YouVersion Logo
Search Icon

1.يوحنا 2

2
مسيح اسان جو مددگار
1منھنجا پيارا ٻارو، آءٌ ھي اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، تہ جيئن اوھين گناھہ نہ ڪريو. پر جيڪڏھن ڪو شخص گناھہ ڪري ٿو تہ پيءُ وٽ اسان جو ھڪڙو مددگار موجود آھي يعني عيسيٰ مسيح، جيڪو انصاف ڪرڻ وارو آھي. 2مسيح پاڻ اھڙي قرباني آھي، جيڪا اسان جا گناھہ کڻي وڃي ٿي، نہ رڳو اسان جا پر سڄي جھان جا گناھہ.
3جيڪڏھن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا. 4جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا کي سڃاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اھو شخص ڪوڙو آھي ۽ ھن ۾ سچائي اصل ڪانہ آھي. 5پر جيڪو ھن جي ڪلام تي عمل ڪري ٿو، تہ بيشڪ انھيءَ شخص ۾ خدا جي محبت ڪامل ٿي آھي. انھيءَ مان اسان کي يقين آھي تہ اسين خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھيون. 6جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويو آھيان.“ تنھن کي اھڙيءَ طرح ھلڻ گھرجي جھڙيءَ طرح مسيح پاڻ ھلندو ھو.
نئون حڪم
7 # يو ۳۴‏:۱۳ پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان ڏانھن ڪو نئون حڪم نہ پر اھو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروعات کان وٺي اوھان وٽ ھو. ھي پراڻو حڪم اھو پيغام آھي، جيڪو اوھين ٻڌي چڪا آھيو. 8تڏھن بہ جيڪو حڪم آءٌ اوھان ڏانھن لکي رھيو آھيان، سو نئون آھي. انھيءَ جي سچائي مسيح ۽ اوھان ٻنھي ۾ ڏسجي ٿي. ڇاڪاڻ⁠تہ اونداھي گذرندي ٿي وڃي ۽ حقيقي روشني اڳي ئي چمڪي رھي آھي.
9جيڪو دعويٰ ٿو ڪري تہ ”آءٌ روشنيءَ ۾ آھيان.“ پر پنھنجي ھم⁠ايمان سان دشمني ٿو ڪري، سو اڃا تائين اونداھيءَ ۾ آھي. 10جيڪو پنھنجي ھم⁠ايمان سان پيار ٿو ڪري، سو روشنيءَ ۾ ٿو رھي ۽ ھن ۾ اھڙي ڪابہ شيءِ نہ آھي جيڪا کيس گمراھہ ڪري. 11پر جيڪو پنھنجي ھم⁠ايمان سان دشمني ٿو ڪري، سو اوندھہ ۾ آھي ۽ اوندھہ ۾ گھمي ٿو. کيس خبر نہ آھي تہ ڪيڏانھن ٿو وڃان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوندھہ سندس اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو آھي.
12اي منھنجا پيارا ٻارؤ! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ ٿو لکان، جو مسيح جي نالي جي ڪري اوھان جا گناھہ معاف ڪيا ويا آھن. 13اي پوڙھؤ! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي.
اي نوجوانو! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، جو اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو.
14اي پيارا ٻارؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان پيءُ کي سڃاتو آھي.
اي پوڙھؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي.
اي نوجوانو! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھين مضبوط آھيو ۽ خدا جو ڪلام اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو.
دنيا سان پيار نہ ڪريو
15نہ دنيا سان پيار ڪريو، نڪي انھن شين سان جيڪي دنيا جون آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي دنيا سان پيار آھي تہ انھيءَ ۾ پيءُ جو پيار ڪونہ آھي. 16ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي ڪجھہ دنيا جو آھي، يعني خراب انساني خواھش، نظر جو گناھہ، دنياوي مغروري، سي پيءُ جي طرفان نہ آھن پر دنيا جي طرفان آھن. 17دنيا ۽ سندس موھيندڙ شيون فنا ٿينديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب ھلي ٿو تنھن کي دائمي زندگي ملي ٿي.
مسيح جا دشمن
18پيارا ٻارؤ! ھي آخري وقت آھي. جيئن تہ اوھان ٻڌو آھي تہ مسيح جو ھڪ دشمن اچڻ وارو آھي، تيئن ئي ھاڻي مسيح جا ڪيترا ئي دشمن ظاھر ٿي چڪا آھن، جنھن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ھيءُ ئي آخري وقت آھي. 19مسيح جا اِھي دشمن نڪتا تہ اسان منجھان ئي آھن، پر حقيقت ۾ اھي اسان منجھان نہ ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪڏھن ھو اسان منجھان ھجن ھا تہ اسان سان گڏ رھن ھا. ھو اسان کي انھيءَ لاءِ ڇڏي ويا تہ جيئن ظاھر ٿئي تہ انھن مان ڪنھن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ ھو.
20اوھان ۾ پاڪ روح وڌو ويو آھي، تنھنڪري اوھان سڀني کي سچائيءَ جي خبر آھي. 21مون اوھان ڏانھن ھن ڪري نہ لکيو آھي تہ اوھين ڪي سچ کان بي⁠خبر آھيو. اوھين تہ چڱيءَ طرح سچ کي ڄاڻو ٿا، پر مون انھيءَ لاءِ لکيو آھي تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري.
22تہ پوءِ ڪير ڪوڙو آھي؟ سواءِ انھيءَ جي جيڪو انڪار ڪري چوي ٿو تہ ”عيسيٰ اھو مسيح نہ آھي.“ اِھو ئي مسيح جو دشمن آھي، ڇوتہ ھو پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي جو انڪار ڪري ٿو. 23جيڪو فرزند کي مڃي ٿو تنھن وٽ پيءُ بہ آھي، پر جيڪو فرزند کي نہ ٿو مڃي تنھن وٽ پيءُ بہ نہ آھي. 24جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا. 25ھيءُ اُھو واعدو آھي جيڪو مسيح اسان سان ڪيو آھي، يعني دائمي زندگي. 26مون ھي ڳالھيون اوھان ڏانھن انھن ماڻھن بابت لکيون آھن، جيڪي اوھان کي گمراھہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. 27پر اوھان ۾ تہ مسيح پاڪ روح وڌو آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھان کي انھيءَ ڳالھہ جي ضرورت ڪانھي تہ ڪو اوھان کي سيکاري. پر ھن جو پاڪ روح اوھان کي سڀني ڳالھين بابت سيکاري ٿو. اھو سچو آھي ۽ ڪوڙو ڪونھي. جيئن ھن اوھان کي سيکاريو آھي، تيئن اوھين مسيح ۾ قائم رھندا اچو.
خدا جا ٻار
28ھاڻي اي ننڍڙا ٻارؤ! مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي قائم رھندا اچو تہ جڏھن ھو ظاھر ٿئي، تڏھن اسان کي ھمت ھجي ۽ اسين سندس اچڻ مھل ھن جي اڳيان شرمندا نہ ٿيون. 29اوھين ڄاڻو ٿا تہ خدا سچار آھي، تہ پوءِ اھا بہ خبر اٿوَ تہ جيڪوبہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو ھن مان پيدا ٿيو آھي.

Currently Selected:

1.يوحنا 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy