رسولن جا ڪم 18
18
ڪرنٿس ۾
1انھن ڳالھين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس ۾ اچي پھتو. 2اتي ھن کي اڪولا نالي ھڪڙو يھودي مليو، جيڪو پنطس جو رھاڪو ھو. ھو اِٽليءَ مان تازو پنھنجي زال پرسڪلا سان گڏ آيو ھو، ڇالاءِجو شھنشاھہ ڪلوديس حڪم ڏنو ھو تہ سڀ يھودي روم شھر مان نڪري وڃن. سو پولس انھن وٽ آيو، 3۽ جيئن تہ ٻنھي جو تنبن ٺاھڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو ھو، تنھنڪري پولس انھن سان گڏ رھيو ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا. 4ھو ھر ڪنھن سبت جي ڏينھن تي يھودي عبادتخاني ۾ ويندو ھو ۽ بحث ڪري يھودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو ھو.
5جڏھن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيا مان اچي پھتا تہ پولس ڪلام جي تبليغ ۾ ڏاڍو مشغول ھو. ھن يھودين کي انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي. 6جڏھن ھو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گاريون ڏيڻ لڳا تہ ھن پنھنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين تباھہ ٿيا تہ پنھنجا ذميوار اوھين پاڻ آھيو، منھنجو ڪوبہ واسطو نہ آھي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانھن ويندس.“ 7پوءِ ھو اتان روانو ٿي ھڪڙي شخص طيطس يوستس جي گھر اچي ٽڪيو، جيڪو خداترس ھو ۽ جنھن جو گھر يھودي عبادتخاني جي ڀرسان ھو. 8عبادتخاني جي اڳواڻ ڪرسپس ۽ سندس سڄي ڪٽنب خداوند تي ايمان آندو ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ڪرنٿين پولس جي ڳالھہ ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.
9ھڪڙيءَ رات پولس رويا ڏٺي جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”ڊڄ نہ ۽ نڪي ٻڌائڻ کان بس ڪر، 10ڇالاءِجو آءٌ تو سان آھيان. سو ڪوبہ ماڻھو حملو ڪري تو کي ايذاءُ نہ رسائيندو. ھن شھر ۾ منھنجا ڪيترائي ماڻھو آھن.“ 11ھو ڏيڍ سال اتي رھي پيو ۽ انھن ماڻھن کي خدا جو ڪلام ٻڌائيندو رھيو.
12پر جڏھن يونان جي پرڳڻي اخيا جو گورنر گليو ھو، تڏھن يھودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي ڪورٽ ۾ وٺي آيا. 13اھي چوڻ لڳا تہ ”ھي اھو شخص آھي جيڪو ماڻھن کي اھڙي نموني عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري، جيڪا قانون جي خلاف آھي.“ 14پولس ڳالھائڻ تي ھو، پر گورنر گليوءَ يھودين کي چيو تہ ”اي يھودي قوم! جيڪڏھن اھا ڪا ظلم زبردستيءَ جي يا ڪا وڏي بڇڙي ڳالھہ ھجي ھا تہ پوءِ واجبي ھو تہ آءٌ صبر سان اوھان جي ڳالھہ ٻڌان ھا. 15پر جڏھن تہ ھي اھڙا سوال آھن جن جو واسطو لفظن، نالن ۽ خاص اوھان جي شريعت سان آھي تہ پوءِ توھين ڄاڻو، توھان جو ڪم ڄاڻي. آءٌ اھڙين ڳالھين جو فيصلو ڪرڻ نہ ٿو چاھيان.“ 16سو ھن کين ڪورٽ مان ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو. 17پوءِ انھن سڀني گڏجي عبادتگاھہ جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس ڪورٽ جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گليوءَ کي انھن ڳالھين جي ڪابہ پرواھہ ڪانہ ھئي.
انتاخيا ڏانھن واپسي
18 # ڳا ۱۸:۶ پولس ڪرنٿس ۾ ڪيترا ئي ڏينھن رھيو. پوءِ ڀائرن کان موڪلائي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام ڏانھن روانو ٿيو. سفر کان اڳ ۾ ڪنخريا ۾ ھن پنھنجو مٿو ڪوڙائي ھڪ باس باسي. 19جڏھن اھي اِفسس ۾ پھتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوئي پاڻ يھودي عبادتخاني ۾ ويو جتي يھودين سان بحث ڪرڻ لڳو. 20انھن کيس اڃا بہ ڪجھہ وقت تائين رھڻ لاءِ عرض ڪيو، پر ھن قبول نہ ڪيو. 21ھن موڪلائڻ وقت کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي ھو اِفسس مان روانو ٿي ويو.
22جڏھن ھو قيصريہ ۾ پھتو تہ ھن يروشلم ڏانھن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيو ۽ پوءِ انتاخيا ڏانھن ھليو ويو. 23ڪجھہ وقت اتي رھڻ کان پوءِ ھو اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو سڀني شاگردن کي ھمتائيندو ويو.
اپلوس اِفسس ۽ ڪرنٿس ۾
24انھن ڏينھن ۾ اپلوس نالي ھڪڙو يھودي جيڪو اسڪندريہ جو رھاڪو ھو سو اِفسس ۾ آيو. ھو ھڪ سٺو تقرير ڪندڙ ھو ۽ کيس پاڪ ڪتابن جي گھڻي ڄاڻ ھئي. 25ھن کي خداوند جي طريقي واري تعليم ڏني ويئي ھئي. سو ھو عيسيٰ جون ڳالھيون وڏي جوش ۽ جذبي سان صحيح نموني ۾ ٻڌائيندو ۽ سيکاريندو ھو، جڏھن تہ بپتسما بابت ھن کي رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ ھئي. 26ھو يھودي عبادتخاني ۾ بيڊپو ٿي ڳالھائڻ لڳو. جڏھن پرسڪلا ۽ اڪولا ھن جو ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن ھن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس خدا جي طريقي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون. 27جڏھن اپلوس جي مرضي ٿي تہ ”آءٌ يونان جي پرڳڻي اخيا وڃان،“ تہ ڀائرن کيس ھمتايو ۽ يونان جي شاگردن ڏانھن تاڪيدي خط لکيائون تہ ھو يونان ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪن. جڏھن ھو اتي پھتو تہ ھو انھن جو وڏو مددگار ٿي پيو، جن خدا جي فضل سان ايمان آندو ھو، 28ڇالاءِجو ھن مضبوط دليلن سان يھودين کي کليو کلايو شڪست ڏني ۽ پاڪ ڪتابن مان ثابت ڪيائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.
Currently Selected:
رسولن جا ڪم 18: SCLNT
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society

: