YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 13

13
برنباس ۽ شائول جو چونڊجڻ
1انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول. 2جڏھن ھنن خداوند جي عبادت پئي ڪئي ۽ روزا پئي رکيا، تڏھن پاڪ روح کين چيو تہ ”برنباس ۽ شائول کي مون لاءِ مخصوص ڪريو تہ ھو اھو ڪم ڪن جنھن لاءِ مون کين چونڊيو آھي.“ 3تڏھن انھن روزو رکيو ۽ دعا گھرندي ھنن تي ھٿ رکيا ۽ پوءِ کين روانو ڪيائون.
قبرص ۾
4برنباس ۽ شائول پاڪ روح جي چوڻ موجب پھريائين سلوڪيہ ڏانھن ويا ۽ اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانا ٿي ويا. 5جڏھن ھو سلميس ۾ پھتا، تڏھن يھودين جي عبادت⁠خانن ۾ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪرڻ لڳا ۽ يوحنا عرف مرقس ھن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.
6جڏھن ھو سارو ٻيٽ لتاڙي پافس ۾ پھتا تہ ھنن اتي نبي سڏائيندڙ ھڪڙو يھودي جادوگر ڏٺو، جنھن جو نالو بريسوع ھو. 7ھو ٻيٽ جي گورنر سرگيس پولس، جيڪو ھڪڙو ذھين شخص ھو تنھن جو درٻاري ھو. انھيءَ گورنر برنباس ۽ شائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن خدا جو ڪلام ٻڌڻ پئي چاھيو. 8پر بريسوع عرف اليماس، جنھن جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آھي ’جادوگر،‘ تنھن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي، تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي. 9پوءِ شائول، جنھن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آھن، پاڪ روح سان ڀرجي جادوگر ڏانھن چتائي نھاريو 10۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون ھر نيڪيءَ جو دشمن آھين، ھر قسم جي بڇڙائيءَ ۽ ٺڳيءَ سان ڀريل آھين ۽ ھميشہ ڪوشش ڪندو رھين ٿو تہ خداوند جي سچائيءَ کي ڪوڙو ڪرين. 11سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آھي. ھاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ مدت تائين ڏينھن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏھن ھڪدم ھن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداھي اچي ويئي ۽ ھو ھيڏانھن ھوڏانھن ھٿوراڙيون ھڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس ھٿ کان وٺي ھلي. 12جڏھن گورنر ھي حال ڏٺو تہ خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو ۽ ايمان آندائين.
پسديا واري انتاخيا ۾
13پولس ۽ سندس ساٿي پافس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي پرگا ۾ آيا، جو پمفوليا ۾ آھي. پر يوحنا عرف مرقس ھنن کي اتي ڇڏي يروشلم ڏانھن موٽي ويو. 14ھو پرگا مان پسديا واري انتاخيا ۾ آيا ۽ سبت جي ڏينھن يھودي عبادت⁠خاني ۾ وڃي ويٺا. 15جڏھن اتي توريت ۽ نبين جا صحيفا پڙھيا ويا، تڏھن عبادت⁠خانن جي اڳواڻن ھنن کي سڏائي چيو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏھن اوھان کي ڪا نصيحت جي ڳالھہ ماڻھن کي ٻڌائڻي آھي تہ ٻڌايو.“
16تنھن تي پولس اٿي بيٺو ۽ ھٿ جو اشارو ڏيندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! ڪن ڏيئي ٻڌو. 17#خر ۷‏:۱، ۵۱‏:۱۲ بني اسرائيل قوم جي خدا اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ انھن کي وڏي قوم بڻايائين، جڏھن ھو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رھندا ھئا. خدا پنھنجي عظيم قوت سان انھن کي مصر مان ڪڍيو 18#ڳا ۳۴‏:۱۴، شر ۳۱‏:۱ ۽ اٽڪل چاليھن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رھيو. 19#شر ۱‏:۷، يش ۱‏:۱۴ ھن ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون ناس ڪيون ۽ بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايائين. 20#رھ ۱۶‏:۲، ۱.سم ۲۰‏:۳ اھڙيءَ طرح ساڍا چار ⁠سؤ سال گذري ويا.
تڏھن خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انھن لاءِ رھبر مقرر ڪندو رھيو. 21#۱.سم ۵‏:۸، ۲۱‏:۱۰ ان کان پوءِ ھنن بادشاھہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا شائول کي سندن بادشاھہ مقرر ڪيو، جيڪو بنيامين جي قبيلي مان قيش جو پٽ ھو، جنھن چاليھن سالن تائين حڪومت ڪئي. 22#۱.سم ۱۴‏:۱۳، ۱۲‏:۱۶، زب ۲۰‏:۸۹ جڏھن خدا ھن کي برطرف ڪيو تہ دائود کي انھن جو بادشاھہ مقرر ڪيائين. خدا ھن بابت ھيئن چيو تہ ’مون يشيءَ جي پٽ دائود کي پنھنجيءَ دل وٽان لڌو آھي. ھو ھميشہ منھنجي مرضيءَ تي ھلندو.‘ 23جيئن خدا واعدو ڪيو ھو تيئن ئي ھن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل وٽ ھڪڙي ڇوٽڪاري ڏيندڙ يعني عيسيٰ کي موڪليو. 24#مر ۴‏:۱، لو ۳‏:۳ عيسيٰ جي اچڻ کان اڳ ۾ يحيٰ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم ۾ تبليغ ڪئي تہ توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو. 25#مت ۱۱‏:۳، مر ۷‏:۱، لو ۱۶‏:۳، يو ۲۰‏:۱‏،۲۷ جڏھن يحيٰ پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ تي ھو تہ ھن ماڻھن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ آءٌ اھو نہ آھيان جنھن جو اوھين انتظار ڪري رھيا آھيو، پر اھو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙيان.‘
26اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي. 27پر يروشلم جي رھاڪن ۽ سندن اڳواڻن انھيءَ کي نہ سڃاتو ۽ نڪي ھنن نبين جي ڪلام کي سمجھيو، جيڪو ھر سبت جي ڏينھن تي پڙھيو ويندو آھي. پر اٽلندو عيسيٰ تي فتويٰ جاري ڪري ھنن نبين جي چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪيو. 28#مت ۲۲‏:۲۷‎–۲۳، مر ۱۳‏:۱۵‎–۱۴، لو ۲۱‏:۲۳‎–۲۳، يو ۱۵‏:۱۹ جيتوڻيڪ انھن کي عيسيٰ جي مارائڻ جو ڪوبہ سبب نہ مليو، تنھن ھوندي بہ ھنن پلاطس کي عرض ڪيو تہ کيس مارائي ڇڏي. 29#مت ۵۷‏:۲۷‎–۶۱، مر ۴۲‏:۱۵‎–۴۷، لو ۵۰‏:۲۳‎–۵۶، يو ۳۸‏:۱۹‎–۴۲ جڏھن اھي سڀ ڳالھيون پوريون ڪيائون جيڪي صحيفي ۾ لکيل ھيون، تڏھن ھنن سندس لاش کي صليب تان لاھي قبر ۾ رکيو. 30پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو 31#رس ۳‏:۱ ۽ ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھو انھن کي ڏيکاري ڏيندو رھيو، جيڪي ساڻس گليل کان يروشلم تائين گڏ ھئا. اھي ھاڻي بني اسرائيل جي قوم آڏو سندس شاھد آھن. 32خدا جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو تنھن جي خوشخبري اسان آندي آھي، 33#زب ۷‏:۲ تہ ڪيئن خدا عيسيٰ کي جيئرو ڪري سندن اولاد يعني اسان جي لاءِ اھو واعدو پورو ڪيو، جيئن ٻئي زبور ۾ لکيل آھي تہ
’تون منھنجو فرزند آھين
۽ اڄ آءٌ تنھنجو پيءُ ٿيو آھيان.‘
34 # يس ۳‏:۵۵ باقي اھا ڳالھہ تہ خدا انھيءَ کي اھڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو ھو وري ٻيھر ڪڏھن بہ نہ مرندو، تنھن بابت لکيل آھي تہ
’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيل
پاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘ 35#زب ۱۰‏:۱۶ وري ھڪڙي زبور ۾ خدا کي چيو ويو آھي تہ
’تون پنھنجي پاڪ ٻانھي کي
ڳري سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.‘
36خدا پنھنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس ھٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. ھن کي پنھنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ ھن جو لاش ڳري سڙي ويو. 37پر جنھن کي خدا مئلن مان وري جيئرو ڪيو، تنھن جي ڳرڻ سڙڻ جي تہ نوبت ئي ڪين آئي. 38تنھنڪري اي ڀائرؤ! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ عيسيٰ جي طرفان اوھان اڳيان گناھن جي بخشش جو اعلان ڪجي ٿو، 39۽ جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻي ٿو سو خدا ڏانھن سچار بڻجي ٿو، جيڪو موسيٰ جي شريعت جي وسيلي سچار بڻجي نہ سگھي ھا. 40خبردار ٿجو تہ جيڪي نبين چيو آھي سو اوھان سان نہ ٿئي تہ
41 # حبق ۵‏:۱ ’اوھين، جيڪي ڌڪاريو ٿا،
سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو
۽ برباد ٿي وڃو،
ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان جي زماني ۾
ھڪڙو اھڙو ڪم ڪندس،
جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي بيان ڪري ٻڌائي
تہ اوھين مٿس ڪڏھن بہ ويساھہ نہ ڪندا.‘“
42جڏھن برنباس ۽ پولس يھودي عبادت⁠خاني مان ٻاھر نڪتا تہ ڪيترن ئي ماڻھن کين منٿون ڪيون تہ اھي وري ٻئي سبت جي ڏينھن تي اچي کين ڪجھہ وڌيڪ ٻڌائين. 43مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي يھودي ۽ سندن ديندار نوان مريد پولس ۽ برنباس جي پٺيان ھلڻ لڳا ۽ ھنن ساڻن ڳالھائي انھن کي تاڪيد ڪيو تہ ”خدا جي فضل تي قائم رھندا اچو.“
44ٻئي سبت جي ڏينھن تي اٽڪل پورو شھر خداوند جو ڪلام ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو. 45جڏھن يھودين ميڙ ڏٺا تہ حسد وٺي وين، سو ھو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالھائڻ لڳا ۽ ھن جي بي⁠عزتي ڪيائون. 46پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا. 47#يس ۶‏:۴۲، ۶‏:۴۹ ڇالاءِ⁠جو ھي حڪم خداوند جو آھي جيڪو اسان کي مليو آھي تہ
’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آھي،
تہ تون سڄي زمين جي ماڻھن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“
48جڏھن غير قومن اھا ڳالھہ ٻڌي، تڏھن ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي ڪلام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تن سڀني ايمان آندو.
49خداوند جو ڪلام انھيءَ علائقي ۾ ھنڌين ماڳين پکڙجي ويو. 50پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون. 51#مت ۱۴‏:۱۰، مر ۱۱‏:۶، لو ۵‏:۹، ۱۱‏:۱۰ تڏھن رسولن پنھنجي #پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏي: انھيءَ دور جي ھڪ رسم، جنھن مان مراد ڪنھن ڳالھہ کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ ساري ذميواري سندن مٿان ھجڻ جو اظھار ڪرڻ آھي.پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏي ۽ اِڪونيم شھر ڏانھن ھليا ويا. 52تنھن ھوندي بہ انتاڪيا جا شاگرد خوشيءَ ۽ پاڪ روح سان ڀرجندا رھيا.

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in