YouVersion Logo
Search Icon

طيطس 1

1
1هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جو ٻانهو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن ايمان ۾ مضبوط رهڻ لاءِ خدا جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري. 2انهيءَ ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين دائمي زندگي ملي آهي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن ازل کان ئي انهيءَ زندگيءَ جو واعدو ڪيو آهي. 3هاڻ مناسب وقت تي هن پنهنجي انهيءَ پيغام کي تبليغ جي وسيلي ظاهر ڪيو. اها تبليغ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي حڪم سان مون پولس جي حوالي پڻ ڪئي ويئي.
4 # 2.ڪر 8‏:23، گل 2‏:3، 2.تيم 4‏:10 هي خط آءٌ تو طيطس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو ايمان رکڻ جي لحاظ کان منهنجو سچو پٽ آهين.
شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
ڪليسيائن لاءِ اڳواڻ مقرر ڪرڻ بابت طيطس جي ذميواري
5مون تو کي ڪريتي ٻيٽ ۾ انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو تہ تون باقي رهيل ڳالهين کي درست ڪري ڇڏين ۽ جيئن مون تو کي هدايت ڪئي هئي، تيئن هر شهر جي ڪليسيا ۾ اڳواڻ مقرر ڪرين. 6#1.تيم 3‏:2‏-7 هر اڳواڻ اهڙو هجي جنهن تي ڪو الزام نہ هجي ۽ هو پنهنجيءَ زال سان وفادار هجي. هن جي ٻارن جي هلت چلت ايمان وارن جي لائق هجي ۽ بدچاليءَ ۽ گستاخيءَ جي تهمت کان پاڪ هجن. 7انهيءَ جو سبب هي آهي تہ نگهبان کي جيئن تہ ڪليسيا ۾ خدا جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي. 8اٽلندو هو مهمان‌نواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پاڪيزہ ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ هجي. 9هن لاءِ لازمي آهي تہ جيڪو ڀروسي وارو پيغام سيکاريو وڃي ٿو تنهن تي قائم رهي، تہ جيئن هو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ۽ مخالفن جو وات بہ بند ڪري سگھي.
10انهيءَ جو سبب هي آهي جو گھڻا ئي ماڻهو، خاص ڪري اهي جيڪي طهر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڀرين، سي فسادي، اجائي بڪ بڪ ڪندڙ ۽ دغاباز آهن. 11انهن جو وات بند ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻهو لالچ جي خاطر اهڙيون ڳالهيون سيکاري گھرن جا گھر بگاڙي ٿا ڇڏين، جيڪي کين نہ سيکارڻ گھرجن. 12ڪريتين جي ڏاهن مان هڪڙي تہ ايتري تائين بہ چيو آهي تہ ”ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، وحشي جانور ۽ نڪما پيٽو هوندا آهن.“ 13سندس اها شاهدي سچي آهي، تنهنڪري انهن کي سختيءَ سان تنبيهہ ڪندو ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿي وڃي 14۽ اهي يهودين جي هٿرادو ڪهاڻين يا انهن ماڻهن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين جيڪي سچ کان منهن ٿا موڙين. 15پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن، پر جيڪي پليت ۽ ايمان نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پاڪ ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي پليت آهن. 16اهي خدا کي ڄاڻڻ جي دعويٰ تہ ڪن ٿا، پر سندن عمل انهيءَ جي ابتڙ آهن. اهي نفرت جوڳا، نافرمان ۽ ڪنهن نيڪ ڪم ڪرڻ جي لائق نہ آهن.

Currently Selected:

طيطس 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in