YouVersion Logo
Search Icon

2.ڪرنٿين 6

6
1اسين جيڪي خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آھيون، سي ھيءَ بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوھان تي ٿيو آھي سو اجايو نہ وڃايو. 2#يس ۸‏:۴۹ ڇالاءِ⁠جو خدا چوي ٿو تہ
”قبوليت جي وقت
مون اوھان جي ٻڌي،
۽ ڇوٽڪاري جي ڏينھن
مون اوھان جي مدد ڪئي.“ ڏسو، ھاڻي قبول پوڻ جو وقت آھي، ڏسو، ھاڻي ڇوٽڪاري جو ڏينھن آھي.
3اسين ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ ٿاٻڙجڻ جو وجھہ نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي خدمت مان عيب نڪري. 4پر ھر حالت ۾ پاڻ کي خدا جا خادم ڄاڻائڻ لاءِ اسين ڏاڍي صبر سان مصيبتن، ضرورتن ۽ تنگ حالتن کي منھن ٿا ڏيون. 5#رس ۲۳‏:۱۶ اسان کي چھبڪن سان ماريو ويو، قيد ڪيو ويو ۽ اسان تي حملو ڪيو ويو. اسان کان سخت محنت ڪرائي ويئي، اوجاڳا ۽ فاقا ڪڍايا ويا. 6تڏھن بہ پاڪيزگي، علم، بردباري، مھرباني، پاڪ روح جي موجودگي ۽ خالص محبت ذريعي اسان پاڻ کي خدا جو خادم ثابت ڪيو. 7اسين سچو ڪلام خدا جي قدرت سان ٻڌايون ٿا. حملي ۽ بچاءَ لاءِ اسان کي سچائيءَ جا ھٿيار آھن. 8اسان جي عزت بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ بي⁠عزتي بہ. اسان جي بدنامي بہ ڪئي وڃي ٿي ۽ نيڪنامي بہ. ڪي اسان کي ٺڳ سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ اسين سچار آھيون. 9اسين گمنام سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ مشھور آھيون. مُڙدن وانگر آھيون تڏھن بہ ڏسو، اسين جيئون پيا. اسين سزا کاڌل آھيون تڏھن بہ ماري وڌل نہ آھيون. 10اسين ڏک تہ سھون ٿا، پر تڏھن بہ ھميشہ خوش ٿا رھون. غريب سمجھيا وڃون ٿا تڏھن بہ گھڻن کي شاھوڪار ٿا ڪريون. سڃا⁠سکڻا آھيون تڏھن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آھي.
11اي ڪرنٿس جا دوستو! اسان کُليءَ طرح اوھان سان ڳالھايو آھي ۽ اسان جون دليون اوھان لاءِ ڪشاديون آھن. 12اوھان لاءِ اسان جون دليون تنگ نہ آھن، پر اوھان جي دلين ۾ اسان لاءِ تنگي آھي. 13ھاڻي آءٌ اوھان کي پنھنجا ٻار سمجھي چوان ٿو تہ اوھين بہ ساڳيءَ طرح پنھنجون دليون ڪشاديون ڪريو.
ايمان نہ آڻيندڙن جي اثر کان خبردار رھو
14جيڪي مسيح تي ايمان نہ ٿا رکن تن جو ساٿ نہ ڏيو، ڇالاءِ⁠جو سچائي ۽ بدڪاري ڪيئن گڏ رھنديون؟ يا روشني ۽ اونداھيءَ جي وچ ۾ ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ 15مسيح جي شيطان سان ڪھڙي برابري آھي؟ مسيح تي ايمان آڻيندڙ جو ايمان نہ آڻيندڙ سان ڪھڙو واسطو آھي؟ 16#لاو ۱۲‏:۲۶، حز ۲۷‏:۳۷، ۱.ڪر ۱۶‏:۳، ۱۹‏:۶ خدا جي گھر جو بتن سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ ڇالاءِ⁠جو اسين جيئري خدا جو گھر آھيون. جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ
”آءٌ انھن ۾ رھندس
۽ انھن ۾ گھمندس ڦرندس،
آءٌ انھن جو خدا ٿيندس
۽ ھو منھنجا ماڻھو ٿيندا.“ 17#يس ۱۱‏:۵۲ تنھنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ
”اوھين انھن مان نڪري اچو ۽ الڳ ٿي وڃو،
۽ ڪنھن بہ پليت شيءِ کي ھٿ نہ لايو،
تہ آءٌ اوھان کي قبول ڪندس.
18 # ۲.سم ۱۴‏:۷، ۱.توا ۱۳‏:۱۷، يس ۶‏:۴۳، ير ۹‏:۳۱ آءٌ اوھان جو پيءُ ٿيندس
۽ اوھين منھنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا.
خداوند قادرِمطلق ائين ٿو فرمائي.“

Currently Selected:

2.ڪرنٿين 6: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in