مڪاشفو 3:9-4
مڪاشفو 3:9-4 SB
انهيءَ دونهين مان ماڪڙ نڪري ڌرتيءَ تي آئي. ان کي ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري ڌرتيءَ جي وِڇُن کي آهي. انهيءَ ماڪڙ کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاهہ توڙي وڻن کي، بلڪ ڪنهن بہ ساوڪ کي نقصان نہ رسائجو. رڳو انهن ماڻهن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُهر لڳل نہ هجي.“





