YouVersion Logo
Search Icon

رومين 4

4
ابراهيم جو مثال
1هاڻ آءٌ ابراهيم جو مثال ڏيندس، جيڪو جسماني طور اسان جو ڏاڏو آهي، تہ هو ڪيئن خدا ڏانهن سچار بڻيو. 2جيڪڏهن ابراهيم پنهنجي عملن جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻيو هجي ها تہ پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ها. پر خدا جي حضور ۾ پاڻ تي فخر ڪرڻ جو وٽس ڪو سبب نہ هو، 3#پيد 15‏:6، گل 3‏:6ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، تنهنڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ 4جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪري ٿو تہ ان جو بدلو بخشش نہ پر حق ٿو ڪري ليکجي. 5جڏهن تہ جيڪو ماڻهو ڪم نہ ٿو ڪري، پر خدا تي ايمان آڻي ٿو، جيڪو پاڻ کان پري رهندڙن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو تہ هن جو اهو ايمان سندس سچائي ڪري ٿو ليکجي. 6جنهن ماڻهوءَ کي سندس عملن کان سواءِ ئي خدا پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو ليکي، تنهن کي دائود بہ هيئن سڀاڳو ٿو سڏي تہ
7 # زب 32‏:1‏-2 ”سڀاڳا آهن اهي، جن جا ڏوهہ خدا معاف ڪيا آهن،
۽ جن جا گناهہ بخشي ڇڏيا اٿائين.
8هائو، سڀاڳا آهن اهي جن جا گناهہ
خداوند ليکي ۾ ڪين ٿو آڻي.“
9ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جيڪي طهريل آهن؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جيڪي طهريل نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابراهيم جي ايمان رکڻ جي ڪري ئي خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو. 10ابراهيم جي اها سڀاڳائي ڪڏهن ليکي ويئي؟ سندس طهر ڪرائڻ کان اڳ ۾ ليکي ويئي يا پوءِ؟ اها ابراهيم جي طهر ڪرائڻ کان پوءِ نہ، پر اڳ ۾ ليکي ويئي هئي. 11#پيد 17‏:10 ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻ‌طهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو. 12ان سان گڏوگڏ هو انهن طهريلن جو بہ پيءُ آهي، جيڪي نہ رڳو طهريل آهن پر ايمان واري اهڙي زندگي گذارين ٿا جهڙي اسان جي پيءُ ابراهيم طهر کان اڳ واريءَ حالت ۾ گذاري.
خدا جو واعدو ايمان جي وسيلي
13 # پيد 17‏:4‏-6، 22‏:17‏-18، گل 3‏:29 ابراهيم ۽ سندس اولاد سان خدا اهو واعدو ڪيو هو تہ هو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر اهو واعدو انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراهيم شريعت تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن ايمان آندو ۽ ائين خدا ڏانهن سچار بڻايو ويو. 14#گل 3‏:18 جيڪڏهن دنيا جي وارث بڻائڻ جو واعدو خدا انهن سان ڪيو هجي ها جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا، تہ پوءِ خدا تي ايمان آڻڻ اجايو ۽ سندس واعدو بيڪار ٿي پوي ها. 15ڳالهہ اها آهي تہ شريعت تہ خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آهي اتي انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪهڙي؟
16 # گل 3‏:7 تنهنڪري اهو واعدو ايمان رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو خدا جي فضل جي بخشش هجي، جيڪو ابراهيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ شريعت آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابراهيم وانگر ايمان آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابراهيم اسان سڀني جو پيءُ آهي، 17#پيد 17‏:5 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابراهيم! مون تو کي گھڻين قومن جو پيءُ بڻايو آهي.“ اهو واعدو سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابراهيم جو ايمان انهيءَ خدا تي هو، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن. 18#پيد 15‏:5 ابراهيم نااميديءَ جي حالت ۾ بہ اميد رکي خدا تي ايمان رکيو ۽ گھڻين قومن جو پيءُ بڻيو، جيئن خدا واعدو ڪيو هئس تہ ”تو کي ايترو ئي گھڻو اولاد ٿيندو.“ 19#پيد 17‏:17 جيتوڻيڪ سندس عمر اٽڪل هڪ سؤ سال هئي ۽ ڄاتائين ٿي تہ سندس مرداڻي طاقت اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪي آهي ۽ سارہ ۾ بہ ڄڻڻ جي اميد ڪانہ هئي، تنهن هوندي بہ ابراهيم جو ايمان ڪمزور نہ ٿيو 20۽ خدا جي واعدي تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيائين. اٽلندو هو ايمان ۾ وڌيڪ پڪو ٿي خدا جي واکاڻ ڪندو رهيو. 21هائو، هن کي پورو يقين هو تہ خدا جيڪو واعدو ڪيو آهي تنهن کي پوري ڪرڻ جي قدرت بہ رکي ٿو. 22اهو ئي سبب هو جو خدا ابراهيم کي سندس ايمان رکڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو. 23اهي لفظ تہ ”پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو،“ رڳو ابراهيم لاءِ لکيل نہ آهن، 24پر اسان لاءِ بہ لکيل آهن، جن کي خدا پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ انهيءَ خدا تي ايمان آڻيون ٿا جنهن اسان جي خداوند عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو. 25#يس 53‏:4‏-5 اسان جي گناهن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيئرو ڪيو ويو.

Currently Selected:

رومين 4: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in