 6

6
ٻار ۽ ماءُ⁠پيءُ
1 # ڪل ۲۰‏:۳ اي ٻارؤ! خداوند جا ھئڻ ڪري پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو، ڇوتہ ائين ڪرڻ واجب آھي. 2#خر ۱۲‏:۲۰، شر ۱۶‏:۵ ھي پھريون حڪم آھي جنھن سان واعدو شامل آھي تہ
”پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو،
3تہ جيئن توھان جو ڀلو ٿئي،
۽ انھيءَ ملڪ ۾ اوھين وڏي عرصي تائين رھو.“
4 # ڪل ۲۱‏:۳ اي پيئرؤ! اوھين پنھنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين اھڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند کي پسند ھجي.
غلامَ ۽ مالڪَ
5 # ڪل ۲۲‏:۳‎–۲۵ اي غلامؤ! اوھين صاف⁠دليءَ سان، ادب ۽ تابعداري ڪندي پنھنجن دنياوي مالڪن جا اھڙا فرمانبردار رھو جھڙا مسيح جا. 6ماڻھن کي خوش ڪندڙن وانگر ظاھري ڏيکاءَ لاءِ خدمت نہ ڪريو، پر مسيح جي غلامن وانگر دل سان خدا جي مرضي پوري ڪريو. 7دل ⁠وَ جان سان خدمت ڪريو، ڄڻ تہ خداوند جي ٿا ڪريو، نہ ماڻھن جي. 8ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ ماڻھو جيڪو بہ چڱو ڪم ڪندو، تنھن جو اجر خداوند کان ملندس، پوءِ کڻي اھو غلام ھجي يا آزاد.
9 # شر ۱۷‏:۱۰، ڪل ۲۵‏:۳، ۱‏:۴ اي مالڪؤ! اوھين بہ پنھنجن غلامن سان ساڳيو سلوڪ ڪريو. کين ڌمڪايو نہ، ڇوتہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ انھن جو ۽ اوھان جو، ٻنھي جو مالڪ آسمان ۾ آھي ۽ اھو ڪنھن جي بہ طرفداري ڪونہ ڪندو آھي.
برائيءَ خلاف جنگ
10مطلب تہ خداوند جا ھئڻ ڪري ۽ سندس قدرت جي زور جي ڪري زورآوار ٿيو. 11خدا جا سڀ ھٿيار ٻَڌو، تہ جيئن شيطان جي سازشن جو مقابلو ڪري سگھو. 12ڇالاءِ⁠جو اسان جي جنگ انسان سان نہ آھي. پر اسين ھن اونداھيءَ دنيا وارين طاقتن سان، اختياريءَ وارن سان، حاڪمن سان ۽ آسماني جاين وارن بڇڙن روحن جي لشڪرن سان وڙھون ٿا. 13تنھنڪري خدا جا سڀ ھٿيار ٻڌو، تہ جيئن برائيءَ جي ڏينھن ۾ مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رھو.
14 # يس ۵‏:۱۱، ۱۷‏:۵۹ تہ پوءِ ثابت قدم رھو، سچ جو سندرو چيلھہ سان ٻڌو ۽ ڇاتيءَ تي سچائيءَ جي زرہ ڍڪيو. 15#يس ۷‏:۵۲ پنھنجي پيرن ۾ اھا جتي پائي تيار رھو، جنھن جي ڪري صلح جي خوشخبري ٻڌائي سگھو. 16انھيءَ سان گڏ ايمان جي ڍال کڻو، جنھن سان اوھين انھيءَ بدڪار يعني شيطان جا سڀ ٻرندڙ تير اُجھائي سگھو. 17#يس ۱۷‏:۵۹ ڇوٽڪاري جو لوھو ٽوپ ۽ پاڪ روح جي تلوار يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو. 18پاڪ روح جي ھدايت موجب ھر وقت ۽ ھر قسم جي دعائن ۽ منٿن سان خدا کان مدد گھرندا رھو. انھيءَ مقصد لاءِ سجاڳ رھو ۽ سڀني ايمان وارن لاءِ ھميشہ دعا گھرندا رھو.
19منھنجي لاءِ بہ دعا ڪريو تہ ڳالھائڻ وقت مون کي ڪلام ٻڌائڻ جي توفيق ملي، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاھر ڪريان. 20انھيءَ خوشخبريءَ خاطر آءٌ زنجيرن سان ٻڌل ايلچي آھيان. دعا ڪريو تہ اھا بنا ڪنھن ڊپ جي ٻڌائي سگھان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.
آخري دعا سلام
21 # رس ۴‏:۲۰، ۲.تم ۱۲‏:۴ #ڪل ۷‏:۴‎–۸ تُخِڪُس، جيڪو خداوند جو ھئڻ ڪري پيارو ڀاءُ ۽ سچو خدمتگار آھي، سو اوھان کي منھنجون سڀ ڳالھيون ٻڌائيندو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين بہ منھنجي حال کان واقف ٿيو تہ آءٌ ڪيئن ٿو گذاريان. 22آءٌ ھن کي اوھان ڏانھن انھيءَ مقصد لاءِ موڪلي رھيو آھيان تہ اوھان کي معلوم ٿئي تہ اسين ڪيئن آھيون ۽ اھو بہ تہ جيئن ھو اوھان جي دلين کي ھمتائي.
23خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل ڀائرن ۽ ڀينرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي. 24شل انھن سڀني تي فضل ھجي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.

Currently Selected:

اِفسين 6: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in