مڪاشفو 5:6-6
مڪاشفو 5:6-6 SB
جڏهن گھيٽڙي ٽئين مُهر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساهواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“ تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو ڪارو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار جي هٿ ۾ اناج تورڻ واري تارازي هئي. مون ڄڻ تہ چئني ساهوارن جي وچ مان هي آواز ٻڌو تہ ”ڏڪار پيدا ڪر تہ جيئن هڪ ڏينهن جي مزدوريءَ جي عيوض رڳو هڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جَوَ ٿين. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“





