YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 24

24
پولس تي يھودين جو الزام
1پنجن ڏينھن کان پوءِ وڏو سردار ڪاھن حنانياہ ڪن بزرگن ۽ ھڪ وڪيل طرطلس سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اھي گورنر فِيلِڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تھمتون ھڻڻ لڳا.
2جڏھن پولس کي سڏايو ويو تہ طرطلس ھن تي الزام ھڻندي چيو تہ ”جناب فِيلِڪس صاحب بھادر! اسين سائين جن جي ڪري ڏاڍي امن ۾ ٿا گذاريون ۽ اوھان جي دورانديشيءَ سبب ھن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيا آھن. 3اسين ھر طرح ۽ ھرھنڌ اوھان جا شڪرگذار ۽ ٿورائتا آھيون. 4آءٌ اوھان کي وڌيڪ تڪليف نہ ٿو ڏيان، رڳو عرض ٿو ڪريان تہ مھرباني ڪري اسان جون ٻہ ٽي ڳالھيون ٻڌو. 5ھي ماڻھو ھڪ وڏو خطرناڪ غنڊو نڪتو آھي. دنيا جي سڀني يھودين ۾ ھن فساد مچايو آھي ۽ ناصرين جي ھڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آھي. 6‏-8ھن اھا بہ ڪوشش ڪئي آھي تہ ھيڪل جي بي⁠حرمتي ڪري، پر اسان کيس پڪڙي ورتو.#ڪن ترجمن ۾ ھي بہ شامل آھي: اسان جي مرضي ھئي تہ ھن جو فيصلو پنھنجي شريعت موجب ڪريون. پر ڪپتان لوسياس اچي ڪڙڪيو ۽ زوريءَ ھن جي ٻانھن اسان جي ھٿن مان ڇڏائي ويو، ھن جي مخالفن کي حڪم ڏنائين تہ اوھان وٽ اچن. سو جن ڏوھن جو اسين مٿس الزام ٿا ھڻون، تن سڀني جي بہ جيڪڏھن کانئس پڇا ڳاڇا ڪندا تہ اوھان کي خبر پئجي ويندي.“ 9پوءِ يھودي بہ ھن الزام ھڻڻ ۾ وڪيل سان شامل ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”اھي ڳالھيون برابر ائين ئي آھن.“
پولس جو فِيلِڪس اڳيان بچاءَ جو بيان
10پوءِ گورنر پولس ڏانھن پنھنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏھن پولس وراڻيو تہ ”سائين! مون کي خبر آھي تہ اوھين گھڻن ئي سالن کان وٺي ھن قوم جو انصاف ڪندا ٿا اچو، تنھنڪري آءٌ خوشيءَ سان اوھان جي اڳيان پنھنجي بچاءَ لاءِ بيان ڏيان ٿو. 11اوھين معلوم ڪري سگھو ٿا تہ ٻارھن ڏينھن بہ مس گذريا ھوندا جو آءٌ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھوس. 12ھنن مون کي نہ ھيڪل ۾ ڪنھن سان بحث ڪندي ڏٺو آھي ۽ نڪي پنھنجن عبادت⁠خانن ۽ شھر ۾ فساد مچائيندي ڏٺو اٿن. 13ھو وري جن ڳالھين جي مون تي تھمت ٿا ھڻن، تن جي ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن. 14آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ پنھنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت انھيءَ طريقي موجب ڪريان ٿو جنھن کي ھي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن ۾ لکيل سڀني ڳالھين تي ايمان آڻيان ٿو. 15مون کي خدا ۾ اھڙي ئي اميد آھي جا خود انھن کي بہ آھي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو. 16تنھنڪري آءٌ ھميشہ اھا ڪوشش ڪندو رھندو آھيان تہ منھنجي دل خدا ۽ ماڻھن ڏانھن صاف رھي.
17 # رس ۱۷‏:۲۱‎–۲۸ آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ ويس تہ وڃي پنھنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان. 18جڏھن مون ائين پئي ڪيو ۽ ھيڪل ۾ پاڪائيءَ سان ھوس، تڏھن ھنن مون کي اتي ڪو فساد يا جھيڙو ڪندي نہ ڏٺو. 19جڏھن تہ اتي ايشيا پرڳڻي جا ڪي يھودي بہ موجود ھئا، جيڪڏھن کين مون تي ڪا تھمت ھڻڻي ھجي ھا تہ اھي ھتي اوھان جي اڳيان حاضر ٿين ھا. 20يا ھنن ماڻھن کي ئي اجازت ڏيو تہ ھو پاڻ ٻڌائين تہ جڏھن آءٌ ڪائونسل جي اڳيان بيٺو ھوس تہ ھنن مون ۾ ڪھڙو ڏوھہ ڏٺو، 21#رس ۶‏:۲۳ سواءِ ھن ڏوھہ جي جو مون سندن وچ ۾ بيھي وڏي واڪي چيو تہ ’اڄ اوھين مون تي انھيءَ ڪري ڪيس ٿا ھلايو، جو مون چيو آھي تہ مئل وري جيئرا ٿي اٿندا.‘“
22پوءِ فِيلِڪس، جيڪو انھيءَ طريقي جو وڌيڪ ڄاڻو ھو، تنھن ڪيس روڪي ڇڏيو ۽ انھن کي چيائين تہ ”جڏھن ڪپتان لوسياس ايندو تڏھن آءٌ اوھان جي ڪيس جو فيصلو ڏيندس.“ 23ھن پولس جي نگھبان صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”ھن کي وڃي نظربند ڪريو، پر کيس ڪجھہ آزادي ڏجو ۽ جيڪڏھن ھن جي دوستن مان ڪو سندس خدمت ڪرڻ گھري تہ کيس نہ روڪجو.“
پولس فِيلِڪس ۽ دروسلہ جي اڳيان
24ڪن ڏينھن کان پوءِ فِيلِڪس پنھنجي يھودڻ زال دروسلہ سان گڏجي اتي آيو ۽ پولس کي گھرائي سندس زباني عيسيٰ مسيح جي دين بابت ڳالھيون ٻڌائين. 25جڏھن پولس ھنن کي سچائي، پرھيزگاري ۽ ايندڙ قيامت بابت سمجھايو پئي، تڏھن فِيلِڪس کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو، سو پولس کي چيائين تہ ”ھاڻي تون ھليو وڃ ۽ وري جڏھن مون کي واندڪائي ملندي تہ آءٌ تو کي پاڻ وٽ گھرائي وٺندس.“ 26تنھن کان سواءِ ھن کي اھا بہ اميد ھئي تہ پولس کيس ڪا رشوت ڏيندو، تنھنڪري ھو وري وري کيس سڏائي گفتگو ڪندو ھو. 27پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلِڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلِڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي ھليو ويو، ڇوتہ سندس مرضي ھئي تہ ان طرح ھو يھودين کي خوش ڪري.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in