2
عيسيٰ مسيح جهڙو سڀاءُ رکو
1هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس محبت مان تسلي ٿئي ٿي، پاڪ روح سان صحبت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ رحمدلي حاصل آهي، 2تہ پوءِ منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪ دل ٿيو، هڪجهڙي محبت رکو، هڪ جان ٿيو ۽ همخيال رهو. 3ذاتي لالچ ۽ اجائي هٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، پر نماڻائيءَ سان هر ڪو ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجھي. 4اوهان مان هر هڪ رڳو پنهنجي باري ۾ نہ، پر ٻين جي باري ۾ بہ سوچي.
5اوهين اهڙو ئي سڀاءُ رکو جهڙو عيسيٰ مسيح جو هو.
6جيتوڻيڪ هو پاڻ خدا جي صورت هو،
تہ بہ هن خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي
زوريءَ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.
7اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين،
۽ ٻانهي جي صورت اختيار ڪري
انسانن جهڙو ٿي ويو.
8انساني شڪل ۾ ظاهر ٿي ڪري
هن پاڻ کي هيٺاهون ڪيو،
۽ ايتري قدر فرمانبردار رهيو
جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.
9تنهنڪري ئي خدا هن کي تمام گھڻو سربلند ڪيو،
۽ کيس اهو نالو عطا ڪيائين
جيڪو هر نالي کان اعليٰ آهي.
10 #
يس 45:23
اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جي نالي تي هر ڪو گوڏا کوڙي،
پوءِ اهو آسمان تي هجي يا زمين تي، يا وري هيٺ پاتال ۾ هجي،
11۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ
”عيسيٰ مسيح ئي خداوند آهي،“
تہ جيئن خدا پيءُ جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.
مسيح تي ايمان وارا دنيا لاءِ روشنيءَ مثل
12تنهنڪري اي منهنجا عزيزؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل ڇوٽڪاري جو مقصد پورو ٿئي. 13جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.
14سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رهو، 15#شر 32:5 تہ جيئن اوهين بيڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ گمراهہ ماڻهن جي هن دنيا ۾ خدا جا بيعيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آسمان ۾ ستارا 16۽ انهن منجھہ زندگيءَ جي پيغام تي قائم رهو. اوهين انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندا رهو، تہ جيئن آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تي فخر ڪري سگھان تہ منهنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي. 17پوءِ ڀلي اوهان جي ايمان واري خدمت جيڪا هڪ قربانيءَ مثل آهي، تنهن تي جيڪڏهن مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آهيان ۽ اوهان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان. 18اوهين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏ خوشي ڪريو.
تيمٿيس ۽ اِپفروديتس
19مون کي اميد آهي تہ خداوند عيسيٰ جي مرضيءَ سان آءٌ تيمٿيس کي جلد اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ جيئن هن کان هڪٻئي جو حال احوال ٻڌي اوهان سان گڏ مون کي بہ دلجاءِ ٿئي. 20مون وٽ هن جهڙو ٻيو ڪوبہ همخيال ماڻهو ڪونهي، جنهن کي سچ پچ اوهان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي هجي. 21انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو عيسيٰ مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي. 22جڏهن تہ تيمٿيس جي اعتماد جوڳو ثابت ٿيڻ جي اوهان کي ڄاڻ آهي جو هن مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ جي ائين خدمت ڪئي آهي جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري. 23تنهنڪري جڏهن آءٌ ڏسندس تہ منهنجيون موجودہ ڳالهيون حل ٿي ويون آهن، تڏهن اميد اٿم تہ کيس هڪدم اوهان ڏانهن روانو ڪندس، 24بلڪ مون کي خداوند عيسيٰ تي ڀروسو آهي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.
25هن وقت آءٌ اهو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوهان ڏانهن موڪليان، جيڪو مسيح ۾ منهنجو ڀاءُ، همخدمت ۽ ساٿي سپاهي آهي. هي اوهان جو قاصد بہ آهي، جنهن کي اوهان منهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ خدمتگار طور مون ڏانهن موڪليو هو. 26آءٌ کيس انهيءَ ڪري واپس موڪليان ٿو جو اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ اٿس، بلڪ هو بيقرار ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو هو. 27هو ايتري قدر بيمار هو جو مرڻ تي هو. پر خدا مٿس رحم ڪيو، نہ رڳو هن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين. 28تنهنڪري مون کي اڃا بہ وڌيڪ خيال ٿيو تہ کيس جلدي اوهان ڏانهن موڪليان، تہ جيئن اوهين کيس وري ڏسي خوش ٿيو ۽ منهنجو فڪر بہ گھٽجي وڃي. 29سو خداوند عيسيٰ ۾ وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ هن جهڙن شخصن کي عزت ڏيندا رهجو، 30ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي خدمت خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي مرڻ تي هو. هن انهيءَ لاءِ ائين ڪيو تہ جيئن اوهان جي غير حاضريءَ سبب منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا ڪمي رهجي ويئي هئي، تنهن کي هو پورو ڪري.